انـڊيـا جـي نـڙيءَ تـي چـائـنـا جـي لـت ايڊووڪيٽ عبدالحميد چاچڙ Aug 2020
تبت اهو علائقو آهي جنهن جي ذريعي چائنا لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول (LAC) تائين پهچ حاصل ڪري ٿو يعني ڀارت ۽ چائنا جي درميان جيڪا هڪ وڏي لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول آهي ان لائين ۾ جيڪا ايريا آهي اهو تبت جو علائقو آهي. جيڪڏهن تبت کي آزاد ڪجي ته چائنا کي ان لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول ۾ پهچڻ تائين ڏکيائي نه ٿيندي، پر ناممڪن ٿيندو ۽ انڊيا کي اسٽريٽيجيڪل هڪ وڏي فتح ملي ويندي جنهن کي چائنا حاصل نه ڪندو، پر انڊيا کي هميشه فائدو ٿيندو، پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته آمريڪا ايئن ڇو پيو ڪري؟
چائنا ۽ انڊيا جي وچ ۾ هن وقت جيڪا جنگ هلي رهي آهي ان جو ڳڙهه سڪم جو علائقو هي چائنا جي تبت جي علائقي جي هيٺان جتان کان ڀارت شروع ٿئي ٿو نيپال ۽ ڀوٽان جي وچ وارو علائقو آهي. هاڻي هن وقت جيڪا ڊولپمينٽ ٿي آهي، اها ٿي ته آمريڪا ۾ آهي، پر ان جو تعلق سڌو سنئون هن علائقي بابت آهي. اهو سوچڻ گهرجي ته آمريڪا انهيءَ بابت سنجيده ڇو آهي ۽ اها ڊولپمينٽ ڇو پئي ايئن لڳي ته ڄڻ آمريڪا وٽ اهو ڪو آخري هربو هو جيڪو هن وقت هو چائنا خلاف استعمال ڪري رهيو آهي. ٿيو ايئن آهي ته ري پبلڪن جي هڪ سينيٽر “اسڪاٽ پيري” جنهن هڪ بل متعارف ڪرايو آهي جنهن ۾ هن هن گهر ڪئي آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ کي مڪمل اختيار ڏنو وڃي ته هو تبت کي هڪ آزاد ملڪ طور تسليم ڪري يعني چائنا سان لاڳاپيل علائقي تبت کي جيڪو 1951ع ۾ چائنا سان الحاق ٿيو هو، انهيءَ کي چائنا کان آزاد ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن وقت چوڏهون دلائي لاما جيڪو انڊيا ۾ جلا وطن آهي ۽ انڊيا ۾ رهي ٿو ۽ هو تبت جي آزادي جي تحريڪ هلائي رهيو آهي اها تحريڪ ايتري مضبوط ۽ جاندار نه آهي. چائنيز جو اتي هن وقت به چڱو خاصو اثر رسوخ موجود آهي ۽ انهن جو ڪلچر به اتي محفوظ آهي، پر ان هوندي به انڊيا دلائي لاما کي چائنا جي خلاف استعمال ڪري رهيو آهي ته جيئن تبت هڪ آزاد ملڪ هئڻ گهرجي، پر هن وقت تبت ۾ ڪابه ايڏي وڏي تحريڪ نه پئي هلي اتي چائنا جو مڪمل ڪنٽرول آهي، پر آمريڪا طرفان اهو بل پيش ڪيو ويو آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ کي اهو اختيار ڏنو وڃي ته هو تبت کي هڪ آزاد ملڪ طور تسليم ڪري جيڪڏهن چائنا تبت مان نه نڪري يا پنهنجون فوجون اتان واپس نٿو موٽائي ته چائنا تي دنيا ۾ مڪمل طور پابنديون هنيون وڃن ته جيئن چائنا کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ گهيريو وڃي، سندس تجارت بند ڪري مختلف طريقن سان کيس پابند ڪيو وڃي ته جيئن هو تبت کي ڇڏي ڏي، هاڻي تبت جو مسئلو ڇا آهي انهيءَ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
تبت اهو علائقو آهي جنهن جي ذريعي چائنا لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول (LAC) تائين پهچ حاصل ڪري ٿو يعني ڀارت ۽ چائنا جي درميان جيڪا هڪ وڏي لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول آهي ان لائين ۾ جيڪا ايريا آهي اهو تبت جو علائقو آهي. جيڪڏهن تبت کي آزاد ڪجي ته چائنا کي ان لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول ۾ پهچڻ تائين ڏکيائي نه ٿيندي، پر ناممڪن ٿيندو ۽ انڊيا کي اسٽريٽيجيڪل هڪ وڏي فتح ملي ويندي جنهن کي چائنا حاصل نه ڪندو، پر انڊيا کي هميشه فائدو ٿيندو، پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته آمريڪا ايئن ڇو پيو ڪري؟ ڇو جو چائنا هن وقت گلوبل پوليٽڪس ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃائي ورتو آهي. جيئن تازو فوجي نقل و حرڪت مان واضح ٿيو آهي ته چائنا انڊيا جو ڳٿڙ پڪڙي ورتو آهي. بين الاقوامي سطح تي انڊيا بابت اهو مشهور ٿيو آهي ته “چڪنس نيڪ” يعني “ڪڪڙ جي ڳچي” جيڪڏهن توهان انڊيا جي نقشي تي نظر وجهندا ته توهان کي ان جو سبب مرغي جي ڳچيءَ جيان نظر ايندو، انڊيا جون سموريون رياستون کاٻي طرف آهن، پر انڊيا جون اٺ رياستون ساڄي طرف آهن ۽ انهن اٺن رياستن جو جيڪو رستو آهي اهو وڌيڪ سوڙهو آهي انهن اٺن رياستن کي ڏسنداسين جيڪي ڪڪڙ جي ڳچيءَ کان ڪٽجي اچن ٿيون اهي آهن اناچل پرديش، آسام، سڪم، ميگالي، ناگا لينڊ، مني پور، تريپورا ۽ ميذورا اهي اٺ ئي رياستون ڀارت کان الڳ ٿي سگهن ٿيون جيڪڏهن ڪو انهن جي نڙيءَ تي لت رکي. چائنا انهيءَ گردن کي ڪٽڻ لاءِ تمام ويجهو پهتو آهي انهيءَ ڳچيءَ کي ڪپڻ کان بچڻ لاءِ انڊيا جيڪو بندوبست ڪيو آهي اهو آهي نيپال ۽ ڀوٽان جيڪڏهن اسين نقشي کي غور سان ڏسنداسين ته ساڄي ۽ کاٻي طرف ڀارت نظر ايندو ۽ ڀارت جي ٻنهي حصن ۾ هيٺين طرف بنگلاديش آهي ۽ مٿانهين پاسي هڪ طرف نيپال ۽ ٻئي طرف آهي ڀوٽان ۽ ان جي مٿان تبت جو علائقو آهي جتي چائنا ويٺو آهي. نيپال ۽ ڀوٽان سان ڀارت پنهنجا لاڳاپا بهتر رکيا هئا ۽ سيٽلمينٽ اهڙي رکي هئي جنهن مان چائنا واري پاسي ڪوبه خطرو نه هو، پر هاڻي نيپال ۾ ڀارت خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن ۽ نيپال ۾ جيڪا ڀارت خلاف نفرت ٿي آهي انهيءَ جو ڪريڊٽ چائنا کي وڃي ٿو.
2019 ۾ چائنا جي صدر نيپال جو دورو ڪيو. ان کانپوءِ چائنا اربين رپين جي انويسٽمينٽ ڪئي اتي ون بيلٽ ون روڊ منصوبي ۾ چائنا نيپال کي به شامل ڪيو، جنهن ۾ ٽرين ۽ انرجي ۽ روڊن جا منصوبا به آڻين ٿا ۽ چائنا طرفان هڪ وڏي انويسٽمينٽ ڪري نيپال کي پاڻ سان شامل ڪيو ۽ نيپال درچولا ٽيسر روڊ جي تعمير ڪري ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو انڊيا نه چاهيندو هو ۽ انهيءَ تعمير لاءِ نيپال پنهنجي فوج جو استعمال ڪيو آهي. اهو روڊ 50 ڪلو ميٽر تيار ٿي ويو آهي ۽ 80 ڪلو ميٽر رهيل آهي. جڏهن اهو روڊ چائنا طرف ٺهي مڪمل ٿي ويندو ته چائنا جڏهن چاهي پنهنجي فورس آڻي اتي ويهاري سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح نيپال سان ته چائنا پنهنجا معاملا سڌا ڪيا آهن، پر هاڻي رهجي ويو آهي ڀوٽان سان ٺهڻ لاءِ ۽ چائنا ڪوششون ڪري رهيو آهي، ڇو ته ڀوٽان جا ڪجهه علائقا چائنا جي قبضي ۾ آهن. ڀوٽان جي مطابق ۽ ڀوٽان وٽ به چائنا جا ڪجهه علائقا آهن جيڪي سندس قبضي ۾ آهن جنهن ۾ هڪ وڏي خاص ايريا آهي جنهن کي اسين دوگلام چوندا آهيون، هي دوگلام جو علائقو آهي، جيڪڏهن چائنا کي ملي وڃي ته پوءِ چائنا کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. انڊيا کي ٻن حصن ۾ ورهائي پنهنجا علائقا واپس وٺي سگهي ٿو ۽ ڀوٽان چائنا سان اها ڳالهه طئي ڪري چڪو آهي، چائنا ٻه ايريا ڀوٽان کي واپس ڪيا آهن ۽ انهن جي بدلي هن هڪ ايريا ڀوٽان کان گهري ورتو آهي.
انڊيا هاڻي مداخلت ڪري ٿو ڇو ته ڀوٽان جو انڊيا سان هڪ معاهدو 1949ع ۾ طئي ٿيو ته انهن جي سيڪيورٽي انڊين فوج جي حوالي هوندي ۽ ڀوٽان کي جيڪا سيڪيورٽي ملندي آهي اها ڀارتي فوج ڏيندي آهي، پر ڀوٽان خود مختيار طور اهو سڀ ڪجهه نٿو ڪري جيڪو هو هاڻي چاهي ٿو جيئن جيئن مزاحمت ٿيندي چائنا کي اها اميد آهي ته ڀوٽان به چائنا جو ساٿ ڏيندو. ڇو ته مستقبل ۾ گلوبل پوليٽڪس ۾ چائنا جو اثر رسوخ دنيا ۾ وڌندو پيو وڃي، هاڻي انڊيا لاءِ اها صورتحال آهي ته هي جيڪو ننڍو ڪوريڊور آهي جيڪو وچ ۾ ٺهي ٿو ان جي هڪ طرف بنگلاديش آهي، هڪ طرف نيپال آهي، مٿان چائنا آهي، ٻئي طرف ڀوٽان آهي ۽ وچ ۾ ننڍو ڪوريڊور آهي جيڪو 10 کان 20 ڪلو ميٽر تي آهي، ڪٿي گهٽ هوندو ڪٿي وڌيڪ ۽ ان جي اندر ٻه روڊ ۽ هڪ ريلوي لائين گذرندي آهي جيڪا پوري فوج جي بٽالين کي سپلاءِ فراهم ڪندي آهي جتي ڀارتي فوج جي ڪور ويهندي آهي ان کي سپلاءِ ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن هن ڪور کي سپلاءِ بند ڪجي ته انڊيا سان اهو ئي حشر ٿيندو جيڪو ڪارگل ۾ پاڪستان انڊيا سان ڪيو هو. بلڪل اهڙيءَ طرح سان چائنا انڊيا کي قابو ڪري چڪو آهي.
***