حيدرآباد هڪ تيزيءَ سان وڌندڙ سنڌ جو ٻئي نمبر تي وڏو شهر آهي. ڪراچيءَ کانپوءِ حيدرآباد ئي اهو شهر آهي، جتي شهري زندگيءَ جون سڀئي سهولتون ميسر آهن ۽ هي شهر ڪراچيءَ کان 164 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي هجڻ جي ڪري هڪ ئي ڏينهن ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جي سهولت هجڻ ڪري هن شهر ۾ آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي.
شهري زندگي گذارڻ وارا ماڻهو انتهائي ذميداري سان پنهنجا ٽيڪس ادا ڪن ٿا، جيڪي سهولتون استعمال ڪن ٿا ان جي في حڪومت کي ٽيڪس جي صورت ۾ ۽ ٻين ادارن کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ادا ڪري اهي سهولتون حاصل ڪن ٿا. جيئن ته شهر ۾ روزگار جا گهڻا وسيلا موجود هوندا آهن ۽ رهائش جون سهولتون وڌيڪ هونديون آهن، ان ڪري ننڍن ننڍن ڳوٺن مان ماڻهو روزانو جي بنياد تي شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا رهن ٿا.
ان جي لاءِ ضروري آهي ته حڪومت کي شهري پلاننگ ڪرڻ گهرجي ته جيئن شهرن جي زندگي جي مٿان اجايو بار نه اچڻ گهرجي. هن وقت حيدرآباد شهر ۾ جڏهن ڪنهن به علائقي ۾ وڃجي ٿو ته ٽريفڪ جيم ملي ٿي، فقيرن جا هجوم ملن ٿا جيڪي هر سگنل، هر چوڪ ۽ هر گليءَ ۾ اتان گذرندڙ شخص کان پنهنجو حق سمجهي ڀيڪ گهرن ٿا، پر ان کان علاوه هن قت حيدرآباد جو سڀ کان وڏو مسئلو جيڪو هينئر حيدرآباد جي شهرين جي اڳيان آهي اهو شهر جي روڊن جي ٻنهي پاسن کان لڳل گاڏن جو آهي، جيڪي بي ترتيب بيٺل هجڻ جي ڪري اتان لنگهندڙ ماڻهن جي لاءِ ۽ گاڏين جي لاءِ مصيبت بڻيل آهن.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته انهن گاڏن تي جيڪي مختلف شيون وڪرو ٿين ٿيون، اهي عوام کي وڏن اسٽورن جي نسبت سستن اگهن تي ملن ٿيون، پر انهن گاڏن جي لڳڻ جي ڪري جتي عوام کي تمام گهڻيون سستيون شيون ملن ٿيون، جنهن ۾ گهڻو ڪري ڀاڄيون ۽ تازا ڦل فروٽ شامل آهن، پر ساڳي جاءِ تي ڪجهه علائقن ۾ اهي گاڏا ايترا ته گهڻائي ۾ بيٺل هوندا آهن جو اتان لنگهندڙ گاڏين جي لاءِ ۽ اتان جي رهندڙن جي لاءِ آزار بڻيل هوندا آهن.
اهو هڪ سنجيده مسئلو آهي جنهن کي حيدرآباد جي انتظاميه، حيدرآباد جي ٽريفڪ پوليس ۽ حيدرآباد جو ميئر سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ چاهين ته حل ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن انهن غريب پورهيت ۽ مزدور ماڻهن کي جيڪي تمام ٿوري سيڙپ ڪري پنهنجو روزگار ڪن ٿا ۽ پنهنجو گهر هلائين ٿا، جيڪڏهن انهن کي هڪ مخصوص علائقي ۾ يا مخصوص مارڪيٽ ٺاهي ڏيڻ جي پلاننگ ڪئي وڃي جتي صرف اهي ريڙهي وارا موجود هجن.
انهن ريڙهن جي هڪ مخصوص ايراضي انهن کي ڏني وڃي جنهن جو تمام معمولي ڪرايو حڪومت انهن کان ماهوار وصول ڪري ۽ انهن سڀني ريڙهن جي حڪومت سنڌ ڪا خاص ڊزائين جوڙائي ۽ انهن ايراضين تي نم جا وڻ پوکيا وڃن ته جيئن انهن کي قدرتي ڇانو ملي سگهي ته جيئن اهي اس کان به بچيل رهن ته ان سان روڊن ۽ رستن تي ٿيندڙ اها رش ۽ گدلاڻ ختم ٿي سگهي ٿي. ان قسم جون ايراضيون مختلف جاين تي ٺهي سگهن ٿيون، جيئن گدو چوڪ، قاسم آباد، لطيف آباد، شاهي بازار، قاسم چوڪ ۽ حيدرآباد جا نوان ڊولپ ٿيندڙ علائقا انهن ۾ ان قسم جون ريڙهي بازارون ٺاهي سگهجن ٿيون.
ان سان حڪومت کي اهو فائدو ٿيندو ته حڪومت وٽ اهي ماڻهو رجسٽرڊ هوندا. ان کان علاوه حڪومت کي هر مهيني هڪ مخصوص ڪرايو انهن ريڙهي وارن کان ملندو رهندو. جنهن کانپوءِ انهن کي پوليس تنگ نه ڪندي جيڪا روزانو جي بنياد تي انهن کان ڀتو وصول ڪري ٿي. روڊن ۽ رستن جي ڪشادگيءَ ۾ اضافو ٿيندو، جنهن سان ٽريفڪ جيم جا مسئلا ختم ٿيڻ شروع ٿيندا ۽ جيڪي روڊن جا پاسا خالي ٿين انهن تي حڪومت کي گرين بيلٽ ٺاهي اتي گل، ٻوٽا پوکڻ گهرجن ته جيئن شهر جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ٿئي.
هر جاءِ تي گندگي ۽ ڪچرو نظر نه ايندو، جتي اهي ريڙهي زونز ٺاهيا وڃن اتي انهن کي وڏا وڏا ڪچري دان به ڏنا وڃن ته جيئن اهو ڪچرو انهن ۾ اڇلائين، روڊن ۽ رستن کي صاف سٿرو رکڻ جي لاءِ حيدرآباد انتظاميه کي انتهائي ذميداريءَ سان انهيءَ پاسي سوچڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته اها هر شهري جي خواهش آهي ته شهر جا روڊ ۽ رستا کليل ويڪرا، صاف ۽ سٿرا هجڻ گهرجن. صفائي ۽ سٿرائي نه صرف شهرن کي خوبصورت بڻائي ٿي، بلڪه اها اتان جي شهرين جي نفسيات کي به متاثر ڪري ٿي.
جيڪڏهن شهر صاف سٿرو هوندو ته عوام جي مزاج تي به تمام گهڻو مثبت اثر پوندو. حڪومت ان ۾ پنهنجو حصو مستقل مزاجيءَ سان وجهندي رهندي ۽ دلچسپي ڏيکاريندي رهندي ته عوام جي اندر به آهستي آهستي پنهنجن شهرن کي صاف سٿرو رکڻ جو تصور تيزيءَ سان اڀرندو.