چي گويرا جي ياد ۾ ايندڙ هفتي ڪيوبا ۽ بوليويا ۾ تقريبون
ايندڙ هفتي ڪيوبا ۽ بوليويا ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي اڳواڻ “چي گويرا” جي ياد ۾ مختلف پروگرام رٿيا ويا آهن ۽ سندس پنجاهين ورسيءَ کي وڏي مان ۽ شان سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. “چي گويرا” جا چار ٻار ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ بوليويا ۾ ٿيندڙ ان تقريب ۾ حصو وٺندا. جتي گوريلا اڳواڻ “چي” 9 آڪٽوبر 1967ع تي بوليويا جي (سي آءِ اي) جي هڪ تربيت يافته يونٽ هٿان ماريو ويو هو