ايڊيٽوريل

ارسا هڪ آئيني ادارو آهي ان سان غير آئيني ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وڃي!

هڪ ته اسان پنهنجي ملڪ کي آئين هيٺ هلائڻ ۾ ڪوتاهي ڪريون ٿا، ان جي مٿان وري جيڪو ڪجهه آئين سان ٿي رهيو آهي. ملڪ جا آئيني ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، صرف هڪ ڌر جي مفاد لاءِ انهن ۾ غير آئيني هٿ چراند ڪريون ٿا، ان سان نه صرف آئين ڪمزور ٿئي ٿو، پر ملڪ ۾ پڻ انتشار پکڙجي ٿو، صوبن جو وفاق تان ڀروسو گهٽ ٿئي ٿو ۽ عوام اندر بيچيني پيدا ٿئي ٿي. اهڙي قسم جي غير آئيني هٿ چراند اسان کي انڊس ريور سسٽم اٿارٽي جنهن کي عرف عام ۾ ارسا چيو وڃي ٿو ۾ ٿيندي نظر اچي ٿي.
ارسا اهو ادارو آهي جيڪو درياءَ سنڌ جي پاڻي کي سڀني صوبن ۾ ورهائي ٿو. ارسا هڪ آئيني ادارو آهي ان جا پنج ميمبر هوندا آهن هرهڪ صوبي مان هڪ هڪ ميمبر ۽ هڪ ميمبر وفاق جو هوندو آهي، ارسا جو چيئرمين واري واري سان سڀني صوبن جو ميمبر مقرر ٿيندو آهي. ڪجهه وقت کان ارسا جي اداري ۾ غير آئيني هٿ چراند ٿي رهي آهي، جنهن جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن گرين پاڪستان انيشيٽو نالي سان هڪ ڪمپني جو بنياد پيو ۽ اهو چيو ويو ته ان ڪمپني جي ذريعي ملڪ ۾ زرعي انقلاب آندو ويندو ان لاءِ انهيءَ ڪمپني کي ملڪ ۾ لکين ايڪڙ زمين پڻ الاٽ ڪئي وئي آهي. هاڻي مسئلو آهي ته ان زمين کي پاڻي ڪٿان ڏجي. سنڌي ۾ چوندا آهن “ڪانگ جي ڪاوڙ اَڪ مَڪڙ تي” يعني جيڪو علائقو بظاهر ڪمزور نظر اچي ان جو حصو استعمال ڪريو، ان لاءِ گرين پاڪستاني انيشيٽو ڪمپني کي پاڻي پهچائڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي راتاهو هڻڻ جون ڪوششون شروع ٿي ويون آهن. جنوري 2024 ۾ ان وقت جي نگران حڪومت جي ڪابينا هڪ قانون پاس ڪيو ته ارسا جو چيئرمين وفاقي حڪومت جو موجود يا رٽائرڊ 21 گريڊ جو ڪامورو مقرر ڪرڻ جو حق وزيراعظم کي هوندو. جنهن تي پڻ ڪابينا جي ڪجهه وزيرن اعتراض اٿاريو هو. نگران سنڌ حڪومت پڻ اعتراض ڪيو هو، ان باوجود وفاقي ڪابينا جو پاس ڪيل بل صدر کي موڪليو ويو، ان وقت جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي هو. ان اهو بل واپس ڪيو ڪابينا ان بل کي هڪ دفعو ٻيهر پاس ڪري موڪليو. صدر جي پاس ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه وقت لاءِ اهو قانون لاڳو ٿي ويو، پر موجوده اسيمبلي جڏهن ان بل کي پاس نه ڪيو ته اهو قانون مدي خارج بڻجي ختم ٿي ويو. موجوده وزيراعظم ڪوشش ڪئي ۽ هن هڪ آفيسر جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو جنهن ۾ ان آفيسر کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو، پر پيپلزپارٽي جي سخت مخالفت تي اهو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو، پر هاڻي جولاءِ کان وٺي هڪ منظم ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ صدر پاڪستان آصف علي زرداري پڻ اهڙي ترميم جو حامي بڻجي چڪو آهي، ان ترميم ۾ ساڳيون ڳالهيون ورجايون ويون آهن جيڪي نگران وفاقي حڪومت ڪيون هيون، ان سان سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽبو. ارسا ۾ فيصلا وفاق پنهنجي مرضي مطابق ڪندو باقي صوبن جي ميمبرن جي ڪابه حيثيت نه هوندي. چيو ٿو وڃي ته اها شروعات هڪ دفعو ٻيهر ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش طور ٿي رهي آهي.
افسوس اهو آهي ته هن وقت پيپلز پارٽي پڻ اهڙي غير آئيني قانون جي حمايت ڪندي نظر اچي ٿي. شايد پيپلز پارٽي کي پنهنجي حڪومت پياري آهي يا کيس وفاق اندر ڪو آسرو مليو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هو اکيون بند ڪري سنڌ جي حصي جي پاڻي جو سودو ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙو فيصلو سنڌ جو عوام بلڪل قبول نه ڪندو ته هن وقت به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي پورو نه ملي رهيو آهي، جنهن جي ڪري ڊيلٽا ۾ جيترو درياءَ سنڌ جو پاڻي وڃڻ کپي اهو نه وڃڻ ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي سنڌ جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين کي ڳهي ويو آهي. سنڌ جي عوام جو انحصار زراعت تي آهي، جيتوڻيڪ سنڌ اندر جاگيرادري به آهي، پر هارين جو به هڪ چڱو خاص تعداد آهي، ننڍا ننڍا آبادگار پڻ صوبي اندر موجود آهن جن جو جياپو سنڌو جي پاڻي تي آهي. پهرين کان کين سندن حصي جو گهٽ ملندڙ پاڻي کي هاڻي غير قانوني طور وڌيڪ کنيو ويو ته پوءِ سنڌ بنجر ٿي ويندي ڇا سنڌ کي پيپلز پارٽي بنجر ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ جو عوام مطالبو ٿو ڪري ته اهڙي ڪابه ڪوشش نه ڪئي وڃي، جنهن ۾ سنڌ جي پاڻي تي راتاهو هنيو وڃي. سنڌ جو ماڻهو پهرين کان ئي غربت جي زندگي گذاري رهيو آهي. جيڪڏهن سنڌ جون زمينون پاڻيءَ جي کوٽ سبب بنجر ٿيون ته سڌو نقصان عوام کي پوندو. پيپلز پارٽي کي ته سنڌ جي عوام جي اهنجن جو احساس هئڻ گهرجي. خبر ناهي ته ڪهڙي لالچ کين سنڌ جي ماڻهوءَ جو آئيني ۽ قانوني پاڻيءَ جو حصو ٻين حوالي ڪرڻ ۾ همٿائي رهي آهي.