امداد ناهي رول! (شخصيت-فن) پروفيسر سليم ميمڻ

مان شايد ستين ۽ اٺين درجي ۾ حيدرآباد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو شاگرد هئس. بابا (عبدالقادر ميمڻ) انهن ڏينهن ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار هو. اسين سنڌ يونيورسٽيءَ جي پراڻي ڪئمپس جي گهرن ۾ رهندا هئاسين. يونيورسٽيءَ جي پٺئين پاسي، دوآٻو پوليس لائين هئي، پوليس لائين ۽ يونيورسٽيءَ جي وچ ۾ هڪ وڏو خالي پلاٽ هوندو هو. يونيورسٽيءَ جي گهرن ۽ ڪواٽرن کان ٻاهر وڃڻ لاءِ يونيورسٽيءَ جي هيڊ چوڪيدار عبدالحميد ۽ يونيورسٽيءَ جي ٽريزرار محترم رضا محمد ڀٽو جي گهرن جي وچ  مان هڪ سنهي گهٽي هئي، جنهن تي وڏو در لڳل هو. ڪو سيڌو وٺڻ يا اچ وڃ لاءِ اسان اهو در استعمال ڪندا هئاسين، باقي اسڪول وڃڻ لاءِ يونيورسٽيءَ جو مين گيٽ (وڏو در) استعمال ڪندا هئاسين، جتان يونيورسٽيءَ جي گهڙيال واري پر شڪوه عمارت جو خوبصورت ڏيک نظر ايندو هو. اها عمارت ڪنهن زماني ۾ وديالو (اسڪول) هو، جنهن جي عمارت جي پٺيان ان جي ٺاهيندڙ جي ارٿي، سهڻي اڇي سنگ مرمر مان ٺهيل هئي، جنهن جي چوڌاري هڪ ننڍي ڀت کنيل هئي ۽ هڪ ننڍڙو لوهي در لڳل هو، جنهن کي هميشه تالو لڳل هوندو هو. ننڍي هوندي لِڪ لِڪوٽي راند کيڏندي اسان اڪثر ان ارٿي ۾ وڃي لڪندا هئاسين.

دوآٻي پوليس لائين، جنهن ۾ پوليس وارن جا ڪوارٽر هئا، ان جي ڀرسان خالي پٽ تي اوچتو هڪ عمارت کڙي ٿي وئي، جنهن کي “ميرن جي هاسٽل” سڏيندا هئا. اها ڇڙن جي هاسٽل هئي، جيڪا عبرت اخبار جي آڏو هڪ وڏي بنگلي ۾ رهندڙ مير صاحب، سرڪاري زمين تي قبضو ڪري ٺهرائي هئي. ان هاسٽل ۾ شمشيرالحيدري ۽ “ڳوٺ سڌار” رسالي جو ايڊيٽر شعبان بخت به رهندا هئا. ان هاسٽل جي اڱڻ ۾ هر هفتي شايد آچر يا جمعي جي شام جو ادبي گڏجاڻي ٿيندي هئي. منهنجو وڏو ڀاءُ (مرحوم عبدالستار ميمڻ) ۽ سندس دوست محمد علي ڏيپلائي به انهن گڏجاڻين ۾ باقاعده شرڪت ڪندا هئا. هر هفتي ڪو هڪڙو شرڪت ڪندڙ سڀني کي چانهه پياريندو هو، جڏهن ادا تي چانهه پيارڻ جو وارو ايندو هو ته اها منهنجي ذميداري هوندي هئي ته ٿرماس ۾ چانهه گهران ٺهرائي کڻي اچان ۽ سڀني اديبن کي پيش ڪيان. انهن ادبي ڪچهرين ۾ ليکڪ، پنهنجون لکڻيون پيش ڪندا هئا، جنهن تي ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي هئي. هڪ لوهي شمع دان هوندو هو، جيڪو واري واري سان هڪ شرڪت ڪندڙ آڏو رکيو ويندو هو، جيڪو ان موقعي تي پيش ٿيل ادب پاري جو تنقيدي تجزيو پيش ڪندو هو يا پنهنجي راءِ ڏيندو هو. شرڪت ڪندڙ هڪ گول دائري جي صورت ۾ فراسين تي ويهندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن مان به انهن ڪچهرين ۾ شرڪت ڪندو هئس. نقادن جي گفتگو وڻندي هئي، پر ادب بابت ڄاڻ نه هئي، نه اڀياس، سو جڏهن ڏسندو هئس ته منهنجو وارو اچڻ وارو آهي ته خاموشيءَ سان اٿي هليو ويندو هئس. ڇاڪاڻ ته مون کي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويندو هو، پر ان ماحول اهو اثر ضرور ڪيو ته مان سنڌي رسالا پڙهڻ شروع ڪيا. ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پريس مان “مارئي” رسالو شايع ٿيندو هو، جنهن جي ايڊيٽر بيگم زينت عبدالله چنا هئي. پريس مان ان جي ڪاپي مفت ملي ويندي هئي. مقبول ڀٽي صاحب، جيڪو پاڻ به اديب هو، پريس جو مئنيجر هو. اڳتي هلي “روح رهاڻ” رسالو پڙهڻ شروع ڪيم، جيڪو گاڏي کاتي جي سلطان هوٽل آڏو بڪ اسٽالن تان ملندو هو، جنهن جي ٽائيٽل تي ڪڏهن ڪڏهن امداد حسينيءَ جي شاعري پڻ ڇپيل هوندي هئي.

امداد حسينيءَ کي مون پهريون دفعو انهن گڏجاڻين ۾ ڏٺو. نهايت خوبصورت نوجوان، وڏا شهپر، وڏا وار، مرڪندڙ چهرو، گهٽ ڳالهائڻو. جڏهن ڪچهريءَ ۾ پنهنجي شاعري پيش ڪندو هو ته واهه واهه ٿي ويندي هئي، هر بند جي پڙهڻ کانپوءِ داد وصول ڪندي، هُو پنهنجي مخصوص مُرڪ سان داد ڏيندڙن جو ڄڻ ته ٿورو مڃيندو هو. انهن گڏجاڻين ۾ پوءِ ناصر مورائي به شريڪ ٿيندو هو، جيڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ امداد کي وڌيڪ ويجهو هو. هڪ ڏينهن اسڪول کان موٽيس ته ڏٺم ته پٺاڻ پورهيت، ميرن جي ان هاسٽل کي ڊاهي رهيا هئا، خبر پئي ته اها عمارت، سرڪاري زمين تي ٺاهي وئي هئي، جيڪا غير قانوني هئي. غير قانوني عمارت جي خاتمي سان، قانوني ادبي گڏجاڻين جو به خاتمو ٿي ويو.

1965ع ڌاري حيدرآباد کي خيرآباد چئي، ڪراچيءَ لڏي آياسون. حيدرآباد وڃڻ گهٽ ئي ٿيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد وڃڻ ٿيندو هو، پر ايترو وقت نه هوندو هو، جو گهڻن دوستن يا واقفڪارن سان ملي سگهجي. جڏهن امداد حسيني ۽ سحر جو پاڻ ۾ تعلق پيدا ٿيو ته اها ڳالهه ادبي حلقن ۾ مشهور ٿي ۽ امداد، حيدرآباد سينٽرل جيل جا چڪر هڻندو هو. ان دور ۾ ڪجهه سنڌي اديب، جن ۾ شوڪت شورو، ماڻڪ، امداد، شمشير ۽ ڪجهه ٻيا دوست شامل هئا، حيدرآباد جي ڪراچي هوٽل ۾ شام جو گڏبا هئا ۽ چانهه جا دور هلندا هئا. حيدرآباد وڃڻ ٿيندو هو ته ٻين دوستن سان گڏ امداد سان به ملاقاتون ٿينديون هيون، پر ڇاڪاڻ ته وڏي ڀاءُ جي دوستن مان هو، تنهنڪري ادب ۽ احترام جو سلسلو رهندو هو.

جڏهن امداد، “مهراڻ” جو ايڊيٽر ٿيو ته پوءِ ملاقاتن جو سلسلو وڌيو ۽ مهراڻ ۾ پنهنجي مضمونن يا مقالن جي اشاعت جي ڏس ۾ گڏجاڻيون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون، ايئن رفاقت ۽ حجت جو سلسلو وڌندو رهيو.

جڏهن امداد جي، جنهن جو سڄو نالو سيد امداد علي شاهه آهي، سحر بلوچ سان شادي ٿي ته ناصر مورائيءَ مون کي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائي ته جڏهن امداد جي پهرين شادي ٿي هئي ته ٻئي زال مڙس، ٽن ڏينهن تائين ڪمري کان ٻاهر نه نڪتا، دريءَ مان ماني وٺي کائيندا هئا ۽ دريءَ مان ئي ٿانوَ ٻاهر ڏيندا هئا. ايتري محبت هوندي امداد حسيني، سحر جي سحر ۾ ڪيئن مبتلا ٿيو، اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي، بلڪه جڏهن سندن شادي ٿي ته ادبي حلقن ۾ ڪجهه اديبن اهي دعوائون به ڪيون يا فتوائون ڏنيون ته سحر کي شاعريءَ جو ڏانءُ ئي ڪونهي، امداد کيس لکي ڏيندو آهي. ان ۾ ڪيتري حقيقت، اهو رب ٿو ڄاڻي، پر جڏهن منهنجو تعلق سحر سان وڌيو ته مون کيس هڪ باصلاحيت شاعره ۽ اديبا جي حيثيت ۾ ڏٺو.

جڏهن ڊاڪٽر سحر، سنڌ يونيورسٽيءَ مان رٽائر ٿي ته امداد ۽ سحر ٻارن ٻچن سميت ڪراچيءَ لڏي آيا ۽ اسان جون ملاقاتون ۽ گڏجاڻيون وڌي ويون. جڏهن ۽ جتي به اسان ڪچهريءَ لاءِ گڏبا هئاسين ته سحر کي اها ڳالهه نه وڻندي هئي ۽ هوءَ کيس وڃڻ جي اجازت ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ڏيندي هئي ۽ مون کي به سختيءَ سان تاڪيد ڪندي هئي ته کيس گهڻو نه پيارجو.

سن 2011ع ۾ فيض احمد فيض جي سئو سالا جشن جي سال طور ملهايو ويو. ثقافت کاتي کي وفاقي حڪومت پاران ڪافي فنڊز مليا ته فيض تي سنڌ ۾ به پروگرام ڪيا وڃن ۽ فيض تي جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي، تنهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري آندو وڃي. اهو ٻن سالن جو پراجيڪٽ هو، جيڪو منهنجي حوالي ڪيو ويو. فيض احمد فيض جي ڪتابن ۽ فيض تي لکيل 16 ڪتابن جو ترجمو ڪرايو ويو، جنهن مان چار ڪتاب مون، ٻه شبنم موتي ۽ هڪ سحر امداد به ترجمو ڪيو. منهنجي خواهش هئي ته فيض جي شاعريءَ جو به منظوم ترجمو ڪيو وڃي. اهو هڪ نهايت ڏکيو ڪم هو، منهنجي نظر ۾ ان ڪم لاءِ فقط ئي فقط امداد حسيني ئي موزون مترجم ٿي پئي سگهيو، جيڪو اردو ۽ سنڌي، ٻنهي ٻولين تي مهارت رکندو هو ۽ ٻنهي ٻولين ۾ شاعري پڻ ڪندو هو.

امداد صاحب وٽ ٻه ٽي دفعا هليو ويس، پر سائين صفا نابري واري ويٺو. هڪ رات منهنجي گهر دعوت رکي ويئي، جنهن ۾ مظهر جميل ۽ مسلم شميم به شامل ٿيا. ٻن ٽن گلاسن کانپوءِ مون وري اها ڳالهه ڪڍي، امداد صاحب مون کي چتائي ڏٺو، ڄڻ چوندو هجي ته مان اڳ ۾ ئي انڪار ڪري چڪو آهيان، وري ڇو؟ امداد بنيادي طور تي ماڻيٺو ۽ گهٽ ڳالهائڻو هوندو هو، (پر هاڻي ناهي) پنهنجي پيار، پنهنجائپ، پسند، ناپسند، ڪاوڙ توڙي انڪار، لفظن وسيلي نه، پر پنهنجي مُرڪ وسيلي ڪندو آهي، سندس اکيون به ڳالهائينديون آهن، پر ان رات اسان سندس مُرڪ توڙي اکين جي نهار تي ڌيان نه ڏنو ۽ حجت ڪندي کيس “نسخه هاءِ وفا” مان پنهنجي پسند جي شاعري ترجمي ڪرڻ لاءِ راضي ڪيوسين ۽ اهو شرط رکيوسين ته جيڪو ۽ جيترو معاوضو اوهان چوندئو، ثقافت کاتو اهو اوهان کي پيش ڪندو. ٻئي ڏينهن ثقافت کاتي ۾ گڏجاڻي ٿي ۽ امداد صاحب ترجمي جي ذميداري قبول ڪئي ۽ فيض جي ڪلام جو اهڙو ته شاندار ترجمو ڪيائين جو ڪيئي نظم ته ڄڻ اصلوڪا پيا لڳن، جن ۾ ترجمي جو گمان به ڪونه هو.

“تنهنجي ساگر نيڻن ۾” جي نالي سان ان منظوم ترجمي ۾ 187 نظم آهن ۽ 65 صفحن جو هڪ شاندار اثرائتو ۽ عالماڻو مهاڳ لکيل آهي، جنهن وسيلي فيض احمد فيض جي شاعري، فڪر ۽ فلسفي کي نهايت سولي ۽ سمجهائڻ واري انداز ۾ پيش ڪيو اٿس. فيض کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو. ان جو هڪ وڏو ڪارڻ فيض جي ٻولي ۽ لهجو آهي، جيڪو روايتي ڪلاسيڪي توڙي جديد آهي، جنهن کي اردو ڳالهائيندڙ به سولائيءَ سان سمجهي ڪونه سگهندا آهن. فيض، عام اردو بدران فارسي ۽ عربي استعارن کي به ڪتب آندو آهي، پر امداد حسيني ان کي خوب نڀايو آهي.

ثقافت کاتي، ترجمي ٿيل انهن ڪتابن لاءِ هڪ بهترين پروگرام جو انتظام ڪيو هو. منظوم ترجمي جو هڪ بند پيش ڪجي ٿو، جنهن مان پڙهندڙ اهو اندازو لڳائين ته اهو ترجمو آهي يا اصلوڪو!

هِن مِٺي ماٺ ۾، هِن مُٺي ماٺ ۾

حق جي آواز جو شور ٻُرندو نه ڇا؟

چنگ چارڻ سندو هاڻ چُرندو نه ڇا؟

ڳاٽ ڳڀروءَ سندو هاڻ گُهرندو نه ڇا؟

(تون چوين ٿو ته…)

“امداد آهي رول”، امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو پهريون ڀيرو 1976ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ امداد پاڻ کي “رول” ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر قمر شهباز چواڻي، “رول جو الزام ته هن پاڻ تي پاڻ ئي هنيو آهي ورنه زندگيءَ ۾ گهر کان ٻه قدم ٻاهر رکڻ لاءِ به کيس سحر جي اک جي اشاري جي ضرورت پوندي آهي. ذهني هم آهنگي هن جوڙي کي منفرد بڻائي ڇڏيو آهي.”

قمر شهباز وڌيڪ لکي ٿو “امداد حسيني ايئن آهي، جيئن هڪ شاعر کي هئڻ گهرجي. سندس هر ادا ۾ شاعري آهي، سندس حليم لهجو توڙي رويو جڳ کان ڌار، مختلف ۽ الڳ ٿلڳ آهي. تمام گهٽ ڳالهائڻو اسان جو هي دوست ڀرئي ميلي ۾ به اڪيلو اڪيلو لڳندو آهي ۽ پنهنجي تنهائيءَ ۾ سوين خيال ساڻ کڻي سيلانين جيان سفر ڪندو رهندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته معصوم ٻار لڳندو اٿم. ويٺي ويٺي بي ساخته ٽهڪ اهڙو ڏيندو جو لڳندو ته سوين ٽانگڙي ٽڙي پيا، نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ڪنهن جي ٽن ۾، پنهنجي ڌن ۾ مست.”

امداد جو تعلق ٽکڙ سان آهي ۽ جنهن ڪٽنب ۾ هن اک کولي، اتي شعر ۽ شاعري، زندگيءَ جي اهم جزن يا عملن مان هڪ هئي. اهڙي ريت امداد کي شاعري مورڳو ورثي ۾ ملي ۽ گهريلو ماحول جو مٿس گهرو اثر پيو. نه فقط روايتي غزل جي ميدان ۾ هن شهسواري ڪئي، پر سنڌ جي سماجي، سياسي حالتن، هلندڙ تحريڪن، ناانصافين، ڏاڍ ۽ زيادتي واري ماحول کيس روايتي ٻنڌڻن کي ٽوڙڻ تي مجبور ڪيو ۽ امداد پنهنجي لاءِ هڪ نئون گس ڳولي لڌو. هن قومي شاعري به ڪئي ۽ “شهر” جهڙو لازوال شاهڪار نظم لکيو. هن حيدرآباد شهر ۾ ٿيندڙ رتو ڇاڻ، خونريزي، قتل غارتگري ۽ نفرتن واري ماحول کي سختيءَ سان ننديو. هن جي اندر جا اڌما، شهر سان ٿيندڙ زيادتين ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ظلم جون وارتائون کانئس برداشت نه ٿيون، جنهن جو اظهار هن هڪ ڊگهي نظم ۾ هن ريت ڪيو:

شهر: زهر لهجا، نقاب هر چهري تي پاتل،

ڳوٺ: گهٽيون واقف، ماڻهو ڄاتل، ڏيک سڃاتل.

اُٿي کاڌل ڪپڙي وانگي تُنَ تُنَ سڀ تَنُ،

ڀڳل آنهري من، ٽڪرا چهرا ڄاتل اڻڄاتل.

آءُ نه ڀِٽَ ڌڻي، نه ڪپل وستوُ جو شهزادو،

ڪٺور رشتن جون زنجيرون پيرن ۾ پاتل.

کُليل گهٽيءَ ۾، بند درين دروازن جي آڏو،

ڦٽيل چپن تي ڳيت اُهي ئي ڳاتل اڻ ڳاتل.

ڦُلڻا ڄِڀَ، ڄراٽيل ڄيرو، سِر تي سورج ڇٽ،

ڇُلڻن پيرن هيٺان راهون ڄاتل اڻڄاتل.

مانيءَ ڀور ۽ ڪپڙي ٽُڪرو ناهي سڀ جيون،

جيون ڳَلَ ڳرهاٽيون، جيون ڳوڙها ڳل لاتل.

جيتوڻيڪ امداد بنيادي طور تي رومانوي شاعر آهي، سندس لفظ لفظ ۽ هر مصرع مان رومانويت ڇُلڪندي نظر اچي ٿي، سندس انداز وهندڙ وهڪري جيان آهي ۽ بي اختيار ٿي چوي ٿو:

آرسي ۾ جو ڏٺائين خود کي

ته اهو پاڻ چيائين خود کي

پاڻ اڳ ۾ به مليا آهيون ڪٿي

پر ڪٿي سو ياد نٿو اچي.

هُو سادن ۽ سليس لفظن ۾ گهري ڳالهه ڪري ٿو وڃي:

اک ۾ لڙڪ لڪائي رکجو،

مُک تي مُرڪ سجائي رکجو.

سُورن کي سرچائي رکجو،

پُورن کي پرچائي رکجو.

پير پِٿون ۽ پَٺ پٿرائون،

ويتر وِکَ وڌائي رکجو.

امداد، رومانويت، وطن جي حب، ناانصافين جي اظهار سان گڏوگڏ مزاحمتي شاعري به ڪئي آهي ۽ پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جي دل جي دانهن کي به اندر مان اوتي، عام جي سوچ جي عڪاسي ڪئي آهي. چوي ٿو:

تند ٻُري ٿي ڪجهه ته گهري ٿي

تند ٻُري ٿي ڪنڌ گهري ٿي

سڀ کان سڻڀو تند گهري ٿي

ڏيل ڏيئي جي لاٽ مڱي ٿي

ڳڀرو ڳاڙها ڳاٽ گهري ٿي.

تاج جويو، امداد جي شاعريءَ تي تبصرو ڪندي لکي ٿو: “امداد جي شاعريءَ کي پنهنجي زبان آهي، جيڪا پڙهندڙن سان پاڻ مخاطب ٿئي ٿي ۽ پڙهندڙ پاڻ ان کي سمجهي ۽ ان ۾ موجود مفهوم کي ماڻي سگهي ٿو.”

امداد انهن منفرد شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، اُڌارن ۽ پاروٿن خيالن ۽ تصورن کي نه پنهنجي ذهن ۾ جاءِ ڏني آهي ۽ نه ئي پنهنجي شاعريءَ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني آهي.

امداد، جيڪڏهن “روايت” کي قبوليو آهي ته ان جي زنده يا زنده پاسدارن وانگر هن “رجعت” کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو آهي، تڏهن ته امداد وٽ مئي ۽ ساقي، جام ۽ صراحي، گل ۽ بلبل، رقيب رو سياهه، زهر هلاهل، بهار ۽ غنچن، محبوب جي خد و خالن، هجر ۽ وصال واري مصنوعي فضا غير موجود آهي. وٽس مَڌُ آهي ته لطيف جي لفظن ۾:

وَٽَ وَٽَ وَٽيءَ ۾، مَٽَ مَڌُ ٻيو،

قدرُ ڪيف ڪلال جو، پِياڪن پيو،

وَڃن دُرسُ دُڪان تي، ڪنڌَ قبول ڪيو،

سُرها سِرَ ڏِيو، چکن سُرڪَ سيد چئي!

۽ اهو مَڌُ، اُهو آهي، جنهن جي پيئڻ سان چوڻو پوندو آهي ته:

مَڌُ پيئندي مون، ساجن سَهي سُڃاتو،

پِي پيالو عشق جو، سڀ ڪجهه سمجهيوسون!

امداد حسيني جتي سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهڪار نظم، غزل، ٽيڙو، بيت ۽ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، اتي هن اردو ۾ به اوترو ئي ڪماليت سان پنهنجي فن جو اظهار ڪيو آهي. “ڌوپ ڪرن” سندس اردو شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن کي اعليٰ ايوارڊ به ملي چڪو آهي. امداد پهريون سنڌي شاعر ناهي، جنهن اردو ۾ شاعري ڪئي آهي، بلڪه ورهاڱي کانپوءِ شيخ اياز پهريون سنڌي شاعر هو، جنهن اردو ۾ شاعري ڪئي، ٻيا به ڪيترائي شاعر ۽ شاعرائون آهن، جن اردو ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي.

امداد جو پهريون اردو نظم “صبح نو ڪي ليئي” 1960ع ۾ صهبا لکنوي جي مشهور رسالي “افڪار” ۾ ڇپيو هو، ان کانپوءِ آصف فرخي جي “دنيا زاد” ۾ سندس اردو شاعري لڳاتار ڇپجندي رهي آهي، جيڪا آخرڪار 2014ع ۾ “ڌوپ ڪرن” مجموعي جي صورت ۾ پڌري ٿي. پنهنجي سنڌي شاعريءَ جيان امداد حسيني، اردو شاعريءَ ۾ هر موضوع کي کنيو آهي، اهو رومانوي پهلو هجي يا ترقي پسنديءَ جو، سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جي ڳالهه هجي يا قبيلائي جهيڙا يا غريبن، مسڪينن جا اهنج، امداد نهايت دلڪشي ۽ بيباڪيءَ سان پنهنجي اندر جي اڌمن کي “ڌوپ ڪرن” ۾ اوتي ڇڏيو آهي. سندس هڪ غزل جا ڪجهه بند حاضر آهن:

آنکھوں میں آب کو رکھنا

ڈائری میں گلاب کو رکھنا

اور آنکھوں میں خواب کو رکھنا

زندگی کے لیے اگر سوچو

سامنے اک حباب کو رکھنا

ہاں متارے ضرور لوٹیں گے

ساغروں میں شراب کو رکھنا

شعر پڑھتے اگر میں یاد آؤں

چھاتیوں  پر کتاب کو رکھنا

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments