”امپورٽڊ حڪومت قبول ناهي“ وزيراعظم احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مايوسي ٿي، عدالتن جي عزت ڪريان ٿو، هڪ ڀيري آزاد عدليا جي تحريڪ دوران جيل ويس. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پارٽي شروع ڪئي ته ٽن اصولن تي هليو آهيان، خود داري ۽ انصاف تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو. هن جو چوڻ هو ته مهذب معاشري ۾ عدليه گارڊين هوندي آهي، ڊپٽي اسپيڪر جيڪو اجلاس ملتوي ڪيو ان جو ڪارڻ ڇا هو؟ مان چاهيان ٿو ته سپريم ڪورٽ گھٽ ۾ گھٽ ان خط کي ڏسي ها، سپريم ڪورٽ ڏسي ها ته ڇا اسان سچ ڳالهائي رهيا آهيون يا نه؟ جيڪو اسان چئي رهيا آهيون ته رجيم چينج جي سازش ته ڏسو ها. وزيراعظم جو چوڻ هو ته کلي عام هارس ٽريڊنگ ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا جو زمانو آهي ٻچي ٻچي کي خبر آهي، عدالت کان اميد آهي ته ان معاملي تي سوئوموٽو ايڪشن وٺي. انصاف جا ادارا ۽ عوام هي تماشو ڏسي رهيو آهي، ڪڏهن اهڙي شيءِ اولهه جمهوريت ۾ ناهي ڏٺي، قوم کي چوان ٿو ته ٻاهر کان سازش ٿي رهي آهي، هي توهان کي پنهنجن ٻچن جو مستقبل بچائڻو آهي. هي ميسيج ٽاپ سيڪريٽ هوندو آهي ان لاءِ ميڊيا کي نٿو ڏيان. قوم سان خطاب ۾ وزيراعظم نوجوانن کي مخاطب ڪيو ۽ چيو ته امپورٽڊ حڪومت کي تسليم نه ڪندس ۽ عوام ۾ ويندس.