بلاگ

سماجي اڻبرابرين جي ور چڙهيل پاڪستاني….

توفيق وساڻ

پاڪستان دنيا اندر هڪ اهڙي خطي طور سڃاتو وڃي ٿو جتي سماجي اڻبرابريون عروج تي هجڻ سان گڏ انساني قدرن جي استحصال جو سبب بڻجن ٿيون انهن اڻبرابرين ۽ ٿيندڙ استحصال جي وقت بوقت نشاندهي پڻ ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ مختلف سماجي ادارن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. موجوده حالتن ۾ پاڪستان اندر اٽڪل پنج لک کان وڌيڪ خواجه سراء پنهنجي زندگي جو هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن اڻبرابري کي پنهنجي قسمت سمجھي گذارڻ تي مجبور آهن جنهن جڳهه تي مذهب ۽ رواداري جا درس ڏنا ويندا هجن اتي ٽين جنس سان تعلق رکندڙ آبادي بنيادي سهولتن کان به محروم آهي.

سماج اندر عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف ادارا ڳرن فنڊن عيوض آگاهي ڦهلائڻ ۾ مصروف ته نظر اچن پيا پر سماج جو هڪ محروم طبقو پڻ سندن توجهه جي آس ۾ نظر اچي ٿو اهڙي طبقي کي مختلف علاقائي زبانن ۾ کدڙو، ڇڪو، خواجه سراء يا مورت طور سڏيو وڃي ٿو. تاريخي طور تي ان جنس سان تعلق رکندڙ فرد درٻارن ۾ ٻانهن طور خدمتون سرانجام ڏيندا هئا. جيڪي اڄڪلهه مختلف مرحلن ۾ سماجي اڻبرابريون ڀوڳڻ تي مجبور آهن. رياستي سطح تي پهريون ڀيرو 2008 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي حڪومت ٺهڻ کان بعد عدالت اعظميٰ (سپريم ڪورٽ) ان جنس سان تعلق رکندڙ فردن لاءِ حڪم جاري ڪيو ته کين قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪري برابر شهري تسليم ڪيو وڃي ۽ نادرا جي رڪارڊ ۾ جنس واري خاني اندر مرد ۽ عورت سان گڏ ٽين جنس يعني خواجه سراء جو اضافو پڻ ڪيو وڃي، جيڪا هڪ مثبت ڳالهه آهي پر سماجي روين ۾ تبديلي اچڻ بدران خواجه سرائن جي زندگي وڌيڪ ڏکيائين جي ور چڙهيل آهي جنهن جا مختلف مثال سوشل توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي بحث جو حصو رهن ٿا. کين مختلف طريقن سان تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ سندن معاشي استحصال اسان کي نظر اچي ٿو جو کين ڪٿي به سرڪاري نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن ۽ هو پنڻ تي مجبور هوندا آهن. پاڪستان اندر جتي مردن ۽ عورتن لاءِ مختلف مرحلن تي قانون سازي ذريعي حقن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي اتي سماج جو هي طبقو ڪنهن به قسم جي توجهه حاصل نه ڪري سگهيو آهي، جنهن ڪري ان جنس سان تعلق رکندڙ فردن ۾ احساس محرومي جنم وٺي رهي آهي. هن وقت تائين اهڙو ڪوبه قانون نه ٺهي سگهيو آهي جيڪو کين تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ کين خود مختيار ٿيڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي. مختلف فورمن تي خواجه سرائن جي حقن بابت جڏهن ڪو پروگرام ٿئي ٿو ته ميڊيا صرف انهن جي رپورٽ پيش ڪري ٿي ۽ ڳالهه اتي ئي ختم ٿي وڃي ٿي. جڏهن ته رياستي سطح تي ڪنهن به جنس سان جڏهن ايتري وڏي پيماني تي ناانصافي ٿي رهي هجي ته يقينن احساس محرومي اڃان وڌيڪ پاڙون پڪيون ڪندي.

دنيا جي ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن اندر ٽين جنس سان تعلق رکندڙ فردن کي برابري جي بنياد تي اهي سڀئي حق حاصل آهن جيڪي مردن يا عورتن لاءِ ان ملڪ جو قانون ۽ آئين فراهم ڪري ٿو. حڪومتي سطح تي اهڙا قانون ٺاهيا وڃن ٿا جيڪي بغير ڪنهن جنسي فرق جي لاڳو ڪيا وڃن ٿا پر پاڪستان جون حقيقتون ان جي بلڪل برعڪس آهن پاڪستان ۾ صوبائي سطح تي سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ته موجود آهي پر سندن سڀ ڪم صرف عورتن جي ڀلائي جي اوسي پاسي گهمن ٿا.

مجموعي طور تي ٽين جنس سان تعلق رکندڙ فردن جو سڀ کان وڏو مسئلو تعليم حاصل ڪرڻ آهي. اسان جي تعليمي نظام ۾ ٽين جنس سان تعلق رکندڙ فردن لاءِ ڪي به مناسب قدم نه کنيا ويا آهن جيڪي کين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿين. جڏهن کين تعليم يافته بڻايو ويندو ته يقينن هو معاشري ۾ پنهنجي لاءِ ڪو عزت وارو مقام ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا. سياست ۾ سندن شموليت پڻ ڳجھارت بڻيل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صوبائي ۽ قومي سطح تي مثبت قانون سازي ذريعي جيئن عورتن لاءِ مخصوص سيٽون مقرر ڪيون ويون آهن ساڳي طرح خواجه سرائن جي لاءِ پڻ قانون سازي ڪري کين ڪوٽا ذريعي تعليمي ادارن، صوبائي ۽ قومي اسيمبلين ۾ سيٽون ڏنيون وڃن. کين سياسي ۽ سماجي عمل جي وهڪري ۾ شامل ڪري مثبت شهري بڻايو وڃي ۽ انهن جي لاءِ ادارا جوڙيا وڃن جيڪي انهن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪن ۽ کين برابري جي بنياد تي انسان تسليم ڪيو وڃي.