اليڪٽرانڪ اجازت نامي کانسواءِ پرڏيهين جي مڪي شريف ۾ داخلا تي پابندي

سعودي حڪومت اليڪٽرانڪ اجازت نامي کانسواءِ پرڏيهين جي مڪي شريف وڃڻ تي اڄ کان ايندڙ حڪم تائين پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. سعودي حڪومت جي امن امان کاتي موجب بنا پرمٽ داخل ٿيندڙن کي سيڪيورٽي ڪنٽرول سينٽرز تي روڪيو ويندو. بنا پرمٽ جي مقدس شهر ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هوندي. کاتي جي ترجمان موجب اجازت نامي کانسواءِ مقدس شهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ پرڏيهين کي واپس ڪيو ويندو. هن چيو ته رڳو انهن پرڏيهين کي مڪي شريف ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي جن وٽ عمري يا حج اجازت نامن کانسواءِ لاڳاپيل ادارن مان جاري ٿيندڙ اجازت ناما آهن ته هو مڪي ۾ نوڪري ڪن ٿا يا وري سندس اقامو مڪي جي پاسپورٽ کاتي طرفان جاري ٿيل آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments