بلاگنئون

براڊڪاسٽر، اسڪرپٽ رائيٽر، ڊراما نگار، افسانه نويس ۽ شاعر ممتاز مرزا جي 30 ورسي جي نسبت سان

ممتاز مرزا جي 6 جنوري تي لاڏاڻي کانپوءِ اخبارن، رسالن ۾ جيترا ڪالم لکيا ويا، ريڊيو ۽ ٽي. وي تي جيترو مرزا صاحب جي زندگي تي پروگرام ٻڌايا ۽ ڏيکاريا ويا، اوترو شايد ڪنھن ملڪ جي مري ويل حڪمران تي به مڪالما، ڪالم، آرٽيڪل نه ڇپيا هوندا. سندس زندگي تي لکيل جيڪي مضمون منھنجي نظر مان گذريا آهن. انهن ۾ اڪثر مضمون نگارن مرزا صاحب جھڙي معروف شخصيت جي ڄمڻ جو سال مختلف لکيو آهي، ان ڪري مون اردو نامه نگار طارق عزيز شيخ ۽ لياقت راڄپر جي لکيل پروفائل کان علاوه جن ڪالم نگارن اڪثريت سان ڄمڻ جو سال لکيو آهي. مون ان تي عمل ڪندي اهو سال هيٺ لکيو آهي، منھنجو ريڊيو جي دنيا سان ٻارڙن جي ٻاري پروگرام کان وٺي محترم الاهي بخش ٻانڀڻ صاحب جي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ تائين حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن سان گھرو تعلق رهيو. ان دوران جڏهن ممتاز مرزا جو ذڪر نڪرندو هو ته سڀ سينئر توڙي جونيئر دوست مرزا صاحب جو نالو احترام سان وٺندا هئا. ٻي ڳالھه ته سنڌي ٻولي اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرمين الانا صاحب جي ڪچھريءَ ۾ جڏهن به سنڌي ادب، ثقافت ۽ تاريخ جي حوالي سان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن جو ذڪر نڪرندو هو، تڏهن ممتاز مرزا جو نالو لازمي طور سامهون ايندو هو. ڇاڪاڻ ته هن سنڌي ادب ۽ فنونِ لطيفه ۾ هڪ گهڻ رخي شخصيت طور پنھنجو الڳ مقام ٺاهيو. هن سُھڻي شخصيت جو تعلق حيدرآباد جي قديم وسندي ٽنڊو آغا سان هو. سندس ابا ڏاڏا ارڙهين صديءَ ۾ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي درٻار سان لاڳاپيل رهيا، جتي انهن امير، مشير ۽ درباري شاعر طور خدمتون انجام ڏنيون.

اهوئي سبب هو جو اھڙي علمي ۽ ادبي خاندان جو روشن چراغ ممتاز مرزا به ادب جي ميدان ۾ نالو ڪمايو. سنڌ جي هن اعليٰ شخصيت 29 نومبر 1939ع ڌاري نامور شاعر، اديب، مورخ ۽ نثر نويس مرزا گل حسن بيگ “احسن ڪربلائي” جي گهر ۾ جنم ورتو. هن جو اصل نالو مرزا توسل حسين هو. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد جي آسودو مل اسڪول ڦليلي مان حاصل ڪئي. جڏهن ته ميٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. انٽرميڊئيٽ سنڌ اورينٽل ڪاليج مان ۽ ايم اي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. جن ڏينهن ۾ هوم اسٽيڊ هال جي چئن ڪمرن ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي نشريات جو آغاز ٿيو. شروعاتي نشريات ۾ جن براڊڪاسٽرن خدمتون سرانجام ڏنيون، تن ۾ ممتاز مرزا جو والد مرزا گل حسن بيگ به شامل هو، جنهن هتي سنڌي اسڪرپٽ رائيٽر طور ڪم شروع ڪيو. انهن ڏينهن ۾ هن پنھنجي والد صاحب جي صحبت ۾ رهي، تعليم سان گڏوگڏ ننڍي عمر ۾ ريڊيو لاءِ اسڪرپٽ لکڻ شروع ڪيا ۽ حيدرآباد جي ادبي پروگرامن جي ميزباني به ڪرڻ لڳو. ساڳئي وقت هُو سنڌي ادبي سنگت جي نامور اديبن ۽ افسانا نگارن جي صحبت هيٺ رهي هن ۾ مضمون ۽ افسانا لکڻ جو جذبو پيدا ٿيو. جلد ئي سندس لکڻيون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ کان علاوه هن ريڊيو لاءِ تمام گهڻو لکيو، جنھن ڪري کيس ريڊيو حيدرآباد تي وڏي شهرت حاصل ٿي. ريڊيو جي ڇپيل مختلف ڪتابن مطابق ممتاز مرزا ريڊيو پاڪستان تي “آدمي نامو” نالي پروگرام پيش ڪندو هو، جنهن ۾ سماج جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا انٽرويو نشر ٿيندا هئا. هن موسيقيءَ جي پروگرامن جي ميزباني به ڪئي ۽ ڪيترن ئي گلوڪارن کي ريڊيو وسيلي عوام سان متعارف ڪرايو. ان دور ۾ مصطفيٰ قريشي، ساقي، زرينا بلوچ، مشتاق مغل ۽ ٻيون ڪيترين ئي نامور شخصيتون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان لاڳاپيل رهيون. پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جي اداڪار محمد علي به پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات هتان ئي ڪئي.

جڏهن ممتاز مرزا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ ڊراما لکڻ شروع ڪيا ته سندس هر ڊرامو مقبول ٿيندو هو. سندس سڀ کان وڌيڪ مقبول ڊرامو “آخري رات” هو، جيڪو 1966ع ۾ نشر ٿيو. هي ڊرامو سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب موهن جو دڙو تي لکيل هو. هن ڊرامي جو پروڊيوسر مراد علي مرزا هو، جڏهن ته صداڪارن ۾ مهتاب اڪبر راشدي، سيد صالح محمد شاهه، مشتاق مغل ۽ ٻيا شامل هئا. ڊرامي کي ايتري مقبوليت ملي جو جڏهن عالمي ريڊيو ڊرامن جو مقابلو ٿيو ته “آخري رات” کي ڪولمبيا براڊڪاسٽنگ ايوارڊ ۾ ٻيو نمبر ڏنو ويو.

1979ع ۾ “آخري رات” جي نالي سان حيدرآباد جي هڪ مشهور اشاعتي اداري سندس پهريون ڪتاب شايع ڪيو، جنهن ۾ ممتاز مرزا جا ريڊيو ۽ ٽيليويزن ڊراما شامل هئا. هي ڪتاب سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ نصاب طور به شامل ڪيو ويو. سندس ٻين ڊرامن ۾ پنرو بڊام، لاکو ڦلاڻي، واٽون ۽ نين، پڙاڏو سو سڏ، ماءُ ۽ محبت وغيره شامل آهن، جيڪي سنڌي ڊراما نويسيءَ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا.

ممتاز مرزا هڪ ڪامياب افسانه نگار طور به سڃاتو وڃي ٿو. هن چاليهن کان وڌيڪ افسانا لکيا، جيڪي ان وقت جي اخبارن، رسالن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿيا. سندس افسانو “پيار ۽ ڌڪار” انعام يافته قرار ڏنو ويو. ٻين مشهور افسانن ۾ چوڙيون، انڌير نگري، سنڌ راڻي، ها حياتي ٿوهر جو وڻ ۽ پوڙهو شامل آهن. نامور عالم، محقق ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نگرانيءَ ۾ لوڪ ادب اسڪيم تحت مشهور عالم شيخ محمد اسماعيل جي شاگرديءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڪيترائي تحقيقي ڪم سرانجام ڏنا. انهن ۾ جامع سنڌي لغات، لوڪ ادب، لطيفيات ۽ تاريخ جهڙن موضوعن تي ضخيم ڪتاب شامل آهن. اهڙو وسيع ۽ منظم ڪم اڃان تائين سنڌي ادب ۾ ٻيهر نه ٿي سگهيو آهي.

1976ع ۾ ممتاز مرزا کي پاڪستان ٽيليويزن، ڪراچي اسٽيشن تي اسڪرپٽ ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن سنڌي ڊرامن سميت سڀني پروگرامن ۾ اسلوبِ بيان تي خاص ڌيان ڏنو. هو لهجي ۽ ادائگيءَ جي ڪمزوري ڪڏهن به برداشت نه ڪندو هو. سنڌ جي نامور اديبن جهڙوڪ: نورالهديٰ شاهه، امر جليل، عبدالقادر جوڻيجو، شمشير الحيدري، آغا سليم، مراد علي مرزا، قمر شهباز، محمود مغل ۽ آغا رفيق کان ڊراما لکرائيندو هو.

ممتاز مرزا هڪ سٺي ميزبان طور به ڪيترائي علمي ۽ ادبي پروگرام پيش ڪيا، جن ۾ سنڌ سينگار، روح رهاڻ، لطيفي لات ۽ پارکو شامل آهن. پي ٽي وي تي هن سنڌي پروگرامن جو وقت اڌ ڪلاڪ مان وڌرائي هڪ ڪلاڪ ڪرايو. ڪيترن ئي سالن تائين ڀٽائي جي سالياني عرس جي ميزباني ڪندو رهيو ۽ ثقافت کاتي پاران ثقافتي پروگرامن جي ميزباني به ڪندو رهيو. ممتاز مرزا 1990ع کان 1996ع تائين سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. هن عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وڏي تعداد ۾ ڪتاب شايع ڪرايا، خاص طور شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام تي اهم تحقيقي مقالا ڇپرايا. هن پاڻ به شاهه صاحب جي ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ “شاهه جو رسالو” جديد رسم الخط ۾ ترتيب ڏنو، جيڪو انتهائي ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم هو. هن پنهنجي زندگيءَ تي ٻڌل ٽي اهم ڪتاب لکيا جن ۾ وساريان نه وسرن، سپريان سندي ڳالهڙي، سدا سوئيتا ڪاپڙي انهن ڪتابن ۾ ڪيترن ئي گلوڪارن ۽ ادبي شخصيتن جو ذڪر ملي ٿو. هي عظيم انسان 6 جنوري 1996ع تي پنهنجي اباڻي شهر حيدرآباد ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ٽنڊو آغا ۾ دفنايو ويو. سندس ياد ۾ اڄ به سنڌ ميوزم حيدرآباد جو هال سندس خدمتن جي عيوض سندس نالي سان منسوب ٿيل آهي.