امداد حُسيني شاعري
امداد حُسيني
سُڀاڻي
آسمان کان وٺي زمين تائين
ڄڻ ته اونداھ توڙ تاڻي آ
ان انڌيري جي ڪِٿ پُڄاڻي آ
اوستائين جتي سُڀاڻي آ
**
امداد حُسيني
ادارا
ھي بي ادب ادارا، بي اختيار ادارا
ھيڏي قرار ھوندي، ھي بي قرار ادارا
ڪجھ ھيٺ ڪجھ مٿي آ، انصاف جو تُراڙو
جيڏانھن کوٽ من ۾، تيڏانھن آھ لاڙو
ٻوڙا ٻُڌن ڪٿي ٿا، مفلس جو روڄ راڙو
ھر رات آھ ڦرلُٽ، ھر ڏينھن آھ ڌاڙو
ھيڏي وقار ھوندي، ھِنءَ بي وقار ادارا
ھي بي ادب ادارا، بي اختيار ادارا
بيمار پيٽ بکيو، ننگو عوام آھي
جيئري مري وڃڻ جو، فل انتظام آھي
آزاد جو به ڄائو، گولو غلام آھي
جائي به ڌوڙ ڇائي، ڀاڙي نظام آھي
ويساھ گھات ادارا، بي اعتبار ادارا
ھي بي ادب ادارا، بي اختيار ادارا
ھڻ کڻ الاءِ ڪھڙي، ھٿڙي ھڻي کڻي ويا
ھڪڙا ھڻي کڻي ويا، ۽ ٻيا کڻي ھڻي ويا
ڌڻ ڪوس- گھر پُڄي ويا، ۽ جيل ۾ ڌڻي ويا
ڪھڙيون گُھليون ھوائون، ڦَل ڦُل سڀئي ڇڻي ويا
ھڪ ٻن جو ذڪر ڪھڙو، ھِت بيشمار ادرا
ھي بي ادب ادارا، بي اختيار ادارا
جيڏانھن اک کڄي ٿي، تيڏانھن سُڃ آھي
پاڻي جتي پَسوُن ٿا، در اصل رُڃَ آھي
رَت پياڪ راڪشس کي، رَت جي ئي اُڃَ آھي
چَوڦير ڀوڳڙيءَ جي، ڀُڳڙن کي ڀُڃَ آھي
جي نامدار ادارا، سي داغدار ادارا
ھي بي ادب ادارا، بي اختيار ادارا.
**
امداد حُسيني
غزل
جيئڻ لئه ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻو پوي ٿو
ادا ڙي ھر گھڙيءَ مرڻو پوي ٿو
اُھو جنھن کي چئون ٿا نِينھُن، تنھن ۾
اَڏيءَ تي ڪنڌ کي ڌرڻو پوي ٿو
جنديءَ کي جان ۾ پائي ڏکن کي
لِڪائي لوڪ کان ڏرڻو پوي ٿو
لکان ٿو نانءُ تنھنجو شاعريءَ ۾
پني تي ڀرت ڄڻ ڀرڻو پوي ٿو
چڙھون ٿا چوڏھين جي چنڊ وانگي
۽ ورندڙ وِيرَ سان ورڻو پوي ٿو
گلائون، رنجشون، الزام، ٽوڪُون
گھڻو ڪجھ در گذر ڪرڻو پوي ٿو
ٻري ٿي شمع ھڪ پاسان، اسان کي
ٻنھي پاسن ڪنان ٻرڻو پوي ٿو
وٺي ٿي ڏينھن سارو ڏنڊ ۾ رات
بنا ڪنھن ڏوھ، جو ڀرڻو پوي ٿو
**
امداد حُسيني
1981-7-22
جي آڌي رات جو لکيل ڪجھ سِٽون
(ھي پنو… سحر 2021-2-9 تي ڪٿان کڻي آئي. اڄ 2021-2-20 تي اھي اُتاري ”ھمسري“ جي پڙھندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو).
نظم
(1)
اڌ سڙيل سگريٽ آھي زندگي
ٿورڙي رَک
ٿورڙو دُونھون
۽ ٿوري روشني !
آنءُ توسان ئي گذارڻ ٿو گھران
(تو سوا سڀڪجھ وسارڻ ٿو گھران)
زندگي ھيءَ چند سُوٽن جيتري!
(2)
تنھنجي اکڙين وانگيان
زندگي آھي غزل
ساز کڻ آلاپ ڪر
ڇڏ اُڊوڙي ماٺ جو سوئيٽر مَڙھيل!
(3)
ڪالھ رات
ننڊ مان ڇرڪي پيس
۽ وٺي ٻاھر ڀڳس
۽ ٻھر
گھر جون ديوارون ھيون
بنياد تي بيٺل
اڱڻ تي
آسمان موجود ھو
پنھنجي نيري نيري اوچائيءَ سميت
اُن سمي
اِنءَ لڳو پنھنجو وجود
ڄڻ حق سدا موجود ھو!
**
ڪَلا!
امداد حسيني
ڪوي آهي پريمي ۽ ڪويتا پريمڪا آهي
وِڌاتا، ستيه، اَت سُندر، اَڌِڪِ اُتم ڪَلا آهي
نه ڪو دکشڻ، نه ڪو اُتر، نه ڪو پورب، نه ڪو پشچم
چون ٿا پريت جنهن کي سو اُها پنجين دِشا آهي
اها اِندر ڌُنش، ست رنگ پنهنجي پريت جا آهي
پر اچين آهه جيڏي، نت نئين تيڏي ڪٿا آهي
سُهائي رات آهي، آءُ تون آهيون، هوا آهي
اِهو پل بس اِتي بيهي رهي اهڙي دعا آهي
**
رُڳو!
امداد حسيني
رُڳو مانيءَ جي بُک لڳندي نه آهي
رُڳو پاڻيءَ جي اڃ لڳندي نه آهي
مِلڻ جي پڻ لڳي ٿي بُک
ڏسڻ جي پڻ لڳي ٿي اُڃ
اها ٻي ڳالهه آهي
ته مانيءَ سان ته ڍَو ٿي ٿو وڃي سائڻ
ته پاڻيءَ سان اُجهامي ٿي وڃي اُڃ
مگر تو سان ملي ڍاپي نه ٿو ڍاپان
ڏسڻ سان اُڃ اُجهامي ڪانه ٿي،
ڀڙڪي پوي ٿي!
**
راڌِيڪا!
امداد حُسيني
او راڌِيڪا! او راڌِيڪا! تو بِن مَڌُبَن آ سُنسانُ!
گُلَ ڦُلَ رنگ سُڳنڌ هوائُون، پکي پکڻ وَڻ ٽِڻ حيران
او راڌِيڪا!
تارن جي جا ٽِم ٽِم آهي، ڪِرڻو ڪِرڻو جهڙو ڪانُ
او راڌِيڪا!
پاڌر، پهاڙ، ندي، جَهرڻا، آءُ اُنهن کي ڏي جيئدانُ
او راڌِيڪا!
ڦوڙائي جو ڦَٽُ کُلي پيو، شفق اُفق تي لَهُو لهانُ
او راڌِيڪا!
چنڊ ٺلهو ڪشڪول لڳي ٿو، مُرڪِي اُن ۾ پائي دانُ
او راڌِيڪا!
سُندر سپنا، سوچون لوچون، گيت گُلابي سڀ شمشانُ
او راڌِيڪا!
آس نراس نه ڪج نيڻن جي، منهنجي مَن جو رکجان مانُ
او راڌِيڪا! او راڌِيڪا!
تو بِن مَڌُبَن آ سُنسانُ!

