خاص

انور قاضي ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات

همسري: ڇا هن وقت سماج ۾ مئگزينن جي ضرورت آهي؟

انور قاضي: سچي ڳالهه اها آهي ته پڙهندڙن جو انگ تمام تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي ۽ ان جو سبب انٽرنيٽ جي فراهمي ۽ سوشل ميڊيا آهي. اڳ ۾ سهڻي جهڙا تمام خوبصورت رسالا نڪرندا هئا، پر اهي پنهنجن پنهنجن مسئلن جي ڪري بند ٿي ويا. رسالن جي ضرورت پنهنجي جاءِ تي هميشه موجود رهي ٿي پوءِ چاهي اها ٻولي ڪهڙي به هجي. ڇو ته رسالا پنهنجو هڪڙو ڪردار ادا ڪن ٿا. ڇو ته ان ۾ شايع ٿيل مواد کي ايڊٽ ڪري پروف ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو. ان ۾ معياري ٻولي شايع ٿئي ٿي، وقت ۽ ضرورت جي مطابق مواد کي پيش ڪيو ٿو وڃي، پر هن وقت توهان سوشل ميڊيا تي جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل مواد پڙهندا ته ان ۾ توهان کي ڪافي گرامر جون چڪون نظر اينديون ان کان علاوه غير معياري ٻوليءَ جو استعمال عام آهي ۽ ان مواد جي درست هجڻ جي به ڪا گارنٽي نه هوندي آهي، جنهن جي ڪري نه صرف اسان جي نوجوانن جي ذهني تربيت نه ٿي رهي آهي بلڪه ايئن چئي سگهجي ٿو ته اهڙين غير معياري پوسٽن جي ڪري انهن کي غير اخلاقي ۽ غير معياري ٻولي سيکاري پئي وڃي. ڇو ته اهو medium توهان جي ٻوليءَ جي سڌاري جي ڪابه ذميداري نٿو کڻي ۽ ان جي نسبت رسالا، اخبارون ذميداري سان اهو ڪم سرانجام ڏين ٿا. جيڪي ٻار انگريزي ميڊيم ۾ پڙهي رهيا آهن اهي ته سنڌي پڙهڻ جي اهل ئي ڪونه آهن. ان تناظر ۾ سنڌي رسالن جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته جيئن نوجوان پنهنجي ٻولي لکي، پڙهي ۽ سمجهي سگهن. اردو رسالا ڪافي نڪري رهيا آهن. ڇو جو گهڻو ڪري اهي رسالا اخبارن سان ڳنڍيل آهن انهن کي هڪڙو بيڪ اپ مليل آهي ۽ اهي پنهنجو سفر جاري رکندا اچن. سنڌي رسالن کي بيڪ اپ ناهي تمام گهٽ رسالا آهن جيڪي اخبارن جي ڪري نڪرن ٿا ۽ انهن جون پنهنجون ڪمرشل ضرورتون هونديون آهن.

همسري: همسري جي ڇهن سالن جي سفر کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

انور قاضي: همسري پنهنجي ٻوليءَ جي تمام وڏي خدمت ڪري رهيو آهي. پهرين همسري هارڊ ڪاپي ۾ پنجن سالن تائين ايندو رهيو ۽ پوءِ ڪورونا جي ڪري اچڻ بند ٿي ويو، پر سٺي ڳالهه اها آهي ته توهان ان کي پنهنجي ويب سائيٽ تي مسلسل آن لائين جاري رکيو آهي ۽ اهو پڙهندڙن لاءِ آن لائين موجود آهي، ان جو سڄو ڪريڊٽ يقينن همسري مئگزين جي ايڊيٽر زاهده ابڙو کي ڏيڻو پوندو. ڪجهه رسالا هن وقت سنڌيءَ ۾ نڪرن پيا، پر ڳالهه اها آهي ته جيڪو معيار سهڻي جو هو ان جي ڪجهه مهڪ همسري مان آئي پئي، پر هن وقت جيڪي سنڌي رسالا اچي رهيا آهن اهي گهڻو ڪري يا ته سرڪاري آهن جيئن مهراڻ، پر انهن جو پنهنجو هڪڙو مخصوص رنگ آهي جنهن جي ڪري اهي عوام ۾ اها پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيا آهن.

همسري: ڇا همسري آن لائين پڙهندڙن جي توجهه حاصل ڪري رهيو آهي يا اسان کي ٻي ڪا پلاننگ ڪرڻ گهرجي؟

انور قاضي: ان جا ٻه پهلو نڪري سگهن ٿا هڪڙو يقينن فائدي وارو هوندو ۽ ٻيو جنهن ۾ توهان کي ڪجهه نقصان به نظر اچي سگهن ٿا. پهرين اسان جنهن ۾ فائدا نظر اچن ٿا ان پهلو تي نظر وجهون ٿا. اسان همسري کي هڪ مثال طور کڻون ٿا هن کان پهرين توهان همسري کي هارڊ  ڪاپي جي طور تي پوري دنيا ۾ موڪلڻ جي نه سگهه رکي ٿي ۽ نه پهچ، پر هن وقت آن لائين هجڻ جي ڪري توهان پوري دنيا جي سنڌي پڙهندڙ ماڻهن تائين پنهنجي همسري مئگزين کي پهچائڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي آهي. اهي چاهي آمريڪا، انڊيا، آفريقا يا ڪئناڊا ۾ هجن مقصد آهي ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجن، هاڻي انهن کي همسري پبلش ٿيڻ وقت پڙهڻ لاءِ پهچ حاصل ٿي وئي آهي. ان تناظر ۾ ڏسجي ته واقعي مئگزين کي آن لائين ئي ٿيڻ گهرجي. هاڻي وري اسان اچون ٿا ٻئي پاسي ته نقصان ڪهڙا آهن، جڏهن هارڊ ڪاپي توهان جي هٿ ۾ هوندي آهي ته پڙهندڙ کي تمام گهڻو اطمينان ملندو آهي ۽ پڙهڻ ۾ مزو ايندو آهي. اڃان تائين به اسان جي ملڪ ۾ سڀني ماڻهن جي انٽرنيٽ تائين رسائي ڪونهي ۽ اڃان اسان هارڊ ڪاپي مان ئي مزو ماڻيون ٿا، باقي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته توهان جي ريڊر شپ آن لائين يقينن وڌيڪ آهي.

همسري: هڪ ليکڪ ۽ پڙهندڙ جي حيثيت سان ٻڌايو ته همسري کي ڪهڙي پاسي وڌيڪ فوڪس ڪرڻ گهرجي؟

انور قاضي: توهان وٽ مئگزين ۾ ادبي حساب سان تمام سٺو مواد ڇپجي ٿو. توهان ڪرنٽ افيئر تي به پنهنجي پهچ جي مطابق آرٽيڪل شايع ڪريو ٿا. منهنجي تجويز اها آهي ته همسري ۾ هر مهيني هڪ تفتيشي رپورٽ اچڻ گهرجي. ڇو ته اسان جي ارد گرد هر وقت ڪو نه ڪو مسئلو موجود آهي ڪهاڻيون پکڙيل آهن انهن تي هڪ سٺي تفتيشي رپورٽ همسري ۾ شايع ٿيڻ گهرجي جنهن سان انهن مسئلن جي نشاندهي ٿي سگهندي جيڪي شايد ڪنهن سبب جي ڪري منظر عام تي نه اچي سگهندا هجن.