فلسفو سوال مان جنم وٺي ٿو ۽ انسان اهو واحد وجود آهي، جيڪو سوال ڪرڻ جي جرئت رکي ٿو. جڏهن ڪائنات وجود ۾ آئي، وقت حرڪت اختيار ڪئي ۽ انسان شعور جي روشني سان جاڳيو، تڏهن سڀ کان پهريان سوال جيڪي انساني ذهن ۾ اڀريا اهي هئا: “مان ڪير آهيان؟ مان ڇو آهيان؟ ۽ هن وسيع ڪائنات جو مالڪ ڪير آهي؟” اھي سوال فقط وجود بابت نه، پر مقصد، معنيٰ ۽ سچ بابت آهن. اهي ئي سوال انسان کي خدا ڏانهن وٺي وڃن ٿا. خدا انسان لاءِ روايتي عقيدو نه، پر هڪ وجودي ضرورت آهي. انسان ٻين مخلوقن کان مختلف آهي. ڇاڪاڻ ته هو سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ مستقبل بابت فڪر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جڏهن انسان ڪائنات جي وسعت، ستارن جي چمڪ، زندگي ۽ موت جي حقيقتن تي غور ڪري ٿو ته هو پاڻ کي ننڍڙو ۽ ڪمزور محسوس ڪري ٿو. اهڙي احساس ۾ انسان کي هڪ اهڙي طاقت جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، جيڪا هن ڪائنات کي ترتيب سان هلائي رهي هجي. جيڪا انسان جي وجود کي مقصد ڏئي. خدا انسان کي اهو احساس ڏياري ٿو ته سندس زندگي بي مقصد نه آهي، پر هڪ وڏي منصوبي جو حصو آهي. فلسفي جي نظر ۾ انسان ڪا مڪمل شيءِ نه، پر هڪ جاري عمل آهي. هو جنم وٺي ٿو پر مڪمل نه هوندو آهي. هو جيئندو آهي ۽ پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. يوناني فلسفي کان وٺي اسلامي فڪر تائين، انسان کي “عاقل حيوان” چيو ويو، پر حقيقت ۾ انسان سوچيندڙ سماجي جانور آهي. هو پاڻ کي وقت، موت ۽ اڻڄاڻائيءَ جي وچ ۾ ڦاٿل ڏسي ٿو. اهڙي بيقراريءَ ۾ خدا هڪ اهڙو تصور بڻجي ٿو، جيڪو انسان جي وجودي ڀڃ ڊاهه کي معنيٰ ڏئي ٿو. خدا تي ايمان انسان کي ذميوار بڻائي ٿو. هو سمجهي ٿو ته سندس هر عمل جو حساب آهي. اهو احساس انسان کي ظلم، ناانصافي ۽ خود غرضي کان روڪي ٿو. خدا جو احساس انسان کي سيکاري ٿو ته طاقت آزمائش آهي، دولت امانت آهي ۽ زندگي هڪ ذميواري آهي. جڏهن انساني عقل سوال پڇندي پڇندي ٿڪجي پوي ٿو، تڏهن خدا فڪر جي آخري حد بڻجي ٿو. ارسطو جو “پهريون محرڪ”، افلاطون جو “خيرِ مطلق” (جهڙوڪ: انصاف، سچائي، خوبصورتي)، ابن سينا جو “واجب الوجود” (واجب الوجود رڳو هڪ ئي ٿي سگهي ٿو جيڪو ٻن حصن يا جزن مان ملي نه ٺهيو هجي هو پاڻ ئي عقل، عاقل ۽ معقول هجي) اهي سڀ مختلف نالا آهن، پر حقيقت هڪ ئي آهي. ڪجهه اهڙو ضرور آهي، جيڪو پاڻ وجود آهي ۽ ٻين کي وجود ڏئي ٿو. خدا عقل جو انڪار نه، پر عقل جي تڪميل آهي. جتي عقل بي وس ٿئي ٿو اتي خدا جو تصور خاموشيءَ سان ڳالهائي ٿو. فلسفي جو بنيادي سوال آهي: “وجود ڇو آهي؟ عدم ڇو نه؟” جيڪڏهن ڪائنات پاڻمرادو آهي ته پوءِ قانون، ترتيب ۽ مقصد ڪيئن پيدا ٿيا؟ خدا جو تصور انهيءَ سوال جو جواب ڏئي ٿو ته وجود اتفاق نه، پر ارادو آهي. انسان جڏهن پاڻ کي فاني ڏسي ٿو تڏهن هو ڪنهن اهڙي هستيءَ کي ڳولهي ٿو جيڪا فنا کان پاڪ هجي. خدا انسان لاءِ ثابت حقيقت آهي، جنهن جي مقابلي ۾ هر شيءِ عارضي آهي. موت فلسفي جو سڀ کان سخت سوال آهي. انسان ڄاڻي ٿو ته هو مري ويندو ۽ اها ڄاڻ هن کي پريشان ڪري ٿي. جيڪڏهن زندگي فقط ڪيميائي عمل هجي ته پوءِ محبت، قرباني ۽ سچ جي ڪا معنيٰ نه رهي. خدا انسان کي اهو امڪان ڏئي ٿو ته موت انت نه، پر دروازو آهي؛ فنا نه، پر تبديلي آهي. اهو تصور انسان کي زندگيءَ ۾ سنجيدگي، ذميواري ۽ اميد عطا ڪري ٿو. فلسفياڻي اخلاق ۾ سوال اٿي ٿو: “چڱائي ڇو چڱي آهي ۽ برائي ڇو بري آهي؟” جيڪڏهن اخلاق فقط سماجي ٺاهه هجي ته پوءِ طاقتور جو ظلم به جائز ٿي سگهي ٿو. خدا اخلاق کي مطلق بڻائي ٿو. سچ ان لاءِ سچ آهي جو اهو خدا سان جڙيل آهي. انصاف ان لاءِ ضروري آهي جو اهو خدائي صفت آهي. انسان خدا کانسواءِ قانون ٺاهي سگهي ٿو، پر ضمير نه. جديد انسان سائنس سان ڪائنات کي فتح ڪيو، پر پنهنجي اندر کي وڃائي ويٺو. وجوديت(Existentialism) انسان کي آزادي ته ڏني، پر معنيٰ نه ڏئي سگهي. نتيجي ۾ بي معنيٰ آزادي انسان کي اڪيلائيءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. خدا انسان کي آزادي سان گڏ هدايت ڏئي ٿو، چونڊ سان گڏ ذميداري ڏئي ٿو. خدا انسان جي روحاني خال کي ڀري ٿو جيڪا ڪابه مادي ترقي نٿي ڀري سگهي. فلسفي ۾ خدا هميشه ڳالهائيندڙ نه، پر حاضر آهي. ھو سوالن جا سڌا جواب نٿو ڏئي، پر سوال کي معنيٰ ڏئي ٿو. ھو دليلن ۾ قيد نٿو ٿئي، پر دل جي سچائيءَ ۾ محسوس ٿئي ٿو. خدا انسان کي مجبور نٿو ڪري، پر پاڻ ڏانهن سڏي ٿو.