بلاگ

امداد حسيني جي نظم ”حملو“ جو جائزو مشتاق گبول  

امداد جي آزاد نظمن جو ترنم ۽ آهنگ، منفرد اسلوب، لفظي سٽاءَ ۽ موضوع نوان ۽ جديد دور جي نمائندگي ڪندڙ آهن. سندس آزاد نظمن جو علامتي ۽ استعاراتي نظام، سنڌيءَ نظم جي اسلوب ۾ انقلابي حيثيت رکي ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ رائج آزاد نظم جي روايتي تصور کي تبديل ڪري، هن اُن کي پنهنجي جوڙيل نئين روايت جو نئون ۽ اڻ ڇُهيل وسيع ميدان ڏنو، جيڪي هن جي جديد فني تجربن جا حسين نمونا آهن.

”سندس آزاد نظم ۽ اُن ۾ هيئت جا جديد تجربا توڙي معنوي

۽ علامتي اشارا سندس فن کي حياتِ دوام بخشي چُڪا آهن.“

                    (گرامي، مهراڻ 517:1969،1،2)

امداد جا ڪيترائي آزاد نظم، هڪ تخليقڪار جي شڪوه ۽ احتجاج جا مظهر ۽ نئين حسيت جا ترجمان آهن. هن جي آزاد نظمن جو دائرو وسيع ۽ آفاقي آهي. امداد جي نظمن ۾ استعاراتي ۽ علامتي نظام ذريعي جيڪا معنوي وسعت پيدا ٿي آهي، اهڙي معنوي وسعت ورلي ئي ڪنهن شاعر جي آزاد نظمن ۾ پيدا ٿي سگهي آهي.

امداد جا آزاد نظم ٻن ڪيفيتن، ٻن وارداتن ۽ ٻن ڪهاڻين ۾ ورهايل آهن. سندس نظم ”حملو“ ۾ به ٻه ڪيفيتون ۽ ڪهاڻيون آهن. پهرئين ڪيفيت ۽ ڪهاڻيءَ ۾ انساني تاريخ ۽ وقت جي جبر، مختلف ڪردارن تي ٿيندڙ  ظلم ۽ بربريت، انساني بيوسي، بي حسي ۽ شهر جو الميو نمودار ٿئي ٿو. ٻي ڪهاڻي نظم جي اندر مان علامتي ۽ استعاراتي نظام ذريعي جنم وٺي ٿي. جنهن ۾ تخليقڪار، وجود جي اذيت، پنهنجي ذات جي اڪيلائيءَ جا احساس سمائيندي پنهنجي شناخت جو متلاشي نظر اچي ٿو.

نظم ۾ اهميت ٻنهي ڪهاڻين جي آهي، پر نظم جو بنيادي محرڪ، وجودي اذيت، ذات جي تنهائي ۽ فرد جي شناخت آهي.

لافاني ۽ آفاقي حقيقتن ۾ پنهنجي وجود، پنهنجي تشخص، پنهنجي Identification، پنهنجي شناخت ڳوليندو آهي. تڏهن ئي هُو اهڃاڻنsymbols  جو سهارو وٺندو آهي.

                                 (سحر، 152:2008)

”حملو“ ۾ حق ۽ سچ تي ٿيندڙ وار، زندگيءَ جي حسين قدرن جي خاتمي ۽ وجودي اذيت جي اظهار سان گڏ فڪري بُلندي (آفاقيت ۽ عالمگيريت)، تهذيب، معاشري، تاريخ جي گهري شعور جي عڪاسي به ملي ٿي ۽ ماحول ۾ ڊوڙندڙ موت، خوف ۽ دهشت، حق ۽ سچ لاءِ قربان ٿيندڙ ڪردارن، عقيدي ۽ معاشري جي تنگ نظري، زندگيءَ جي حُسناڪيءَ جي خاتمي، بيوسي، بي حسي، تاريخ، وقت، خارجي حالتن جي جبر کي تخليقي رنگ ڏيڻ لاءِ هن آفاقي ۽ عالمگير، تاريخي، تهذيبي ۽ وجودي استعارن ۽ علامتن ذريعي نظم کي عصري شعور ڏئي ڇڏيو آهي.

وقت شبخون هڻي، تِيره شبيءَ جو خنجر،

دهر جي سينئه بيدار ۾ قبضي تائين،

حسبِ معمول هنيو صرف ڪري سڀ طاقت،

روئي ۽ چُپ ٿي وئي گنبذِ مسجد ۾ اذان،

مُورتي ٻُڌ جي مِيوزيم ۾ هئي اونڌي مُنهن،

بانسري ٽُڪرا هئي، چُپ هئا نوحا، نغما،

زهر کي پي ويو يونان جو ڏاهو انسان.

”وقت“ هتي ٻن معنائن ۾ ڪتب آيو آهي. هڪ معنيٰ ۾ وقت هڪ خوني ۽ حملي آور طور آيل آهي. وقت جو اهو خونخوار فلسفو، ٽين دنيا جي پُٺتي پيل سماجن ۾ حاڪم ۽ جابر قوتن ڏانهن آڱر سَڃي ٿو. وقت کي، حاڪم ۽ وحشي قوتن جي هٿن ۾ اوزار طور پيش ڪيو ويو آهي.

ٻي معنيٰ ۾ وقت جو تخليقي تصور پيش ڪيل آهي. جيڪو لمحي کي صدين ۾ ۽ صدين کي لمحي ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو. وقت جي هن تخليقي تصور کي دائميت حاصل آهي. وقت جو پهريون تصور، عارضي آهي، اهو ”قبضي“ تائين آهي ۽ قبضو هميشه عارضي وقت لاءِ هوندو آهي.

نظم ۾ وقت کي هڪ ڪردار طور پيش ڪيو ويو آهي. جنهن جا ٻه مختلف روپ ڏيکاريا ويا آهن. هن حصي ۾ بيان ڪيل حالتن جو ذميوار  ”وقت“ کي چيو ويو آهي. ڇو ته وقت جي ڦيري سان ئي زندگيءَ جون حُسناڪيون ختم ٿي چڪيون آهن. هتي وقت جبر طور ڪتب آيو آهي، جيڪو وقت بابت هڪ عام تصور آهي.

”تِيره شبيءَ جو خنجر“ هڪ اهڙو استعارو آهي، جيڪو اوندهه، ظلم ۽ بربريت جو اهڃاڻ آهي. اوندهه کي بقا ناهي، جيڪو وقت جي جبر کي ظاهر ڪري ٿو ۽ انسان جي بيوسيءَ کي به بيان ڪري ٿو. تاريخي شعور سان گڏ اهو احساس به آهي ته انسان جي وجود جو عذاب، تاريخ جي هر دور ۾ مختلف ڪردارن ذريعي روشني ۽ اوندهه جي ٻه واٽي تي بيٺل انسان جو مقدر رهيو آهي. اها عارضي ۽ ٿوري وقت لاءِ هوندي آهي. نظم ۾ فطرتي تبديلي ڏينهن رات (اوندهه، روشني) پنهان آهن. انساني استحصال جي ڪهاڻيءَ سان نظم جي ابتدا ٿي آهي. جنهن ۾ لفظ ”قبضو“ استحصالي ۽ ظالم قوتن جي عڪاسي ڪري ٿو. بعد ۾ نظم ۾ انساني استحصال ۽ وقت جي جبر کي بيان ڪيو ويو آهي. استحصالي قوتون مذهب، ذات پات، رنگ نسل ناهن ڏسنديون. اهي پنهنجي مفاد خاطر هر آواز کي دٻائي ڇڏينديون آهن. آواز ۽ ساز، زندگيءَ جي علامت آهن. ”آواز جو چُپ ٿيڻ“، ”بانسريءَ جو ٽُڪرا ٿيڻ“ ۽ نوحن ۽ نغمن جو چُپ هئڻ“، موت جهڙي ماٺار ۽ حملي جي شدت کي عيان ڪن ٿا. موت جهڙي ماٺار جي احساس ۽ تاثر کي اُڀاري شاعر نظم کي اڳتي وڌائي ٿو.

شهر جي لاش تان پئجي وئي ڪاري چادر،

۽ وڪوڙي وئي هر روح کي تاريڪيِ قبر،

هر طرف ڪاهي پيا درد ۽ تنهائيءَ جا ديوَ،

۽ گهٽين کي ائين ويساهه وسوڙل سمجهي،

آيا ويرانيءَ جا ڌاڙيل ۽ خاموشيءَ جا چورَ،

سرد ۽ تيز هوائن ٿي ڪڙا کُڙڪايا،

ته ڪو انسان به ٿئي شهر جي ماتم ۾ شريڪ،

ته ڪي چيخون به هجن جشنِ جهنم ۾ شريڪ.

شهر، نظم جو خاص ۽ اهم استعارو آهي. جنهن جي بنياد تي نظم جي عمارت کڙي ڪئي وئي آهي. شهر جي استعاري جي اڳتي هلي اُکيل ڪبي.

نظم جي ابتدا ”تِيره شبيءَ جو خنجر“ سان ٿي هئي، هن حصي ۾ نظم ”ڪاري چادر“ جي استعاري تائين پهتو آهي.

”تنهائيءَ جا ديوَ،“ ويرانيءَ جا ڌاڙيل،“ ۽ ” خاموشيءَ جا چور“ جهڙن استعارن سان اڪيلائي، ويراني ۽ خاموشيءَ جي انتها کي پينٽ ڪيو ويو آهي. متحرڪ زندگيءَ کي جامد بڻائي، اڪيلائي، ويراني ۽ خاموشي ۽ حملي جي تصور کي شدت سان اُڀاريو ويو آهي. شاعر، پنهنجي اندر جي تنهائي ۽ وجود جي اذيت کي فني ڪاريگريءَ سان بيان ڪيو آهي.

در ۽ ديوار جي خاموشيءَ کي ٽوڙڻ خاطر،

صرف ٽاور جي ٺڪائن ٿي مٿو ٽڪرايو،

بيوهه چوواٽي تي بيٺا رهيا انڌا سگنلز،

پنهنجو ئي ماس پٽيندا رهيا پاگل ڪُتا!

۽ الائي ڪٿي پيرن جا سُمهي پيا آواز،

۽ الائي ڪٿي چوڙين جا مري ويا نغما،

۽ الائي ڪٿي سينن ۾ اُجهامي وئي دل،

۽ الائي ڪٿي اکڙين جا سُڪي ويا جَهرڻا،

۽ الائي ڪٿي برباد هئا سونهن ۽ سچ، سوز ۽ ساز،

هار سينگار چتائن ۾ جلي رک ٿي ويا،

۽ الائي ڪٿي جَهلجي ويا هن شهر جا مرد،

۽ الائي ڪٿي رقاصا جا مدهوش قدم،

تڙپندا رقص ڪندا جاڳندا سمهندا کلندا،

قيد خانن ۾ اُجهامي ويا سُڏڪي سُڏڪي،

۽ الائي ڪٿي رنگن جو سُمهي پيو جاڳڻ،

۽ الائي ڪٿي خوشبوءَ جو هِنيو ڦاٽي پيو،

شاهي رستن تي سڙيل تيز گٽر جي بدبُو،

اهڙي دوزخ جي انڌيرن ۾ کڻي ڪير پساهه،

۽ الائي ڪٿي ساقيءَ جون اکيون روئي پيون،

۽ الائي ڪٿي پيماني کي آئي اُلٽي،

رات جلاد هئي، پيئندي رهي خونِ شراب،

رات قاتل هئي، مردود هئي، قهر هئي،

رات ظالم هئي، سنگين هئي، زهر هئي،

شهر جي موت تي ڪو پار ڪڍڻ وارو نه هو،

ڪو رُئڻ وارو نه هو، ڪو به رُئڻ وارو نه هو.

نظم جي هن حصي ۾ ماضيءَ جو ذڪر، حال جي حقيقت کي واضح ڪري ٿو. جنهن سان نظم جي فڪري حيثيت جو تعين به ٿئي ٿو. هتي وقت، متڪلم جي يادگيري آهي. هڪ اهڙي يادگيري، جيڪا انفرادي ته آهي ئي، پر اجتماعي به آهي. ان لاءِ اها يادگيري فردِ واحد (متڪلم) کان ٿي شهرن ۽ قومن جي تقدير جو الميو بڻجي وئي آهي.

شاعر رات جو جيڪا پيڙا ڀوڳي آهي، ان پيڙا کي ڪنهن واردات سان ملائي پيش ڪيو آهي. شهر هڪ استعارو آهي ۽ شهر جو موت هڪ ترڪيب آهي. جنهن ذريعي شاعر وجود جي پيڙا کي بيان ڪرڻ سان گڏ رات جي هڪ الميي کي اظهار جو وسيلو بڻايو آهي. هڪ اهڙي سنگين رات، جنهن ۾ موت جهڙي ويراني ۽ خاموشي آهي. ماڻهو ۽ گاڏيون نظر نه پيون اچن. ماڻهن ۽ گاڏين جي غير موجودگيءَ کي ”بيوهه چوواٽا“ ۽ ”انڌا سگنلز“ جي اميجري ۽ نين علامتن سان اظهاريو ويو آهي.

نظم ۾ شاعر پنهنجي وجود جي پيڙا کي شهر جي موت جهڙي خاموشيءَ سان ڀيٽي نوَن نوَن استعارن ذريعي تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.

”پيرن جي آوازن جو سُمهڻ،“ ”چوڙين جي نغمن جو مرڻ،“ ”سينن ۾ دل جو اُجهامڻ،“ ”اکين جي جهرڻن جو سُڪڻ،“ ”هار سينگار جو چتائن ۾ جلڻ،“ ”رنگن جو سُمهڻ،“ ”خوشبوءَ جو هِنيو ڦاٽڻ،“ ”دوزخ جا انڌيرا،“ ”پيمانن کي اُلٽي اچڻ،“ ۽ ”رات جو خونِ شراب پيئڻ“ جهڙا استعارا شهر جي خاموشيءَ ۽ ويرانيءَ کي سگهاري انداز ۾ پينٽ ڪري خوفناڪ ۽ هِنيانءُ ڏاريندڙ ماحول تخليق ڪن ٿا. ان ريت شاعر جي وجود جي اڪيلائي ۽ پيڙا، خارجي حقيقتن جو روپ وٺي ظاهر ٿئي ٿي.

امداد، شهر جي خاموشيءَ ۽ ويرانيءَ سان گڏ پنهنجي من جي دنيا جو نقشو پڻ چِٽيو آهي. هن جي ذات وکريل آهي. هُو پنهنجي پاڻ کي اڪيلو ۽ بيوس محسوس ڪري ٿو. هن جي ذات هڪ وڏي عذاب ۾ مبتلا آهي ۽ اڪيلائيءَ ۽ خاموشيءَ جو شڪار  ٿي رهي آهي. هن پنهنجي ذات جي اڪيلائي ۽ ڀوڳنا کي عصري شعور سان ملائي پيش ڪيو آهي. اهو الميو اها اڪيلائي ۽ پيڙا فرد جي ذات کان ٿي سموري دنيا جي شهرن جو الميو، خاموشي بڻجي چُڪي آهي.

نظم ۾ شاعر سماجي تهذيبي قدرن جي خاتمي کي يادگيريءَ جو حصو بڻائي، سماجي ۽ تهذيبي قدرن کي معنويت ڏني آهي. جنهن ۾ مختلف واقعن ۽ حالتن کي ماضيءَ جو قصو ڄاڻائي، حال جي الميي ۽ ماضيءَ جي سماجي ۽ تهذيبي تاريخ کي نئين رخ سان بيان ڪيو آهي.

نظم ابتدا ۾ ئي زمان ۽ مڪان جي قيد مان نڪري وڃي ٿو. نظم، عارضي وقت (حالت ۽ ڪيفيت) کان دائمي وقت ڏانهن، وحشت کان انسانيت ڏانهن، ويرانيءَ ۽ خاموشيءَ کان آبادي ۽ گوڙ ڏانهن، اونداهيءَ کان روشني ڏانهن ۽ مڪان کان لامڪان ڏانهن سفر ڪري ٿو. ان جاءِ جو ان ۾ عالمگيري عنصر ۽ آفاقي قدر آهن، پر اهم محرڪ فرد جي ڀوڳنا ۽  ان جي اڪيلائي آهي.

ڪير هن لاش کي زم زم سان اچي ڏيندو غسل،

ڪير هن لاش کي پارائيندو ڪعبي جو غلاف،

ڪير هن لاش کي سينگار ڪندو، پيار ڪندو،

ڪير هن لاش جي پيشانيءَ کي چُمندو رئندو،

ڪير هن لاش جو ديدار ڪندو آخري بار،

سرد رخسار تان وارن کي هٽائيندو ڪير،

ڪير هن لاش تي پائيندو گلن جي چادر،

عود لوبان جي خوشبوءَ کي جلائيندو ڪير،

ڪو ته هن شهر جو همدرد ۽ همدم هوندو،

ڪو ته هن شهر جو همراز ۽ ساٿي هوندو،

ڪو ته هن شهر جو معشوق ۽ جاني هوندو،

ڪا ته هن شهر جي دلبر جي جواني هوندي،

ڪا ته هن شهر جي عاشق جي نشاني هوندي،

ڪو ته هن شهر جي ٻالڪ جو تبسم هوندو،

ڪو ته هن شهر جي لوليءَ جو ترنم هوندو.

نظم ۾ شهر اهم استعارو آهي، جيڪو ظاهري معنيٰ ۾ هڪ ماڳ طور آيل آهي. نظم جي اصل جوهر مطابق  شهر محبت آهي، ڪو ماڻهو آهي، شناخت آهي. ڪو رشتو آهي، ڪو وشواس آهي، دل جي بربادي آهي يا هڪ دور آهي، جيڪو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. شهر جو موت، هڪ ماڳ جو خاتمو ناهي، پر هڪڙي تهذيب، هڪڙي دور جي پُڄاڻي آهي. اميد ۽ ويساهه جو خاتمو ئي شهر جو موت آهي. اهي سڀئي شيون مادي وجود نٿيون رکن ۽ مادي وجود رکندڙ انسان جون ئي آخري رسمون مذهبي رسمن مطابق ادا ڪيون وينديون آهن. ان لاءِ ئي ته شهر جي غُسل ڪفن کي موضوع بڻائي سوال اُٿاريا ويا آهن.

ٻي معني ٰ۾ شهر، زندگيءَ جي علامت طور آيو آهي. جيڪا پنهنجي اصل جوهر سميت ختم ٿي چڪي آهي. شهر جو مرڻ، زندگيءَ جي جوهر جي خاتمي ڏانهن اشارو آهي. زندگي پنهنجي جوهر سميت زوال پذيريءَ جي آخري ڏاڪي تي پهچي پنهنجي عظمت وڃائي ويٺي آهي. وقت جي جبر ۽ سفاڪيءَ جو عڪس به نظم ۾ موجود آهي.

نظم ۾ معنيٰ پويان معنيٰ لڪل آهي. ان لاءِ شهر جي ڪابه هڪ معنيٰ نٿي ٿي سگهي، اهو هڪ لفظ ڪيترن ئي معنائن ۾ ورهايل آهي. هڪ لفظ ۾ معنائن جو هڪڙي پوري دنيا سمائڻ، امداد جي تخيل جو ڪرشمو آهي.

نظم جي هن حصي ۾ لاش جي غُسل ۽ ڪفن جي موضوع کي عقيدي ۽ تهذيبي قدرن، ريتن ۽ رسمن جي لحاظ کان ورتايو ويو آهي.

نظم ۾ شهر جي لاوارثي، ڪنهن شيءِ جي خاتمي جي اذيت کي پيش منظر طور بيان ڪيو ويو آهي ۽ پسمنظر ۾ (جنهن ۾ نظم جو اصل جوهر پوشيده آهي) تخليقڪار جي اذيت ۽ اڪيلائپ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.

شهر جي لاوارثي ۽ ويراني هڪ طرف شاعر جي اذيت جو سبب آهي ته ٻئي طرف هڪ تخليقي عمل آهي. نظم جي هن حصي ۾ لاوارثيءَ، ويرانيءَ، پنهنجي ذات جي تنهائيءَ ۽ اڪيلائيءَ کي تخليقي وجود ڏنو  ويو آهي.

نظم جي هن حصي ۾ شاعر پنهنجي اصل ڏانهن مراجعت آهي. دراصل شهر جو درد، هن جي ذات جو درد آهي. نظم ابتدا ۾ زمان ۽ مڪان جون سرحدون لتاڙي، پوري دنيا جو سفر ڪري، پنهنجي اصل ڏانهن موٽي ٿو. نظم ۾ ڪٿي به هُو پنهنجي اصل کان ڇڳو ناهي.

نظم شاعر جي وجود جي پيڙا آهي، جنهن کي هن وجودي پيڙا مان ڪڍي حقيقت جو روپ ڏنو آهي، پر نظم جي تخليق جو اصل محرڪ شاعر جي وجود جو اذيت ناڪ احساس آهي. هن پنهنجي وجود جي ڪرب کي نئين معنيٰ ڏني آهي. نظم ۾ ڪجهه وڃائڻ ۽ محروميءَ جو احساس به پسمنظر ۽ پيش منظر ۾ سِڌي ۽ اڻ سِڌي طرح موجود آهي.

ظاهري طور نظم ۾ شهر، زندگيءَ جي علامت طور آيل آهي. شهر جي سُڃاڻپ، تحرڪ آهي ۽ تحرڪ ئي زندگيءَ جي موجودگيءَ جو احساس ڏياري ٿي. تحرڪ سان ئي شهر جي بي جان جسم ۾ ساهه پئجي وڃي ٿو. تحرڪ، زندگيءَ جو روح يا جوهر آهي. جنهن کانسواءِ شهر، لاش وانگي مُئل حالت ۾ پيل آهي.

نظم جو اصل جوهر، پنهنجي علامتي ۽ استعاراتي نظام ۾ لڪل آهي.

ٿورڙي دير کانپوءِ… قيد جي ڪوٺين مان ڪڍي،

چنڊ ويچاري کي زنجير ستارن جي وجهي،

رسن ۽ دار فلڪ تي وري لڙڪايو ويو،

۽ وري لاٿو ويو ياد جي تابوت ۾ ذهن،

دل جي بغداد کي تاتاري لُٽيندا ئي رهيا،

سنڌ جي سينڌ ۾ پئجي وئي گهوڙا گهوڙا،

مست اکڙين جي جميلا ۾ نه ڪو لُڙڪ نه مُرڪ،

خون ۾ لال هو سيني جو مقدس ڪانگو،

هيرو شيما تي وسايا ويا ايٽم جا دجال،

آرفوئن جي ثريا کي ملي ويئي طلاق،

شوخ جوڀن جي ڪنيڊيءَ کي لڳي وئي گولي،

تاج محلن جا ڪنول ديپ سويرن کي رُنا.

هن حصي ۾ تخيل ۽ تصور جي سگهه سان نظم ابتدا وانگر پاڻ ۾ عالمگيريت سمائي، خونخوار، ظالم ۽ سفاڪ قوتن کي ظاهر ڪيو آهي. شاعر وقت جو تخليقي ۽ تاريخي تصور ڏنو آهي. هر سِٽ سان دور ۽ زمانو تبديل ٿئي ٿو. هر سٽ کي هڪ الڳ تاريخي تسلسل آهي. هر سِٽ ظالم ۽ سفاڪ قوتن کي اُگهاڙو ڪري مظلوم تي ٿيندڙ ظلمن جو هڪ الڳ داستان رکندڙ آهي.

هن حصي ۾ نظم پنهنجي مرڪزي خيال ڏانهن موٽ کائي ٿو. ”ياد جي تابوت ۾ ذهن لاهڻ“ کانپوءِ نظم هڪ طرف تاريخ ڏانهن سفر ڪري ٿو ته ٻي طرف شاعر جي وجود جي اذيت جي انتها جو عڪس چِٽي ٿو. هن حصي جون علامتون ۽ استعارا هڪ طرف عالمي تاريخي واقعن کي بيان ڪن ٿا ته ٻئي طرف شاعر جي وجود جي پيڙا به بيان ڪن ٿا. علامتي ۽ استعاراتي نظام کي ٻن حصن ۾ فني ڪاريگريءَ سان ورهايو ويو آهي.

”مست اکڙين جي جميلا ۾ لُڙڪ يا مُرڪ نه هئڻ،“ ”دل جو بغداد،“ ”سيني جو مقدس ڪانگو،“ ”آرزوئن جي ثريا کي مليل طلاق،“ ۽ ”شوخ جوڀن جي ڪنيڊيءَ کي گولي لڳڻ“ جهڙا استعارا شاعر جي وجود جي اذيتناڪ گهڙين جي انتها جا عڪس آهن. هن حصي ۾ شاعر پنهنجي پيڙا سان گڏ پوري دنيا جي اذيت کي ڀوڳي ٿو. دنيا جي درد کي پنهنجو درد سمجهي، مظلوم جو ڀرجهلو ٿي بيٺو آهي. تڏهن ته الياس عشقي هن نظم کي انٽرنيشنل ڪوٺيو هو:

مان اهو ٿو چوان ته هي انٽرنيشنل نظم آهي. بين الاقوامي

 خيالات آهن هن ۾، ۽ هي محدود ڪونهي. عشقي، 221:2012)

نظم ۾ شامل تاريخي حوالن کي جهاتي پائي ڏسنداسين ته خبر پوندي ته، تاتارين بغداد تي 1258ع تي حملو ڪيو هو. حملي ۾ انسانيت جون سڀ حدون اورانگهيون ويون. بغداد اُن وقت علم ۽ ادب جو مرڪز هو. هڪ تحقيق موجب ان وقت بغداد ۾ هڪ هزار تحقيقي مرڪز علمي موضوعن تي کوجنا ڪري رهيا هئا. اهي سڀ تحقيقي مرڪز ختم ڪري، سموري علم ۽ ادب کي دريا حوالي ڪيو ويو هو.

نادر شاهه افغاني، احمد شاهه ابدالي ۽ مدد علي پٺاڻ جي دور ۾ سانڌ تي جيڪي حملا ٿيا، جيڪا قتل و غارت ٿي ”گهوڙا گهوڙا“ انهيءَ تاريخي پسمنظر ۾ آيل آهي.

”ڪانگو“ ۾ رجعت پرست ليڊر ”شومبي“ سامراجي ٽيڪر تي ”لُمَمبا“ کي ماريو ويو. لُمَمبا 1960ع ۾ ڪانگوءَ جو پهريون وزيراعظم ٿيو هو. هن جو تختو اونڌو ڪري کيس 1961ع ۾ قتل ڪيو ويو. ”سيني جو مقدس ڪانگو“ جهڙي سِٽ، ان مظلوم جي ياد تازي ڪري ڇڏي ٿي.

ٻي عالمي جنگ ۾ آمريڪا 1945ع ۾ جاپان جي شهر هيرو شيما تي ايٽم بم اُڇلايو. انهيءَ ايٽمي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ چاليهه هزار ماڻهو مارجي ويا هئا.

جان ايف ڪينيڊي آمريڪا جو نوجوان صدر هو، جنهن کي جوڀن رُت ۾ 1963ع ۾ گوليءَ جو کاڄ بڻايو ويو هو.

نظم ۾ آيل تاريخي واقعا، مظلوميت جي ڪٿا آهن. جن کي نظم ۾ نهايت ئي آرٽ ۽ ڪاريگريءَ سان اُڻيو ويو آهي.

نظم جا استعارا هڪ پاسي مظلوم ڪردارن جي عڪاسي ڪن ٿا ته ٻئي پاسي شاعر جي ذات جي اذيت کي شدت سان بيان ڪن ٿا.

نظم جي هن حصي تي اچي سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر اهو سڀ ڪجهه شاعر ڪهڙي مقصد خاطر بيان ڪري رهيو آهي. ان جو جواب نظم جي آخري سِٽن ۾ ملي ٿو. آخري سِٽن ۾ نظم جو مرڪزي خيال واضح ٿئي ٿو:

هر گنهگارِ محبت جو اهو ئي انجام!

هر طرفدارِ صداقت تي اها ئي تهمت!

هر وفادارِ محبت تي اهو ئي الزام!

نظم جي پُڄاڻي، جنهن حيرت سان ڪئي وئي آهي، اُتان ئي نظم نئون جنم وٺي، نئين سر شروع ٿئي ٿو. نظم جي پُڄاڻي ئي، نظم جي ابتدا آهي. ڇو ته ڪنهن به شاهڪار ۽ عظيم تخليق جي پُڄاڻي نٿي ٿئي، بلڪه ان جي پُڄاڻيءَ ۾ ئي ان جي ابتدا پنهان هوندي آهي. نظم جون آخري سٽون شاعر جي اذيت، مجبوري ۽ بيوسيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون. نظم جي آخري سٽن جي شروع ۾ ”هر“ لفظ جون تارون وڃي تاريخي واقعن ۽ ڪردارن سان ملن ٿيون. نظم فڪر سان گڏ فني ڪاريگريءَ جو به شاهڪار آهي. هر لفظ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪردار، واقعي، جذبي يا احساس سان ڪو نه ڪو نسبت ڏنل آهي. نظم ۾ شاعر متڪلم جي صورت ۾ زمان ۽ مڪان کان ماورا ٿي پنهنجي ذات جي اڪيلائي ۽ وجودي واردات جي نمائندگي ڪئي آهي. ٻي معنيٰ ۾ شاعر تخليقي سطح تي آفاقيت، عالمگيريت، وجوديت، نيو تاريخيت، حالتن، واقعن ۽ منظرن ذريعي محبت، صداقت ۽ وفا جي موٽ ۾ ان جي انجام جو تصور تشڪيل ڏنو آهي.