بلاگ

دانشور ٿيڻ جو شارٽ ڪورس ۽ شارٽ ڪٽ! شوڪت لوهار  

اهو اسان عام طور تي ڏٺو آهي ته گهڻن شعبن ۾ وڏيون ڊگريون حاصل ڪرڻ بجاءِ، ڪجهه ننڍڙا ننڍڙا هڪ ڏينهان، هڪ هفتي جا، مهينن ۽ ڇهن مهينن جا شارٽ ڪورس ڪرايا ويندا آهن ۽ کوڙ دوست اهي شارٽ ڪورس ڪري پنهنجي سکيي ستابي زندگي گذاري رهيا آهن، اهي هاڻ روبي ۽ ارشاد جي گاني مان مزو وٺي رهيا آهن. هرو ڀرو وڏيون وڏيون ڊگريون ڪري مٿو اڇو ڪرڻ جي ايڏي ضرورت آهي ڪونه. جڏهن هڪ چئن سيڪنڊن تي ٻڌل وڊيو ”يي هم هين، يي هماري ڪار هي اور يهان هماري پارٽي هو رهي هي“ توهان کي راتون رات هڪ عام سادي ماڻهو مان سيليبرٽي بڻايو ڇڏي ته پوءِ هي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ وري اڌ صدي تائين ڪتب خانن ۾ اُٺ ڪتابن جا پڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. چونڊ اوهان جي پنهنجي آهي، مرضي جا مالڪ آهيو جيڪو وڻي ڪري سگهو ٿا، بهتر آهي ته ڪاميابي لاءِ ڪو شارٽ ڪٽ ۽ شارٽ ڪورس ڳوليو. ڇاڪاڻ ته جن ڊگهي جدوجهد، هڻ هڻان ۽ صدين تائين مٿا ڪُٽ پئي ڪئي آهي ان کي بس صرف تاريخ ئي ياد رکيو آهي ۽ اڄڪلهه تاريخ پڙهندو ڪير آهي. ماڻهن کي دنيا جي تاريخ سان ڪابه دلچسپي نه هوندي آهي، بلڪه هر ڪنهن سرڪاري ملازم کي مهيني جي تاريخ سان ايڏي محبت هوندي آهي جهڙي گڏهه کي اوڏ سان، هوميوپيٿڪ جو شارٽ ڪورس ڪريو، ماڻهو وڃي ڊاڪٽر ٿا ٿين، هر طرف کان، ڊاڪٽر صاحب ڊاڪٽر صاحب لڳي پئي آهي. اوهان رياضي جون ڏکيون مساواتون حل ڪندي ڪندي خود مساوات بڻجي ٿا وڃو، ڪوبه اوهان کي ڊاڪٽر نٿو سڏي! ڇو ته اوهان کي ڏانءُ ڪونهي، اوهان ۾ ڍنگ ناهي، محنت ڪرڻ جدوجهد ڪرڻ، وڏي ويڙهه ڪرڻ جي صد ئي ڪونه آهي. اهو دور ويو جڏهن راڻو اُٺ تي جيسلمير کان مومل کي ملڻ لاءِ مومل جي ماڙي تائين رسندو هو، هاڻ اهو ڪم واٽس ايپ ۽ زوم سان ٿي وڃي ٿو، بلڪه ڪجهه سالن کانپوءِ اهو به ختم ٿي ويندو ۽ ڪنهن به مومل کي ڪنهن راڻي جي ضرورت ئي نه پوندي.

ست سال ڊاڪٽري پڙهو، وري پنج سال سي سي ايس ڪريو، باقي بچندو ڇا قبر ۾ پير همراهه اڃان پڙهي پيو. وڃي ڪنهن هڻ کڻ ڊاڪٽر وٽ ڪلاڪ کن ڪم سکو پوءِ شهر ڳوٺ، واهڻ وستي جتي وڻي وڃي عاليشان اسپتال کوليو، مٺو ڳالهايو، مٺيون گوريون ڏيو، واسطا وڌايو، پوليس آفيسر ۽ وڏيرن، ننڍيرن جو مفت ۾ علاج ڪريو، غريب غربي جي کل لاهيو مجال آهي جو ڪير اوهان جو نالو ئي کڻي وٺي. هر پاسي کان ڊاڪٽر صاحب ڊاڪٽر صاحب لڳي پئي هوندي، نسخو آزمايو ڪم نه ٿئي ته برقي ٽپال ذريعي مون کي شڪايت ڪريو.

اوهان وانگر مون به وڏا وڏا خواب ڏٺا هئا، ايڏا وڏا جيڏو پيسيفڪ سمنڊ آهي، جيڏو برج العرب آهي، ڇا جا؟ دانشور ٿيڻ جا، دانش جي ور چڙهڻ جا، هن ضعيفي ۾ دانش مهدي سان ڪوبه تعلق ڪونه آهي، هو منهنجو ڀاءُ آهي، پر هو ايستائين وڻندو هو جيستائين هن ٽي وي تي اچڻ جي خودڪشي ڪونه ڪئي هئي. جڏهن کان ٽي وي تي ”صاحبو“ سان گڏ هن کي روبرو ڏٺم اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن ”صاحبو!“ ختم شد! گهڻي شهرت ماري يا کاري. مان عاشقي ٽو جي ڳالهه بلڪل به ڪونه ٿو ڪريان ۽ نه ئي منهنجو مطلب اهو آهي ته عامر لياقت کي پنهنجي اصليت ڏيکارڻ تي صدارتي ايوارڊ اڃان تائين ڇو نه ڏنو ويو آهي. مون کي اصل ننڍڙي لاڪون ڊمشور ٿيڻ جو وڏو شونق هو، اصل اوهان کي حقيقت ٻڌائيندي ٻڌائيندي منهنجي اکين مان لڙڪ لڙيو پون، پر مان به عاشق جيئان مجبور آهيان، اوهان کي سچ جي روبرو ضرور ڪندس. مان ننڍي لاڪون، گل ڦل، گلڙا وغيره ۾ سچار ڇوڪر جون آکاڻيون پڙهندو ۽ لکندو دانشوري ڏانهن وکون وڌائي رهيو هئس، ٻيا ٻار اسڪول ۾ پيا راند روند ڪندا هئا، تڏهن به مان کٽ هي کٽ آهي، پڳ هي پڳ آهي، جُتي پاءُ جهاز ڏس، سنهي ڇوڪري، سنها اکر لک، سوير سُمهج، سوير اُٿ، تون منهنجو ڀاءُ، مان تنهنجي ڀيڻ جهڙا عظيم دانشوري وارا سبق پڙهندو رهندو هئس. بعد ۾ وڏا امتحان ڏنم، پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڏاڍو شوق هو. لالٽين ٻاري به سبق ياد پيو ڪندو هئس. ڪتب خانن ۾ ويهي اصل ٽين کڙڪائي ڇڏيم، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون هر جاءِ تي پنهنجي داشوري جا ڌاڪا چلما بم وري ”ساڄي ڌر“ وارن سان واسطو ٿيو بهشتي زيور، نسيم حجازي، عمرو عيار ۽ جنت ڪي پتي سڀ پڙهي پورا ڪيم، پر اڃان به دانشوري ۾ شايد ڪجهه کٽل هو. خبر ناهي ڇا؟ شاعري ڪيم وڏن نالي وارن فنڪارن منهنجي شاعري ڳائي، پر اڃان تائين مڪمل دانشور نه ٿي سگهيس. وري هلي هلي کاٻي ڌر وارن سان واسطو ٿيو، سڄو ڏينهن مارڪس جو داس ڪيپيٽال، چي گويرا جي ٽي شرٽ پائي پئي پڙهيس، ڪميونسٽ مينوفيسٽو به پڙهيس، پر اڃان تائين دانشور سڏجڻ جي مرتبي کان ٿورو پري هئس. ادب ۾ ٽين کڙڪائي ڇڏيم، هومر کان وٺي ڪيٽسب بائرن، شيلي، ڊڪسن، ڊان برائون، دوستو وسڪي، او هينري سڀ پڙهيم ڪنهن ٻڌايو ته پنهنجو ڪو تخلص بلڪه فرضي نالو به رک زخمي، پٽيل، چيريل، جبل سنڌي، ارڏو، سنڌي وغيره اهو به رکيم ادبي سنگت ۾ سنگت سان گڏجي سنڌي ٻولي قومي ٻولي احتجاجن ۾ حصو به ورتم، هاڻ وڃي ڪجهه ڪجهه دانشوري واريون خوبيون پيدا ٿيڻ لڳيون، سرڪاري نوڪري ملي ويئي، ان دوران ئي قوم پرستي ۽ ڌرتي جو قرض ۽ فرض به اچي مٿان پيو. سيد، آريسر، پليجي جا سڀ ڪتاب پاڻي وانگر پي ويس، چار ڏوڪڙ اچي ويا ته ماڻهو به عزت ڪرڻ لڳا، نوم چومسڪي زيزيڪ پڙهيم پوءِ وري اين جي اوز جي دنيا وڃي وسايم، اين جي او لاءِ غريب عوام ۽ غربت جو هجڻ لازمي آهي، جيڪا شيءِ سنڌ ۾ وافر مقدار ۾ موجود آهي. غريبن جا فوٽو، انهن بابت رپورٽون، ٿاريلين جي چوڙي واريون تصويرون پريزنٽيشن ۾ ٺاهي، جهاز ۾ چڙهي يورپ ۽ آمريڪا جي مهانگين هوٽلن ۾ انگريزن کي ڏيکاريم ۽ سنڌ ڌرتي لاءِ رت جا ڳوڙها روئڻ جي ايڪٽنگ ڪيم، کوڙ پراجيڪٽ مليا، اصل مالا مال ٿي ويس، سنڌ جي درد ۽ ڏکن ڏوجهرن تي لکيل منهنجون لکڻيون چيون، پبلشرن کي جهجها پئسا ڏيئي خوبصورت پني ۽ ٽائيٽل وارا ڪتاب ڇپرايم، وڏن مهانگين هوٽلن ۾ انهن ڪتابن جي مهورت ڪرايم، وڏن وڏن مهان اديبن کي مهورت لاءِ مدعو ڪيم، هر پاسي سنڌ جي ڏکن ڏوجهرن جي پرچار ڪيم، پنهنجي ڪتابن لينن، مائوزيتنگ، سارتر جا حوالا ۽ چي جون قربانيون سڀ حوالن طور ڪم آندم، تڏهن وڃي حقيقي معنيٰ ۾ دانشور ٿيس. سرڪار وڏا انعام اڪرام ڏنا، لطيف، سچل، قلندر، ادبي ايوارڊ، ڌرتي جو اصلو پٽ دانشور جهڙا لقب مليا، کوڙ ڪمپنين جا ٺيڪا مليا، هائوسنگ اسڪيمن ۾ بنگلا بڪ ڪرايم ۽ پنهنجي فيملي کي آمريڪا، ڪئناڊا سيٽل ڪرايم، پٽن کي آسٽريليا، آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم ڏياريم. وڏيون گاڏيون، وڏو پروٽوڪول هر طرف کان مهان سنڌي دانشور واهه واهه، منهنجي اڻ ٿڪ محنت رنگ لاٿو، هينئر ملڪ جي هر ننڍي وڏي، ٿڌي گرم شهر ۾ منهنجو گهر آهي، ڪيترائي فارم هائوس آهن، ڪيترائي پرڏيهي دوست آهن، ڪيترائي سياستدان، وڏيرا، چوڌري، نواب، خان بهادر مون کان صلاحون وٺندا آهن، هر جاءِ تي منهنجي هاڪ آهي، هر پروگرام ۾ مان وڏو پيل پائو ٿي ڦيرايو ويس، هاڻ مان سنڌ جو، ملڪ جو بلڪه ڪجهه حد تائين ننڍي کنڊ جو وڏو دانشور ٿي چڪو هئس. وڏيون وڏيون ڪمپنيون، وڏيون ڪارپوريشن مون سان صلاح مصلحت ڪرڻ لڳيون، ڪن کي سنڌ ۾ سون لڌو، ڪن کي گاسليٽ جا ذخيرا مليا، ڪن کي ڪارونجهر جبل جو پٿر پيو ڪم اچي، ڪن کي وري سنڌ جي غير آباد زمين ٿي کپي، مون پنهنجي دانشوري استعمال ڪري، ساڄي ڌر، کاٻي ڌر، قوم پرستي، ادبي مطالعو سڀ ڏات ڪم آڻي سنڌ ڌرتي جي ماڻهن کي قائل ڪيم، راضي ڪيم ته بابا اوهان غارن ۾ رهو ٿا، اوهان انڪم سپورٽ جي پئسن تي هلو ٿا، اوهان جي حالت، ايٿوپيا ۽ سوڊان جهڙن ملڪن کان به ويل آهي، اوهان کي ڇتا ڪتا ٿا پٽين، اوهان کي ايڊز ۽ ڪورونا آهي، ڪورونا لاءِ اوهان وٽ اسپتال نه آهي، اوهان وٽ آڪسيجن نه آهي، اوهان وٽ وينٽيليٽر نه آهن، سياڻا ٿيو هي پراڻا غيرآباد پڊ، جنهن جي بدلي ۾ اوهان کي هي ڪمپنيون هيترا هيترا ڏوڪڙ ڏين ٿيون، اهي ڏيئي ڇڏيو، اوهان جون غيرآباد زمينون جن ۾ اڌ کان وڌيڪ قبرستان آهن، اوهان جي ڪهڙي ڪم جون آهن؟ هي ڪونڀٽ ۽ ڪرڙ جا وڻ اوهان ڇا ته ڪندئو، پئسا وٺو وڃي ڪنهن ٻي شهر ۾ رهو، ڪراچي ۾ آباد ٿيو، لاهور ۾ آباد ٿيو، نوان ڪاروبار ڪريو، خوامخواهه هتي ويٺا آهيو، ترقي جي اڳيان رنڊڪ ڇو ٿا بڻجو، هتي نوان پلازه ٺهندا، نوان نوان شاپنگ مال ٺهندا، فيڪٽريون ۽ ڪارخانا لڳندا، ڪلب ۽ هال ٺهندا، جتي راتيون رنگين ٿينديون، بوتلن جا ٻوچ کلندا ۽ جواني جواني سان ٽڪرائجندي!!! اوهان خواهه مخواهه ان ۾ رنڊنڪ ڇو ٿا وجهو اوهان ان ۾ روڙا ڇو ٿا اٽڪايو. مون عظيم دانشور ۽ مون جهڙن، ٻين ڪلاڪارن جي ڳالهه مڃي وٺو، اهو توهان جي فائدي ۾ آهي، ڏسو مون ۽ مون جهڙن کوڙ ڪامريڊن وڏا وڏا ڪتاب پڙهيا آهن، اوهان جو دماغ ننڍڙو آهي، اوهان اڻ پڙهيا چٽ ماڻهو آهيو، اوهان کي ڪهڙي خبر ”صابو هار ڏنا، ڏني هار پاتا“ ڇا ٿيندو آهي؟

اهڙي ريت منهنجي دانشوري ڪم اچي ويئي ۽ کوڙ اصلوڪن دراڙن منهنجي ڳالهه مڃي ورتي ۽ پنهنجي گڏهه ۽ ڪجهه سامان کڻي روانا ٿي ويا. گهڻن کي تيل ڪمپنيون ايئن ئي روز ٽرڪائينديون رهيون، جن ٿوري گهڻي ضد ڪئي انهن کي رئيس جهان خان جي مدد سان، صوبيدار صيبت خان جي حوالي ڪرايوسين، ڪجهه مٿي ڦريا اڃان به اهڙين ڪمپنين جي خلاف آهن ۽ سنڌ جي ترقي نٿا چاهين، اهي سمجهن ٿا ته هي اباڻا قبرستان آهن، ماڻهو جي اصل شناخت، يادگيري ان جي زمين ٿيندي آهي، هنن کان پڇو ڀلا ايئن به ڪڏهن ٿيو سڀ ڪجهه پئسو ٿئي ٿو، مون کان پڇو، مان سنڌ جو وڏو دانشور آهيان، مون کي خبر آهي، مارڪس کان ٿا شروع ڪريون، ٻار دفنائڻ لاءِ وٽس ڪجهه ڪونه هو، اخبارن ۾ ٻار کي ويڙهي ٿي رکيائين، ڪوٽ وڪڻي گذر ٿي ڪيائين، جيني نه هجيس ها ته حال ڪهڙو ٿيس ها. چي گويرا کي ڪهڙي کُٽي کنيو جو ڪيوبا جي انقلاب کانپوءِ وري بليويا ۾ وڃي پنهنجي مزاحمتي تحريڪون هلرايائين، نيٺ سي، آءِ، اي جي هٿان ماريو ويو. لينن مائو، سڀ جي تاريخ پڙهو، بابا پاڻ ڏاڍي سان وڙهبو ٿورو ئي آهي، ڪتابن ۾ جيڪو لکيل آهي، اهو ٿورو ڪبو آهي، ضد ڪندئو ته پوءِ علي بابا وانگر اڪيلا هوندئو، سياڻا ٿيو! ڪنهن اوهان کي چيو آهي ته ادب مزاحمت لاءِ استعمال ٿيندو آهي؟ ادب پئسا ڪمائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ايئن نه ته ڪتاب لکي مفت ورهايو، بلڪه وڏين ڪمپني سرڪار ۽ سنڌ ۾ سيڙپ ڪندڙ ڪارپوريشن جي منشي گيري ڪرڻ سان اوهان ارب پتي بڻجي سگهو ٿا، اوهان تي سرڪاري اديب هجڻ جو مونوگرام لڳي ويندو. سڀ درٻاري ۽ سرڪاري هئا، ان ۾ ڀلا ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. غالب، امير خسرو، اسپينسر، شيڪسپيئر، بيڪن، سڀ درٻار ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ سرڪاري درٻاري شهزادن ۽ شهزادين کي لطيفا ٻڌائيندا هئا، جي اسان کڻي ساڻ ويهي ملاقات ڪئي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ هي جيڪي نوجوان ٽوئيٽر تي ٽرينڊ پيا هلائين، اهي پڻ چپ ڪري ويندا. ڇاڪاڻ ته ضرورتون سڀني کي پياريون آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سنڌ جي هڪ مهان افسانه نگار تي هلان ٿي ته اسان سڀ وڃي سرڪار جي حاضري ڀري ۽ کين ان افسانه نگار جي حمايت ڪرڻ لاءِ ميڙ منٿ ڪئي. جيتوڻيڪ انهن شهزادن ۽ سرڪاري ڪمدارن واعدو ڪيو ته دوسو ساڻ ڪري دهل کڻي شهر ۾ اعلان ڪرائينداسون ته اهو افسانه نگار غريب ماڻهو آهي ۽ اسان جو پنهنجو آهي، ان کي ڪجهه نه چئو، پر ٿي سگهي ٿو سرڪاري ڪم ڪار جي گهڻائي جي انهن کان اها ڳالهه وسري وئي هجي، ڪا ڳالهه ناهي ڀلا انهيءَ بهاني ڪجهه سيلفيون ته ٿي ويون!!! هي هائبرڊ دور آهي، هائبرڊ سچ جو دور آهي، مون کي صرف منهنجي تعريف وڻندي آهي، مون کي منهنجي تذليل ڪونه ٿي وڻي، سنڌ جي کنڊر ۽ غيرآباد زمين مٿان ڀلا جي عاليشان بنگلا ٺهندا ته انهيءَ سان سنڌ ترقي نه ڪندي ڇا؟ ڪيترن ماڻهن کي روزگار ملندو، هاڻ به مليو آهي، روزاني ٻيڻي ڏهاڙي، سرويئر ڊمپر ڊرائيور ۽ ٽريني انجنيئر وغيره اڃان ته ترقي جون راهون روشن ٿيڻيون آهن، هي وري چون ٿا ته دنيا ڪوئلي تي هلندڙ شيون بند پئي ڪري جو ان سان ماحوليات، حيوانات، نباتات، چرند، پرند تباهه ٿئي ٿي. مان چوان ٿو ته اسان بک ويٺا مرون، سائيبريا مان آيل پکين کي پکين جون ڪئسٽون ڀري ويٺا ڦاسايون اهو ٺيڪ آهي، باقي ڪوئلو خراب آهي، ان ڪري خراب آهي جو رنگ جو ڪارو آهي، توهان کي خبر آهي ته اهو ڪوئلو ۽ هيرو هڪ ئي فارمي جي پيداوار آهن، يعني اوهان لاءِ اهو صرف ڪوئلو آهي ۽ اسان لاءِ ۽ اهو ڪوئلو ڪڍندڙ ڪمپنين لاءِ اهو هيرو آهي. شروع شروع ۾ مون به وڏيون انقلابي ڳالهيون ڪيون هيون پوءِ آهستي آهستي سمجهي ويس ته انقلاب ڏانهن ويندڙ رستو، ڪراچي ڪاٺوڙ پُل کان ٿيندو، ٿر جي ڪوئلي وٽ اچي دنگ ڪري ٿو. باقي جيڪڏهن اوهان دانشوري جو سڄو ڪورس پڙهي پوءِ به سيد، پليجو، آريسر، نذير عباسي، ڪاسترو، چي ٿيڻ چاهيو ته اوهان جي مرضي آهي. ڇاڪاڻ ته زندگي تمام مختصر آهي، دانشور ٿيو، سنڌ کپايو، سنڌين تي تنقيد ڪريو، سچي ڳالهه اٿئو، ان جو وڏو اسڪوپ آهي. هي ماروئڙا جهانگيڙا اوهان کي ڇا ڪري ڏيندا، اچو مان اوهان کي هينئر ئي هائوسنگ اسڪيم ۾ گارڊ لڳرايان ٿو يا اوهان کي ڪوئلي کوٽائي واري کاڻ ۾ ڪٿي ڪا سٺي نوڪري وٺي ڏيان ٿو، هرو ڀرو جيڪڏهن اوهان کي پنهنجو شوق آهي ياسر عرفات ٿيڻ جو، نيلسن منڊيلا ٿيڻ جو، ڀلي وڃي ڌڪا کائو، گهٽ ۾ گهٽ مون ته درسي ڪتاب ۽ انقلاب ڪتابن مان اهو ئي سکيو آهي ته سنڌ ۾ زمينن جي هول سيل جاري آهي، اچو ۽ سنڌ جا مالڪ بڻجي وڃو، ٻيا ٻار جڏهن راند روند پيا ڪندا هئا تڏهن مان جيڪو سبق پيو پڙهندو هئس ان جو اصل مطلب اهو هو:

ادا آءُ، ڀلي آءُ، سنڌ کاءُ