بلاگ

انساني ارتقاءَ ۽ سيما عباسيءَ جون ڪهاڻيون راشد لکمير

ڪائنات جڏهن پنهنجون ارتقائي منزلون طئي ڪندي، انساني زندگيءَ جي پيدائشي مرحلي تائين پهتي ته انسان جي پيدائش سان ڪائنات مزاحمت، ڪشمڪش ۽ تخليق جا نوان نوان عنوان ڏنا. رڪاوٽن، رنڊڪن ۽ جدوجهد جا نوان باب وجود ۾آيا، شايد انهيءَ سڀني منظرن جي گواهي ان کان اڳ نٿي ملي.

مان جڏهن جڏهن انسانيت جي ڪرت ۽ ڪردار جي تاريخ تي نظر وجهان ٿو ته مون کي ٽن طرحن جا انسان نظر اچن ٿا.

  1. اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي مادي ۽ طبعي ترقيءَPhysical & Materialistic جي ڪوشش ۾محو نظر اچن ٿا، سندن اندر جي دنيا ويران ۽ سنسان هوندي آهي. شايد فقط پنهنجي فائدي، پنهنجي ترقيءَ، پنهنجي مضبوطي ۽ دوام لاءِ جدوجهد ڪندا نظر ايندا آهن، اِهي خود غرض ۽ مطلبي هوندا آهن ۽ پنهنجي مفادن لاءِ جيئندا آهن.
  2. ٻيو طبقو انهن انسانن جو آهي جيڪي پنهنجي اندر جي غار ۾ لڪي صرف پنهنجي اندر کي روشن ڪرڻ ۽ روحاني طاقتن کي ماڻڻ ۾ مگن نظر ايندا آهن، ترڪ دنيا انهن جو نظريو بڻجي ويندو آهي، اهي خارجي دنيا ۽ فطرت جي طبعي قانونن کان منهن موڙي ڪنهن ڪُنڊ جو شڪار ٿي ويندا آهن، منهنجي نظر ۾ اهي به پنهنجي نجات، پنهنجي روحاني ارتقا ۽ پنهنجي فلاح لاءِ ڪوشان هوندا آهن.
  3. جڏهن ته ڪائنات ۽ انسانن جو ٽيون طبقو اهو آهي جيڪي نهايت قليل تعداد ۾ هوندا آهن، پر قيمتي انسان هوندا آهن، جيڪي پنهنجي اندر جي طاقت، من جي مڻيا ۽ خدا طرفان ڏنل صلاحيتن ۽ وسيلن کي ٻين جي فائدي، مضبوطي، واڌ ۽ ارتقاءَ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن، اهي ڪائنات کي تسخير ڪرڻ لاءِ ۽ انسانيت جي مفاد عام ڪرڻ لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر سعي ۽ عمل ڪندا نظر ايندا آهن.

درحقيقت اهي ئي انسان جدوجهد، ڪشمڪش، مزاحمت جا ناياب باب هوندا آهن، اهي ئي ڏات جا ڏيئا، واٽ جا مرشد، قوم جا رهبر، حق جا پيامبر ۽ تخليق جا تارا هوندا آهن.

مزاحمت، جدوجهد، ڪشمڪش ۽ تخليق انسانيت جو حسن ۽ سينگار آهي ۽ فطرت جو قانون آهي ته جڏهن پٿر جي سيني تي لوهه جي ضرب لڳندي آهي تڏهن ئي ان مان روشن چڻنگ برآمد ٿيندي آهي. ساڳئي ريت چنگ جي تارن کي آڱر جي ننهن جي چوٽ رسندي آهي تڏهن ئي ان مان ڪو خوابيده نغمو بيدار ٿيندو آهي. نديءَ جي بيٺل پاڻيءَ ۾ اُڇليل ڳرو پٿر ئي لهرن ۾ ارتعاش پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻبو آهي.

ساڳئي ريت انساني دنيا ۾ جڏهن ڪو ٽڪراءُ ٿيندو آهي يا ڪا مزاحمت سامهون ايندي آهي ته ان جي فطري نتيجي طور انسان جي دل، دماغ، روح جون لهرون مُرتعش ٿي ڪنهن بغاوت يا ڪنهن تخليق جي صورت اختيار ڪنديون آهن، اهڙن ئي تخليقي ڪردارن مان اڄ جي سنڌي ادب جو هڪ انمول ڪردار سيما عباسي جي نالي سان پڻ نروار ٿي آيو آهي.

راهه جي رنڊڪن، مهاڏي آيل مزاحمتن ۽ واٽ جي واچوڙن سندس اندر جي دنيا کي اها روشني عطا ڪئي آهي، جنهن کي سندس روح جي ٻوليءَ ۽ غيب جي ندا اُها چئي سگهجي ٿو، جنهن جو پڙاڏو سندس قلمي ڪارنامن جي شڪل ۾ ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو.

درد مرشد جي هي شاعره معاشرتي ڏاڍ، جبر ۽ جهالت جي ريتن رسمن جي ڪهاڻيڪار راوي پڻ آهي، هوءَ پاڻ به هڪ اهڙي ڪهاڻي جو عنوان آهي جنهن ادبي دنيا جي آمرن ۽ علمبردارن جي هٿ ٺڪي ريتن رسمن سامهون ڪنڌ نوائي شڪست تسليم نه ڪئي، پر سماج جي ظلم آڏو مهاڏو اٽڪائي پنهنجي قدمن کي ثابت قدم رکندي، اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي منزل ماڻڻ جي مسافري جي تسلسل کي برقرار رکندي ڪامياب ٿي ڏيکاريو. ادب سندس زندگيءَ جو جنون ۽ ديوانگيءَ آهي.

چوندا آهن ته،

“هر چند عقل ڪل شده، بي جنون مباش هر ڪمال”

بيشڪ عقل ته هڪ ذريعوInstrument  آهي، پر جنون کانسواءِ ڪو ڪمال ممڪن نه آهي ۽ مان جڏهن به سندس فعال ۽ متحرڪ ڪردار تي نظر وجهندو آهيان، سندس اُٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ، ٻولهائڻ، سوچڻ، لوچڻ، گهمڻ، ڦرڻ هر هر عمل سان ادب، سلهاڙيل ملندو آهي.

“من لذتِ درد تو به در مال نه فرو شم”

ديوانگيءَ ۽ درد جي لذت کي ڪنهن به درمان/علاج هٿان ڪڏهن به فروخت ڪرڻ پسند نه ڪيائون ۽ سيما عباسي هزار ها فرزانگي کي ان ديوانگيءَ تي قربان ڪيو آهي.

سنڌ جي هن عظيم سورميءَ شديد مخالفتن کي سدائين همت ۽ جرئت سان منهن ڏنو آهي ۽ پنهنجي مقصد عظيم جي پتوڙ ۾ وڌيڪ جاکوڙيندي نظر آئي آهي.

“خلق پسِ ديوانه و ديوانه به کاءِ”

سڄي خلق هٿن ۾ پٿر کڻي ڪنهن اهل علم جي پٺيان هوندي آهي، پر ديوانو ان سڀ جي پرواهه ڪونه ڪندو آهي ۽ پنهنجي ڪم ۾ رُڌل هوندو آهي. اڄ دل چاهي ٿي ته مان سيما عباسي کي مرزا غالب جي هن شعر سان ڀيٽا پيش ڪيان.

“بلبل ڪي ڪاروبار پر هين خنده هائي گل،

ڪهتي هين جس ڪو عشق خلل هي دماغ ڪا”

بلبل جڏهن باغ جي گلن کي ڏسندي آهي ته وڌيڪ خوش ٿيندي ۽ چهچائيندي آهي ۽ پنهنجي مخصوص ٻوليءَ ۾ بي ساخته محبت ۽ خوشيءَ جو نغمو ڳائيندي آهي. جيتوڻيڪ گل سندس ان خوشيءَ جي لاٽ تي کلندا ۽ ان جي ديوانگيءَ جو مذاق اُڏائيندا نظر ايندا آهن. بيشڪ عشق جيڪو دماغ جو خلل آهي سو سيما عباسي جي زندگيءَ ۾ ان ديوانگيءَ جو عڪس نمايان نظر ايندو آهي.

سيما عباسي اڄ سنڌ جي جديد ادب جو اهو قابل ستائش ڪردار آهي جنهن شاعري ۽ ڪالمن جي دنيا ۾پنهنجي قلم ڪاريءَ جي ڪرشما سازي کي مڃرائڻ کانپوءِ جڏهن ڪهاڻين جي دنيا ۾ قدم ڀريو آهي ته سندن ڪهاڻيون پڻ شاعريءَ جيتري مقبوليت ماڻي رهيون آهن.

ٽيڪنيڪل لحاظ کان مشاهداتي طاقت، ڪهاڻي جو پلاٽ، ترتيب، ڪردارن جو انتخاب، تجسس Suspense، جذبن جي اُٿل ڪهاڻي تحرير ڪرڻ ۾ هُن جو پنهنجو اسلوب اهي سڀئي خوبيون سندس ڪهاڻي جي زينت آهن. سندس ڪهاڻين ۾Environment  ۽ دلچسپ اختتام نمايان هوندو آهي.

سيما عباسي بي دردي ۽ ظالماڻه طريقي سان پنهنجي اندر موجود احساس، جذبات ۽ فڪر کي نپوڙي ڪاغذ تي وکيريندي آهي، هِن جو تجربو ۽ مشاهدو، علم جي وسعت، سوچڻ سمجهڻ جي قوت، لفظن جي چونڊ ۽ تحريڪ سندن ڪهاڻين ۾ جهلڪندي نظر ايندي آهي.

سيما عباسي جنهن وقت ڪهاڻي لکندي آهي ته شعور ۽ لاشعور ان وقت ڪنهن سنگم واري نقطي تي هٿ ملائي سندس قلم کي اهڙو جوهر عطا ڪندا آهن جو پڙهڻ واري جي ذهن تي ان جو نقش ڊگهي وقت لاءِ چٽجي ويندو آهي.

سندس مقبول ڪهاڻين ۾ “فيصلو”، “بخت جي بازي”، “ڪٺيس ڪويڄن”، “رُدالي”، لاڪ ڊائون”، “شير شاهه جو شڪرو”، “اهو سون ئي گهوريو”، “ووٽ براءِ برياني” اهي شاهڪار ڪهاڻيون آهن، جيڪي پوري ۽ اڻپوري انجام تائين پڙهندڙ کي تخيل جي گهرائي تائين پاڻ سان گڏ کڻي هلن ٿيون جو آخري سٽ پڙهڻ کانپوءِ به قاري گهڻي دير تائين ان ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيل سماجي پسمنظر جي پاڇولي ۾ گم سم رهي ٿو.

مان سمجهان ٿو ته سيما عباسي جديد سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جي ميدان ۾ پنهنجو مقام مڃرائي چُڪي آهي ۽ جنهن  محنت، جدوجهد ۽ جنون سان لکي رهي آهي جلد سندن شمار سنڌ جي صف اول جي ڪهاڻيڪارن ۾ ٿيڻ لڳندو.

ورجينا وولف جي قول مطابق،

”Every secret of a writer’s soul, every experience of his/her life, every quality of his/her mind is written in his/her large works“

سندس لکڻين ۾ روح جو آواز، زندگيءَ جا تجربا ۽ بهترين ذهني صلاحيتن جو اظهار نمايان طور تي ڏسي سگهجي ٿو.

***