بلاگ

انڊلٺ جي رنگن جهڙو انڊيا پويلين

ايڪسپو 2020 دبئي (حصو ٻيون)

هن سيڪشن ۾ هڪڙو منيئچر ماڊل وٽالا(Vittala or Vithala) ٽيمپل جو به ٺهيل آهي. هي مندر بادشاهه ديواريه(Devaraya) جيڪو 1422-1463 ۾ ٿي گذريو آھي ۽ وجياناگرا(Vijayanagara) ان بادشاهت جو تسلسل هو، ان جي دور ۾ ٺهي راس ٿيو. هن مندر کي موجوده ڏيک ڏيڻ ۾ انهيءَ ئي بادشاهت جي تسلسل ڪرشنا ديواريه(Kirshna Devaraya) جيڪو 1529ع-1509ع جي زماني ۾ ٿي گذريو آهي ان جو هٿ هو. وٽالا کي هندو مِٿ ۾ لارڊ وشنو يا ڪرشن جو اوتار (روپ ڌارڻ) سمجهيو وڃي ٿو. هي ٽيمپل آرڪيٽيڪٽ ۾ سنگتراشي جي ڪمال ڪاريگريءَ جو شاهڪار آهي ۽ هندستان جي ڪرناٽڪ صوبي ۾ همپي شهر ۾ ٽونگا بهادرا(Tungabhadra) نديءَ جي ڪناري تي آهي. همپي ۾ هئڻ ڪري هن کي همپي ٽيمپل به چيو ويندو آهي. هي ٽيمپل، همپي جي سڀني مونيومينٽس ۾ سڀني کان وڏو ۽ وڌيڪ مشهور آهي. هن مندر جي آڳنڌ ۾ هڪ بگي يا رٿ(Chariot) ٺهيل آهي. هي انڊيا جي باقي ٻن رٿ مندرن کان وڌيڪ مشهور آهي. هن رٿ ۾ پٿر جا زيورات تراشيل آهن. هن رٿ ۾ اڳيان رٿ هلائيندڙ گرڙ پکي(Garuda) جي مورتي پٿر ٽڪي ٺاهي وئي آهي. گرڙ پکي سرڻ يا باز جي شڪل سان مشابهت رکي ٿو ۽ اهو وشنو ڀڳوان جي رٿ هلائيندڙ يا قاصد جي طور سڃاتو وڃي ٿو. وٽالا ٽيمپل ۾ هڪ جڳهه(Portion) آهي جنهن کي رنگا منتپا(Ranga Mantpa) چيو وڃي ٿو. هن حصي ۾ ڪل 56 ميوزيڪل ٿنڀا(Pilars) آهن جن کي ساري گاما پلرس چيو وڃي ٿو، جن مان موسيقيءَ جا سڀئي سُر(Notes) نڪرن ٿا. اهي سُر پلرس کي آهستي ڇُهڻ (وڄائڻ) سان نڪرن ٿا. هن رنگا منتپا ۾ هر وڏو(Main) پلر وري ستن ننڍن پلرس جي وچ ۾ بيٺل آهي. اهي ست پلر ست مختلف موسيقي جا سُر(Notes) ڪڍن ٿا. هي ميوزيڪل پلرس جو جهڳٽو هڪ تمام وڏي پٿر کي تراشي ٺاهيو ويو ۽ صدين کان ماڻهو ان عجيب و غريب معجزي کان متاثر ٿيندا رهيا آهن. انگريزن جي دور ۾ انهن پلرس ۾ برپا ٿيندڙ موسيقي جو راز ڄاڻڻ لاءِ ٻن پلرس کي ٽوڙيو ويو. انگريزن جو اندازو هو ته انهن پلرس اندر ڪا اهڙي شيءِ (مادو) پاتل آهي جنهن سبب سُر نڪرن ٿا، پر هنن کي ان ۾ ناڪامي ٿي ۽ پلرس کي ٽوڙڻ سان به اندران ڪا اهڙي شيءِ نه ملي. اڄ جي سائنسي ترقي واري دور ۾ هن وقت به رنگا منتپا ۾ پٿرن مان اٿندڙ سرگرم جا سُر (وڄت) ماڻهن لاءِ راز بڻيل آهن.

اسان جو هي خطو (برصغير) ان وقت ۾ ايترو تهذيب يافته هو جڏهن باقي دنيا ۾ اوندهه ڇانيل هئي ۽ دنيا جي سڀ کان اول ۽ پراڻي تهذيب به اسان جي آهي ۽ عقيدن جي آبياري به سڀني کان اڳ هتي ٿي. يوناني فڪر (School of Thought) ۽ ٻين فلاسافين ۽ نظرين کان اڳ به اسان فڪر (خيال) جي معاملي ۾ سڀني کان اڳتي هئاسين. حيرت آهي ته ايترو سڀ ڪجهه هئڻ جي باوجود به دنيا اسان کان اڳيان نڪري وئي ۽ اسان پوئتي رهجي وياسين. منهنجي خيال ۾ ان جو هڪڙو ئي سبب آهي ته اسان پنهنجي تهذيبي عظمت، نظرين ۽ عقيدن تي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهياسين ۽ انهن ۾ وقت ۽ حالتن جي مناسبت سان تبديلي نه آنديسين. جنهن به ڪڏهن انهن فڪرن ۽ سوچن کي بدليل حالتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته اسان جون ڪهاڙيون اڀيون ٿِي ٿي ويون. جڏهن سوچن ۽ فڪرن کي ڦاهيون ڏجن ۽ سائنسي علم تي فتوائون لڳائي رستا روڪ ڪئي وڃي ته سماج خاڪ ترقي ڪندو!؟ يورپ پاڻ کي جديد فڪرن ۽ ايجادن سان هم آهنگ ڪيو ۽ اڳيان نڪري ويو ۽ اسين اڃان به مدي خارج عقيدن، فڪرن ۽ تهذيبي عظمتن مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهيون، نتيجي طور جيئن پوءِ تيئن مٽي ۾ پوربا وڃون. خير ڇڏيون ٿا انهن اوٽ پٽانگ ڳالهين کي جيڪي پاڻ کي پلئه پوڻيون ئي ڪونه آهن!؟ ۽ هلون ٿا ايسڪيلٽر چڙهي ٻئي فلور تي. هن فلور تي سجايل مانڊاڻ کي نالو ڏنو ويو آهي اڪانامڪ جرني(Economic Journey)

هن سيڪشن ۾ لڳل وڏين اسڪرينن تي ملڪ جي 75 سالن يعني 1947ع کان وٺي 2022ع تائين ٿيل معاشي ترقي کي اجاڳر ڪيو ويو آهي. ڀارت جي وزيراعظم مودي جا پرڏيهي ٽوئر ۽ هن جي دنيا جي مختلف سربراهن سان ملاقاتن جون دستاويزي فلمون به هن سيڪشن جو حصو آهن. عرب امارات ۽ انڊيا جي باهمي توڙي واپاري تعلقاتن تي پڻ هن سيڪشن ۾ روشني وڌي وئي آهي. هن ڀاڱي کي منسٽريل سيڪشن به چيو وڃي ٿو، جو هن ۾ ڀارت سرڪار جي مختلف کاتن جي ڄاڻ، ڪارڪردگي توڙي ٽارگيٽس جي ڄاڻ هتي مهيا ڪئي وئي آهي. هتي ميڊيا جو به هڪ الڳ ڀاڱو قائم ڪيو ويو آهي.

هن سيڪشن ۾ 1.3 ٽرلين آبادي رکندڙ ملڪ ڀارت جي 2025 تائين جي 5 ٽرلين رپين جي اقتصادي ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. اهو کڻي مڃي وٺجي ته ڀارت جي اڪانامي دنيا جي وڏن ملڪن جي پئي برابري ڪري، 2025 تائين جو ان جو 5 ٽرلين جو ٽارگيٽ ڪو ننڍو به ڪونهي ۽ اهو کڻي پورو به ڪري وٺي، پر سوال اهو آهي ته هيڏي وڏي اڪانامي جي باوجود عام ماڻهن کي ڇا مليو آهي؟ اڄ به انڊيا جي ماڻهن جي گهڻائي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿي. ان جا سبب تقريبن اهي ئي آهن جيڪي پنهنجا آهن يعني ڪرپشن، رشوت، چور بازاري ۽ ٻي مافيا. هن ڀاڱي ۾ ڌاتو جو ٺهيل هڪ وڏو چڪرا (اشوڪ چڪرا) رکيو ويو آهي جنهن ۾ ننڍا ننڍا چڪرا (گراڙيون) آهن جيڪي شينهن تي سجايل آهن ۽ اهو اشوڪ چڪرا هندستان جي ٽرنگي جهنڊي ۾ به موجود آهي. چڪرا (گول ڦيٿي وانگي) دراصل ٻڌ مذهب جو نشان آهي. ٻڌ مذهب مطابق چڪرا (Wheel) جو چُرڻ (حرڪت يا ڦرڻ) زندگي جي تحرڪ (زنده هئڻ) کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ان جو بيهڻ موت کي ظاهر ڪري ٿو ۽ چڪرا ۾ مرڪز کان گهيري ڏانهن چوويهه لڪيرون آهن جيڪي مهاتما گوتم ٻڌ جي قولن يا ٻڌمت جي مول متن کي ظاهر ڪن ٿيون. چڪرا ٻڌ مذهب جي وڏي پوئلڳ ۽ مشهور بادشاهه مها راجا اشوڪ جي دور حڪومت جو نشان به هو ۽ هن سڄي هندستان ۾ چڪرا ۽ شينهن جا پتلا به ٺهرايا. ٻڌ مذهب جي مطابق شينھن، طاقت، بهادري، فخر، حوصلي ۽ ڀروسي کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو دنيا جو بادشاهه (Chakravarti) آهي ۽ ان جي سدائين جيت ٿئي ٿي. پويلين جي ٽين ماڙ تي هندستاني صنعتن سان لاڳاپيل ڄاڻ ڏنل آهي ۽ ان سلسلي ۾ پروجيڪٽرن تي دستاويزي فلمون هلنديون رهن ٿيون. نه صرف اهو پر ھتي صنعتن جي حوالي کان مختلف شيشن جا ماڊل ۽ گراف ٺاهي به رکيا ويا آهن. هن سيڪشن کي سيڙپڪاري زون ڪوٺيو وڃي ٿو. هن سيڪشن ۾ ڀارت جي دنيا جي مختلف ملڪن سان وڻج واپار جي معاهدن ۽ سيڙپڪاري جي ڄاڻ ملي ٿي. ماس ڪميونيڪيشن جي واقفڪاري سان گڏ جديد ٽيڪنالاجي سان سجايل هن سيڪشن ۾ توهان چاهيو ته انڊيا جي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات به ڪري سگهو ٿا. مودي سان ملڻ جو پاڻ کي ته ڪو به شوق ڪونهي. ڇو جو پاڻ بنياد پرست آھيون ڪونه، پر جي توهان ملڻ چاهيو ٿا ته ڪيئن ملندا؟ مودي ته انڊيا ۾ ويٺو آهي. ان جو توڙ به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪڍي ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪم ئي آهي اڻ ٿيڻي کي ٿيڻي بنائڻ ته پوءِ سائين منهنجا 3D (ٿري ڊي) هولو گرام ٽيڪنالاجي جي ذريعي مودي سان ملي سگهو ٿا. هولو گرافي اها ٽيڪنڪ آهي جنهن ۾ لهرن(Wave front) کي رڪارڊ ڪيو وڃي ٿو. پوءِ وري ان کي نئين سري سان جوڙيو (Reconstruct) ڪيو وڃي ٿو. هولو گرافي هڪ زبردست ٽيڪنڪ آهي جنهن سان ٿري ڊائمينشنل 3D تصويرون(Images) ٺاهي سگهجن ٿيون جن کي هولو گرام چيو وڃي ٿو ۽ هن ٽيڪنڪ جي ذريعي توهان جي ملاقات جو بندوبست ٿي چڪو. هڪ هال ۾ هڪ ڪرسيءَ تي مودي براجمان هوندو ۽ ٻي ڪرسيءَ تي توهان. جيڪو وڻي سو پڇوس ۽ شڪوه شڪايتون ڪريوس، پر جيئن پٿر جا خدا گونگا ۽ ٻوڙا هوندا آهن تيئن هي هوا ۾ لهرن جيان لٽڪيل حڪمران به اوهان جي ڪونه ٻڌندا. اِهي ته آهن ئي هوائي يا خيالي اميج(Virtual Image) ، پر پاڻ وٽ ته جيئرا جاڳندا حڪمران وري عوام جي ڪٿي ٿا ٻڌن؟

پويلين جي چوٿين ماڙ تي هندستان جي تهذيب ۽ ثقافت سان لاڳاپيل شوڪيس آهن جن ۾ مختلف علائقن جي تهذيب، گهريلو هنر، فن ۽ ثقافت سان جڙيل شيون رکيل آهن. هتي انهن شين جي وڪري جا به شاپ ۽ اسٽال آهن. هتي مختلف هال به آهن جن ۾ ادب، ثقافت ۽ فن سان لاڳاپيل پروگرام ٿين ٿا. ان کانسواءِ هتي ڪانفرنس روم به ٺاهيا ويا آهن، جتي صنعت، ڪاروبار ۽ سمپوزيم وغيره ٿين ٿا.

هاڻي توهان چوٿين ماڙ تان ايسڪيليٽر جي ذريعي لهي گرائونڊ فلور تي ٺهيل هڪ نئين سيڪشن ۾ پهچي وڃو ٿا. هن سيڪشن ۾ کوڙ سارا قدآور ماڊل ٺاهي رکيا ويا آهن. هن سيڪشن ۾ گووا ۾ واقع وڏي چرچ Basilica of Bomb Jesus جو شاندار ماڊل رکيل آهي. 16 هين صديءَ جو هي پراڻو چرچ يونيسڪو جي ورلڊ هيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن ڪيٿولڪ چرچ ۾ عيسائين جي مشهور پادريSt. Francis Xavier جي قبر به موجود آهي. هي چرچ پراڻي گووا شهر ۾ واقع آهي. 1605-1594 ڌاري ٺهيل هي چرچ پورچوگيزن جي تعميراتي فن جي ستن عجوبن ۾ شمار ٿئي ٿو. هي گووا جي سڀني چرچن ۾ سڀ کان زياده مشهور آهي. هن ۾St. Francis Xavier جي زندگيءَ سان لاڳاپيل فن پارا به سجايا ويا آهن. هن ڀاڳي ۾ ٻيو ماڊل جامع مسجد دهلي جو آهي. هن تاريخي مسجد جو اصل نالو جهان نما(Jehan Numa) آهي، پر عام طور تي جامع مسجد دهلي جي نالي سان مشهور آهي. هيءَ مسجد مغل بادشاهه شاهجهان 56-1650ع جي عرصي دوران ٺهرائي هئي. هن مسجد تي ان وقت آيل لاڳت 10 ملين رپيا هئي. 40 ميٽر ڊگهي ۽ 27 ميٽر ويڪري، ٽن قبن ۽ ٻن مينارن واري هن مسجد ۾ ھڪ ئي وقت تقريبن 25000 ماڻهن جي نماز پڙهڻ جي گنجائش موجود آهي. هن ڀاڱي ۾ امرتسر ۾ واقع گولڊن ٽيمپل جو ماڊل به سجايو ويو آهي. ھر مندر(Harmandir Sahib) ٽيمپل جيڪو عام طور تي گولڊن ٽيمپل جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو سکن جي سڀني کان مقدس جڳهه آهي. هي گردوارو 1589ع-1581ع جي عرصي ۾ ٺهي راس ٿيو. هن ۾ گرنٿ صاحب (سکن جو مذهبي ڪتاب) جي اسٿاپنا 1604ع ۾ ڪئي وئي. گولڊن ٽيمپل جي اڳيان هٿرادو تلاءُ 1577ع ۾ سکن جي چوٿين گادي نشين گرو رامداس جو ٺهرايل آهي. هن گردواري کي مختلف وقتن تي افغان بادشاهن ۽ مغل بادشاهن حملو ڪري تباهه ڪيو. انهيءَ ڪري بار بار هن جي تعمير ٿيندي رهي. 1809ع ۾ پنجاب جي حڪمران مها راجا رنجيت سنگهه هن کي نئين سر ٺهرائي ان جي مٿان سون جي پاڻيءَ جو تهه(Coating) چاڙاهيو ۽ فرش تي ماربل لڳرايو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ هي گردوارو سکن جي آزادي جي تحريڪ جو مرڪز رهيو. 03 جون 1984ع تي هندستان جي ان وقت جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ گرو دواري تي فوج ڪشي ڪرائي جنهن ۾ سکن جي آزادي پسند اڳواڻ جرنيل سنگهه بندران والا سميت 1000 سک باغي ۽ عام شهري مري ويا ۽ گردواري کي به ڪافي نقصان پهتو. ان حملي(coup) جو رد عمل ئي هو جو اڳتي هلي يعني 31 آڪٽوبر 1984 تي اندرا گانڌي جي پنھنجن ئي سک محافظن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. گولڊن ٽيمپل سڀني مذهبن جي ماڻهن لاءِ عام کليل آهي. هن ۾ مفت لنگر خانو هلي ٿو، جنهن ۾ روزانو ڏهه هزار کان مٿي ماڻهن کي نهايت فضيلت سان کاڌو کارايو وڃي ٿو. هن گردواري ۾ هڪ ميوزيم کان علاوه هڪ وڏو ٽاور ۽ گردوارا مئنيجمينٽ ڪميٽي جون آفيسون به ٺهيل آهن.

هن ئي سيڪشن ۾ ايوڌيا ۾ ٺهندڙ شري رام مندر جو ماڊل به رکيل آهي. ايوڌيا ۾ جتي هي مندر ٺهي رهيو آهي، اتي ڪافي عرصو اڳ بابري مسجد موجود هئي، جيڪا 29-1528ع جي عرصي ۾ بابر بادشاهه جي وقت ۾ ٺاهي وئي هئي. هندن جي هن مسجد لاءِ دعويٰ هئي ته اتي اصل ۾ رام مندر هو جنهن کي ڊاهي ان جڳهه تي مسجد ٺاهي وئي. 06 ڊسمبر 1992ع ۾ جنوني هندن حملو ڪري مسجد ڊاهي ڇڏي. ان جي نتيجي ۾ برپا ٿيندڙ فسادن ۾ ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. بابري مسجد جو معاملو ننڍين ڪورٽن کان ٿيندو سپريم ڪورٽ تائين پهتو. 09 نومبر 2019ع ۾ سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اتي مسجد کان اڳ پراڻي مندر جي آثارن جي بنياد تي ساڳي جڳهه تي مندر ٺاهڻ جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ مسجد جي تعمير لاءِ ان ئي علائقي ۾ سرڪار کي زمين ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ان فيصلي کانپوءِ ايوڌيا ۾ شري رام مندر ٺهڻ جو ڪم مارچ 2020ع کان شروع ٿيو ۽ ان جو باقاعدي سنگ بنياد نريندر مودي 05 آگسٽ 2020ع تي رکيو. هي مندر 2023ع تائين ٺهي راس ٿيندو ۽ هن تي ڪل ٿيندڙ لاڳت جو تخمينو 1100 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو هو جيڪو ان مندر جي مڪمل ٿيڻ تائين 2100 ڪروڙ رپين تائين وڃي پهچندو. ڪيڏي نه بدنصيبي چئبي جو سرڪار ماڻهن کي اجهي لاءِ ڪکائيون جهوپڙيون به ٺهرائي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ پالڻهار جي اجهي؟ (جنهن جي ان کي ضرورت به ناهي) لاءِ وري ڪروڙين رپيا خرچ ڪريو ڇڏي!

هن ئي ڀاڱي ۾ دهلي جو لال قلعو به ٺاهيو ويو آهي، هي قلعو شاهجهان بادشاهه ٺهرايو. دهلي جي لال قلعي جو تعميراتي ڪم 12 مئي 1639ع ۾ شروع ٿيو ۽ 16 اپريل 1648ع تي ٺهي راس ٿيو. شاهجهان هن قلعي ٺهڻ کانپوءِ پنهنجي راڄڌاني آگري کان دهلي منتقل ڪئي. 1739ع ۾ نادر شاهه هن قلعي مان زيورات لٽيا ۽ ان جي اندر موجود فن پارن کي تباهه ڪيو. 1857ع ۾ وري انگريزن هندستاني ماڻهن جي بغاوت دٻائڻ دوران هن قلعي کي تاراج ڪيو. 15 آگسٽ 1947ع تي هندستان جي آزادي جي ڏينهن تي ملڪ جي پهريئن وزيراعظم جواهر لال نهرو هن قلعي جي گيٽ تي جهنڊو لهرايو ۽ قوم کي خطاب ڪيو. هر سال ڀارت جي آزادي جي ڏينهن تي قلعي تي قومي جهنڊو لهرايو ويندو آهي. هن قلعي کي 2007ع ۾ يونيسڪو جي ورلڊ هيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. دهلي جي لال قلعي جو ٺهيل شاهي خوبصورت ماڊل پويلين جي جان بڻيل آهي.

هن ئي سيڪشن ۾ سردار ولڀ ڀائي پٽيل جو ڌاتو جو ٺهيل قدآور مجسمو نصب ڪيو ويو آهي. سردار ولڀ ڀائي پٽيل (1947-1950) انڊيا جو پهريون ڊپٽي پرائم منسٽر ٿي رهيو. هو پيشي جي حساب سان وڪيل (Barrister) هو. ڪانگريس پارٽي جو هي ليڊر هندستان جي آزاديءَ جي Heroes ۾ سڃاتو وڃي ٿو ۽ ساڳئي وقت گجرات ۾ جنم وٺندڙ ولڀ ڀائي پٽيل جي ڀارت ۾ سڃاڻپIron Man جي حيثيت ۾ پڻ آهي.

ان کانسواءِ گرائونڊ فلور تي هڪ ٻيو سيڪشن به آهي جنهن کيIndian Innovation Hub جو نالو ڏنو ويو آهي. اصل ۾ هي نمائشي(Exhibition) سيڪشن آهي جنهن ۾ ڀارت جي انڊسٽري جا عالمي منڊي لاءِ مختلف پراڊڪٽ متعارف ڪرايا ويا آهن ۽ ساڳئي وقت هن نمائش جو مقصد ڀارت کي پرڏيهي واپار سان ڳنڍڻ ۽ مختلف ملڪن سان واپاري رشتا وڌائڻ به آهي. بين الاقوامي واپاري معاهدا ۽ اقتصادي منصوبا هن سيڪشن جو مکيه ٽارگيٽ آهن. هن ئي ڀاڱي ۾ هڪ وڏو ايمفي ٿيٽر به آهي جنهن ۾ موقعي مهل جي مناسبت سان تقريبون ٿينديون رهن ٿيون. ان سان گڏ ڀارت جي پويلين جو سفر پورو ٿيو.

ڀارت جي پويلين جي سٽاءُ، سونهن ۽ انوويشن واقعي به تعريف ڪرڻ لائق آهي. هتان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ کليل رستي تي اچڻ تائين هن پويلين جي آرٽسٽڪ سيٽنگ ۽ ٽيڪنالاجي سان سجايل سونهن منهنجي اکين اڳيان ڦرندي رهي ۽ خاص طور منهنجو ذهن ڀارت جي پويلين جي مرڪزي ٿيم Openness, Opportunity, Growth ڏانهن هليو ويو. ڇا ڀارت ٿيم جي هڪڙي حصيOpenness يعني صاف دلي (کليل ذهن يا رواداري) تي عمل ڪري سگهيو آهي؟ ايڪيهين صديءَ ۾ به ماڻهن مان تعصب ۽ تنگ نظريي کي تڙي ڪڍڻ ۽ ماڻهن جي درميان ميٺ محبت ۽ ڀائيچارو پيدا ڪرڻ لاءِ ڀارت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي؟ پويلين جي مرڪزي ٿيم جي ٻئي ۽ ٽئي حصيOpportunity, Growth جي مطابق ڀارت پيداوار ۾ واڌ لاءِ ذريعا ۽ موقعا استعمال ڪري، ماڻهن جي زندگي سهل بڻائي آهي؟ 1947ع ۾ ملڪ جي آزاد ٿيڻ کان وٺي هيل تائين جو جيڪڏهن تجزيو ڪجي ته صحيح معنيٰ ۾ نه هتي ماڻهن مان مذهبي ڀيد ڀاوَ، تعصب ۽ تنگ نظري ختم ڪرڻ لاءِ رياست طرفان ايڏا ڪي خاص اپاءُ ورتا ويا آهن ۽ نه ئي وري ماڻھن جي صلاحيتن ۽ ملڪي وسيلن کي استعمال ڪري ملڪي پيداوار ۾ واڌ ۽ ترقي جون راهون روشن ڪرڻ جو ڪو ايڏو وڏو اثر ڪٿي نظر اچي ٿو. اڄ به هتي جو عام ماڻهو هيڏي وڏي جمهوريت، ٽيڪنالاجي ۽ ائٽمي سگهه هئڻ جي باوجود به آسودگي، سک ۽ امن واري زندگي لاءِ ترسي ٿو. اهو نه صرف هن ملڪ جو پر ٽِين دنيا جي هر پٺتي پيل ملڪ جو نوحو آهي، جنهن لاءِ سوچڻ ضروري آهي. جي اڄ نه سوچيوسين ته سڀاڻي جو سج اسين ڏسي ڪونه سگهنداسين ۽ پوءِ سدائين لاءِ اوندهه اسان جو مقدر بڻجي ويندي.

…(پورو ٿيو)…

***