انسان جا بنيادي حق ۽ انهن جي حاصلات لئه جاکوڙ ڊاڪٽر پيار علي جتوئي

مختلف دورن ۾ انسان مختلف سماجن، مختلف نظرين، مختلف تهذيبن مان گذرندا رهيا آهن ۽ مختلف وقتن ۾ انسان جا بنيادي حق مٽبا رهيا آهن. جيئن جيئن انساني ذهني ارتقا جي مرحلي ۾ شامل ٿيندو رهيو آهي تيئن تيئن انسان پنهنجي حقن جي حاصلات لئه جاکوڙيندو رهيو آهي. آڳاٽي هندو ڌرم ۾ ماڻهو ذات پات جي ڪيترن قسمن جي فرقن ۾ ورهايل هوندا هئا، جن ۾ خاص هي ذاتيون هونديون هيون. برهمڻ، ويش، کتري ۽ شودر، انهن ذاتين جي بنياد تي ماڻهن جا ڌنڌا ڌاڙي ورهايل هوندا هئا. شودرن کي هڪ انسان جي روپ ۾ جانور سمجهيو ويندو هو. شودرن تي علم توڙي ڄاڻ جا دروازا بند هوندا هئا، ايستائين جو پاڪ ڪتاب جا ڪجهه لفظ غلطيءَ سان به ڪنهن شودر ٻڌي ورتا ته ان جي ڪنن ۾ ٽهڪيل شيهو وڌو ڏيندو هو يا انهن جي ويهڻ واري جاءِ تي لوهي سيخ داخل ڪئي ويندي هئي. عورت کي ته مڙس جي خدمت لاءِ پيدا ڪيل سمجهيو ويندو هو، جنهن جو ڪم ئي اهو هوندو هو ته هوءَ مڙس جي سڪون جو سامان مهيا ڪري. گوتم ٻڌ جي زماني ۾ انسانن جي مختلف طبقن ۾ ورهاست ٿيل هوندي هئي، جنهن ۾ مذهبي طبقي جي ماڻهن ۽ پنڊتن کي ڀڳوان جي سسيءَ مان پيدا ٿيل سمجهيو ويندو هو. جڏهن ته اڳواڻن حڪمرانن کي ڀڳوان جي چيلهه مان پيدا ٿيل سمجهيو ويندو هو ۽ غريبن هارين نارين کي ڀڳوان جي پيرن مان پيدا ٿيل سمجهيو ويندو هو. حاڪم گهراڻن جي فردن کي قدرت طرفان اهو حق حاصل هو ته اهي غريبن مسڪينن تي حڪمراني ڪن ۽ غريبن تي انهن حاڪمن جي دل سان غلامي ڪرڻ فرض هو. جيڪي غريب حاڪمن جي غلامي ڪرڻ کان انڪاري ٿيندا هئا، انهن کي بغاوت جي ڪيس ۾ ڦاسيءَ تي ٽنگيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح سان اوائلي مصري، ميسيپوٽوميا تهذيبن ۾ به ماڻهن جا بنيادي حق غصب ٿيل هوندا هئا. شروع کان وٺي پادرين، ٻاون، پنڊتن ۽ مذهبي ماڻهن جي حاڪمن سان ڳٺ جوڙ هجڻ ڪري ۽ انهن جا مڪروهه مفاد هڪٻئي سان سلهاڙيل هجڻ ڪري انهن جي پاڻ ۾ پڪي ياري رهندي آئي آهي، جيڪا اڄ تائين پٺتي پيل تهذيبن ۾ اڃان تائين نه رڳو قائم ۽ دائم، پر مضبوط رهندي پئي اچي.

دنيا ۾ هر انسان تائين علم پهچڻ جي ڪري توڙي عقلي ارتقا ۽ سائنس جي بي پناهه ترقي ڪري مذهبن جو ڪافي حد تائين اڳ جهڙو اثر رسوخ ناهي رهيو. ماڻهن مان مذهبن جي اثر گهٽجڻ ڪري ماڻهو ملن مولوين پنڊتن جي چنبي مان آزاد ٿي چڪا آهن ۽ ماڻهن ۾ ايترو شعور اچي چڪو آهي جو اهي مُلي مولوي جي ڪنهن به قسم جي غير شعوري غير عقلي ڳالهه کي نندي سگهن ٿا ۽ ان کي پنهنجي عقل جي ڪسوٽي تي پرکي ڪوڙو قرار ڏئي سگهن ٿا. ماڻهن ۾ مذهبن جي سخت گير قائدن قانونن جي خلاف ايتري جرئت پيدا ٿيڻ جي ڪري ماڻهو وقت جي حڪمرانن سان به مهاڏو اٽڪائڻ جي قابل بڻجي چڪا آهن ۽ اهڙي طرح سان پراڻي طرز واريون حڪومتون، بادشاهيون، شهنشاهيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون اٿائون ۽ جديد طرز حڪومت “جمهوريت” رائج ڪئي وئي آهي. نئين جديد حڪومتن جي قائم ٿيڻ سان انساني بنيادي حق به وقت سان گڏ تبديل ٿي چڪا آهن. نه رڳو انساني، پر ڌرتي تي رهندڙ هر جيوت جا بنيادي حق جوڙيا ويا آهن ۽ هر رياست تي اهو زور ڀريو وڃي ٿو ته انهن بين الاقوامي قانونن تي حقيقي معنيٰ ۾ عمل پيرا ٿئي.

اڳ ۾ جتي اٽي لٽي اجهي کي ئي انسان جا بنيادي حق سمجهيو ويندو هو، پر هاڻ ڳالهه ان کان ڪافي اڳتي نڪري چڪي آهي. هاڻ هر انسان پنهنجي لاءِ برابري جي بنياد تي پنهنجا پيدائشي حق گهري رهيو آهي، جن کي ٿلهي ليکي هيٺ بيان ڪجي ٿو.

(1) انسان جي سڀ کان بنيادي پيدائشي حقن مان آزادي سڀ کان وڌيڪ اهم حق سمجهيو وڃي ٿو. انسان جيئن ته آزاد پيدا ٿئي ٿو، پيدائش وقت اهو ڪنهن به قسم جي غلامي ۾ جڪڙيل ناهي هوندو تنهنڪري اڄوڪي انسان غلاميءَ کي لعنت قرار ڏئي غلامي تي مڪمل پابندي مڙهي ڇڏي آهي. غلامي چاهي ڪهڙي به قسم جي هجي، چاهي ڪهڙي به رنگ روپ جي هجي، چاهي غلاميءَ کي ڪيڏو به سنواري سينگاري پيش ڪيو وڃي، پر غلامي هر حال ۾ قبول ناهي، غلامي آزاد قومن لئه هڪ گار آهي ۽ جيڪو حاڪم عام عوام جي آزادي کسي ٿو، اهو ڪنهن به صورت ۾ حڪمران ٿيڻ جي لائق ناهي. آزادي سونهن آهي، حسن آهي، خوبصورتي آهي جڏهن ته غلامي کان وڌيڪ ڪا بدصورتي ئي ناهي. آزادي سچ آهي، حقيقت آهي جڏهن ته غلامي ڪوڙ آهي، دوکو آهي دولاب آهي، ٺڳي آهي، مڪر آهي ۽ فريب آهي. تنهنڪري دنيا جي ترقي يافته تهذيبن ۾ غلامي جي هر قسم تي مڪمل پابندي مڙهيل هجي ٿي. نه رڳو انسان آزاد زندگي گذاري سگهي ٿو، پر اهو انسان آزاد ٿي مري به سگهي ٿو. زندگي ۾ هو جيئن وڻي، جيڪو به نظريو اپنائي، جنهن به طبقي سان منسلڪ هجي، هو مڪمل طور آزاد ٿي رهي سگهي ٿو، تهڙيءَ طرح هو مڪمل آزاديءَ جي صورت ۾ هي جهان ڇڏي به سگهي ٿو، ان تي ڪنهن به قسم جي پابندي لاڳو نه ڪئي ويندي چاهي هن کي دفنايو وڃي يا هن کي ساڙيو وڃي يا هن جي لاش کي ڪتن، ڳجهن جو کاڄ بڻايو وڃي يا چاهي هن جي قبر کي زنجيرن ۾ جڪڙيو وڃي، هو آزاد آهي هن جي خواهش جو هر طرح سان پورو پورو خيال رکيو ويندو.

(2) انسان جي بنيادي حقن مان خوشي به انتهائي بنيادي حق هجي ٿو. خوش رهڻ، خوش گذارڻ، خوشي ماڻڻ هر انسان جو پيدائشي حق آهي. سڪون سان مزي سان اطمينان سان، بي خوف بي ڊپو ٿي گذارڻ انسان جو جائز حق آهي. جيڪڏهن ڪو ڪنهن انسان کي ڊيڄاري ٿو، ڌمڪائي ٿو، هن کي خوف ۾ مبتلا ڪري ٿو، اهو قانون جي ڪٽهڙي ۾ ڏوهي تصور ڪيو وڃي ٿو. سماج ۾ ڪنهن به قسم جي خوف جي لهر پکيڙڻ، انسان کي ٻئي انسان کان ڀئو هجڻ، پنهنجي جان، مال، عزت ۽ آبرو جو ڊپ هجي ته اها رياست ناڪام رياست تصور ڪئي ويندي، اهو حڪمران حاڪم ٿيڻ جي لائق ئي ناهي جيڪو پنهنجي رياست اندر امن ۽ امان پيدا نه ڪري سگهي. اها رياست انارڪي رياست بڻجي پوندي، جتي هر طرف چورن، ڌاڙيلن ۽ لٽيرن جو خوف ۽ حراس هوندو، جتي قانون جي بالادستي قائم هوندي، جتي جا باشنده امن ۽ امان ۾، بي خوف بي ڌڙڪ ٿي رهندا، اها ڪامياب رياست سڏرائيندي. تنهنڪري رياست جي اها اهم ذميواري آهي ته اها پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ جوڳا اپاءُ وٺي، ماڻهن کي خوش رهڻ لاءِ سڀ سهولتون ميسر ڪري. ماڻهن کي خوشي مهيا ڪري. اسان مان هر انسان خوش رهڻ جو حق رکي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن سماج ۾ انسان کي ڊيڄاري ڌمڪائي رکيو وڃي ته اهو اتان جي رهاڪن تي لازم ۽ ملزوم ٿي پوي ٿو ته اهي ماڻهو ان وحشت، ان بربريت جي خلاف اٿي اعلان جنگ ڪن. ڪنهن کان ڊڄي، ٽهي، ڪنهن وڏيري، سردار، ڀوتار جو لاٺڙيو ٿي، ڪنهن جو چمچو ٿي سئو سال غلامي ۾ گذارڻ بدران شان ۽ شوڪت، ٺٺ سان، ڳاٺ اوچو ڪري زندگي گذاري وڃي. اهڙي فخر واري زندگي ماڻڻ لئه ڀل ڇو نه سوين موت جي گهاٽ چاڙهيا وڃن، پر پوءِ به اهڙي سورهيائي ۽ بهادري جي موت کان مور نه ڊڄڻ گهرجي ۽ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لئه هر قسم جي قرباني ڏيڻ لئه تيار رهڻ گهرجي. ڇو ته سرخرو ٿي نه رڳو جيئڻ، پر سروخرو مرڻ به وڏي اورچائي ۽ گڻ آهي جيڪو هر ڪنهن جي نصيب ۾ ناهي هوندو.

(3) انسانن جي بنيادي حقن مان برابري هڪ تمام وڏو ۽ مکيه حق آهي، جنهن جي لئه انسان سڄي زندگي پاڻ پتوڙي ٿو. برابري هر انسان ۾ هر طرح سان قائم هجي. علم جي نور کان منور ٿيڻ کان وٺي انسان جون بنيادي گهرجون، جسماني کاڌ خوراڪ توڙي صحت جون سهولتون ميسر هجڻ تائين سڀني انسانن ۾ هڪ جيتري ورهاست ٿيل هجي. رياست جي ڪنهن به فرد، گروهه، قبيلي يا قوم کي ان جي فرقي يا مذهب، نسل، رنگ توڙي علائقي جي متڀيد کان مٿانهون ٿي هڪ جيترا حق حاصل هجن. ڪنهن کي به ڪنهن تي رياست طرفان فوقيت نه مليل هجي.  قانون سڀني لئه ساڳيو هجي ۽ قانون امير توڙي غريب، حاڪم توڙي رعيت تي هڪ جهڙو لاڳو هجي. ماڻهن جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو فرق محسوس نه ڪيو وڃي ته جيئن اتان جي رهاڪن ۾ هڪ قسم جو اطمينان ۽ ڀروسو پيدا ٿي پوي. اتان جا ماڻهو رياست کي پنهنجي ماءُ سمجهڻ لڳن. رياست جي هر شيءِ کي هو پنهنجو تسليم ڪرڻ لڳن ۽ ان سان اهي ماڻهو رياست ۾ رهندڙ هر فرد کي پنهنجو سمجهڻ لڳندا، هر شهري جي ڏک ۽ درد کي پنهنجي تڪليف سمجهڻ لڳندا ۽ هر ماڻهو پنهنجي ملڪ توڙي حقيقي فلاح ۽ بهبود لئه جاکوڙڻ لڳندا جنهن سان ملڪ ڏينهون ڏينهن ترقي جون منزلون طئي ڪندو ويندو. اهڙي ملڪ جا رهواسي سٺا شهري بڻجي پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي دنيا ۾ مٿانهون مقام ڏياريندا آهن ۽ اها رياست دنيا جي نقشي تي حقيقي معنيٰ ۾ فلاحي رياست طور نمودار ٿيندي آهي.

(4) ڌرتيءَ جي سيني تي رهندڙ سڀني انسانن کي اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته هن گولي تي رهندڙ آفريڪي هجي يا آمريڪي، يورپ جو ڳورو هجي يا هندستان جو سانورو، هن گولي تي وسندڙ سڄي آباديءَ جو مقدر هڪ جهڙو ئي آهي. هي ڌرتي هن ڪائنات جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍڙي قسم جي هڪ اڏام کٽولي آهي، جنهن تي نه فقط اسين سڀ انسان، پر سڀئي جيت جڻا جانور وڻ ٽڻ سوار آهيون. اها اڏام کٽولي برق رفتاري سان ڪنهن اڻ ڏٺي منزل ڏانهن مسلسل ڌوڪيندي رهي ٿي. اسان سڀني کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته اسان جو مقدر ساڳيو آهي. هي سڄي ڌرتي پنهنجي آهي، هي چين پنهنجو آهي، هي عربستان، انگلستان به پنهنجا ئي آهن، هي برفاني چوٽيون، رڻ پٽ، ريگستان، ترائيون سڀ پنهنجون ئي آهن، هي گيت وايون، غزل، قصا ڪهاڻيون، رقص، رونقون، جهمريون، شادمانا سڀ پنهنجا ئي آهن. هي ملڪن جي وچ ۾ سرحدون عارضي آهن. هن ڌرتي ۾ موجود سڀئي ذخيرا، هيرا، لعل موتي سڀ پنهنجا ئي آهن، هي هوائون، فضائون، انڊلٺيون، مينهن، بادل برساتون سڀ پنهنجون آهن، هي آسمان، خلائون، سج چنڊ تارا ڪتيون سڀ پنهنجون آهن، هن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيل سڀ مٿير مڙس، جنگي جوڌا جوان، آڙيڪاپ، باغي ذهن، فلسفي، سائنسدان، ڏاها، عظيم ليکڪ، شاعر به سڀ پنهنجا آهن. مطلب ته هن ڪائنات ۾ موجود هر ذري تي اسان سڀني جو گڏيل حق آهي. انسان جيڪي ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، انهن سڄي سوچ ۾ اسان سڀني جو ڪنهن نه ڪنهن حد تائين حصو رهيو آهي. جهڙي طرح سان هن انساني ترقيءَ ۾ اسان سڀني جو حصو شامل رهيو آهي، بدقسمتي سان اسان سڀ گڏجي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ان ڌرتيءَ کي تباهه به ڪري رهيا آهيون. تنهنڪري اسان کي سوچڻ گهرجي ته جيئن ته سڄي انسان ذات هڪ ئي ٻيڙي تي سوار آهي، تنهنڪري اگر ڪنهن ڄٽ مٿي ڦريل هن ٻيڙي ۾ سوراخ ڪري وڌو ته پڪ ڄاڻو اسان سڀ ٻڏي مرنداسين. ڇو ته اسان سڀني جو مقدر ساڳيو آهي. اسان سڀني کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان انسان سڀئي هڪٻئي جا دشمن ناهيون، پر هڪ ٻئي جا ساٿي مددگار آهيون. اسان کي هڪٻئي جا ترا ڪڍڻ بدران هڪٻئي کي ترقي ڏيارڻ گهرجي. جيڪڏهن هي ڌرتي ڀڄندي ڀرندي ته اسان انسان ئي هڪٻئي جي سهڪار سان لڏپلاڻ ڪري ڪنهن ٻئي گرهه ڏانهن اڏامي پنهنجو وجود قائم رکي سگهون ٿا. اسان پنهنجو نسل هن ڌرتي کان منتقل ڪري ڪنهن ٻئي ڪهڪشان ڏانهن هجرت ڪري به اتي وڌائي سگهون ٿا. تنهنڪري اسان سڀني کي هڪٻئي جي سهاري جي اشد ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان هڪٻئي جي مدد نه ڪئي سين ته يقين ڄاڻو اسان هڪ نه هڪ ڏينهن هن ڌرتي تان ختم ٿي مٽجي ميسارجي وينداسين.

آخر ۾ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا اهو سڀ ڪجهه ممڪن آهي؟ ڇا اسان عالمي طور گڏجي سگهون ٿا؟ ڇا اسان سڀني جي سوچ هڪ جهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ڇا اسان هڪ عالمي گڏيل مفاد لئه پاڻ ۾ مڙي مٺ ٿي سگهون ٿا؟ ته جواب ايندو، ها بلڪل ڇو نه. اسان کي فراخدلي جو مظاهرو ڪرڻ کپندو، اسان سڀئي پنهنجا هلڪا، عارضي مفاد وساري اسان کي عالمي مستقل گڏيل مفادن لئه جاکوڙڻو پوندو. اسان کي گڏيل قومن جهڙا عالمي سطح جا حقيقي معنيٰ ۾ فعال ادارا جوڙڻا پوندا، جن جي مٿان اها ذميواري سونپڻي پوندي ته اهي ادار دنيا جي مڙني ماڻهن کي اهو يقين ڏيارين ته اسين سڀ انسان پاڻ ۾ ڀائر آهيون، اسان ۾ تر جيترو به فرق ناهي، اسان سڀني جو مقدر ساڳيو آهي، اسان سڀني جو نفعو نقصان ساڳيو آهي، اسان سڀني جو کٽيو، کوٽ ساڳي آهي، تنهنڪري اسان کي عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي، اسان کي پنهنجون سموريون رنجشون ختم ڪري ڌرتيءَ تان بارود ختم ڪري هن کي ساوڪ سان ڀري ڇڏڻو آهي. ڌرتيءَ تان عارضي سرحدون ختم ڪري هڪ گڏيل بين الاقوامي قانون تحت پاڻ ۾ امن ۽ امان ۽ صلح سان گڏ رهڻ گهرجي. هن ڌرتيءَ کي نه رڳو اسان انسانن لئه امن جي سر زمين بڻايون، پر هر جيوت، جاندار، پکي پرند لئه ئي امن ۽ شانتي جو نگر بڻايون، جتي هر رهواسي پنهنجي پنهنجي حساب سان موجن ۽ مستيءَ سان زندگي گذاري سگهي. پڪ ڄاڻو ان ۾ ئي اسان سڀني جي ڀلائي ۽ عافيت آهي.

p03323993783@yahoo.com

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments