خاص

ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جو 5 مئي تي پبلڪ ٽرانسپورٽ روڊن تي آڻڻ جو اعلان.

ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ارشاد بخاري اعلان ڪيو آھي ته 5 مئي تي پبلڪ ٽرانسپورٽ روڊن ۽ چوڪن تي آڻينداسين ۽ ھر رستو قدم کڻنداسين. ان دوران حالتون خراب ٿيڻ جي سڄي ذميواري صوبائي حڪومت تي عائد ٿيندي ۽ جيڪڏھن صوبائي حڪومت ان عمل کي طاقت سان دٻائڻ چاھي ٿي ته ٽرانسپورٽرن کي گرفتارين جي ڪا پرواھ نه آھي