ڪهاڻيون

اوشو جو آشرم ڊاڪٽر ثمينه واحد August 2021

مان توکي دنيا جي ھر خوشي ڏيڻ ٿو چاھيان تنھنجي خوابن کي حقيقي روپ ڏيئي نروار ڪرڻ ٿو چاھيان ڇو ته مان تو ۾ جيئڻ ٿو چاھيان.“

وليمي واري ڏينھن سائر جيئن پنھنجي نئين نويلي ڪنوار سان پيار ڀريو اظھار ڪيو تيئن مارل جون گھريون اکيون اماوس رات ۾ تارن جي جهرمر جيان چمڪڻ لڳيون. سائر جي محبت مارل کي خوبصورت خوابن جي دنيا جو سير ڪرائڻ لڳي.

شادي جي چند ڏينهن کانپوءِ ھو ھني مون لاءِ آمريڪا روانا ٿيا. جتي هنن لاس اينجلس سائوٿ جي ھوٽل تي رهائش جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو ۽ هڪ ڪار به بڪ ڪرايل ھئي. جيڪا صبح جو نائين وڳي ھوٽل تي پھچي وڃي.

سائر پھرين ڏينھن پنهنجي ڀاءُ جي گھر ڊنر تي انوائيٽڊ ھو. سائر جي وڏي ڀاءُ جو نالو ماهر هو جيڪو ماسٽرز ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ تي آمريڪا آيو هو. بعد ۾ جڏهن هن پي ايڇ ڊي ڪئي ته کيس اتي ئي نوڪري ملي وئي. سال کن اڳ ماهر به پنهنجن مائٽن مان شادي ڪري ويسٽ ووڊ نالي علائقي ۾ فيملي سان رھڻ لڳو، پر ان ڏينهن ڊيوٽي کان واپسي ۾ هن پنهنجي ڪار ايئرپورٽ جي پارڪنگ پليس ۾ بيهاري ان جي چاٻي ۽ وزيٽنگ ڪارڊ ڪائونٽر تي جمع ڪرائي ڇڏيا ته سائر کي ڪار رسيو ڪرڻ ۾ ڪا دقت نه ٿئي.

ايئرپورٽ کان نڪرندي گلن جي شاهراهه تان هنن ڪجهه خوبصورت گل ورتا ۽ ھڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور تان ڀاڄائي لاءِ ڪجهه چاڪليٽَ ۽ ڀاءُ لاءِ پرفيوم ۽ ڪجهه ٻيون شيون ورتيون، پر ان کان اڳ اتي ئي شاپنگ مال اندر ڪافي شاپ تي هنن سينڊوچ کائڻ کانپوءِ چانهه پي هلڪو ناشتو ڪيو. اهي شيون ته ايئر هوسٽس به هنن کي سفر دوران آڇيون هيون، پر هنن نو ٿئنڪس چئي کائڻ کان ان ڪري انڪار ٿي ڪيو. هڪ ته ٻنهي جو جهاز ۾ پهريون سفر هو ۽ ٻيو ته اڄ ٻيو ڏينهن هو جو مارل جي طبيعت بهتر ٿي هئي. سفر دوران اڪثر مارل ان فڪر ۾ هئي ته بس خير سان ايئرپورٽ تي پهچون.

شاپنگ کانپوءِ واپس اچي گاڏي ۾ ويٺا ۽ گوگل لوڪيشن آن ڪري سائر ڀاءُ جي گھر جي ايڊريس لڳائي ڇڏي. ڪار ۾ ھلڪي ميوزڪ ماحول ۾ هلڪا سُر وکيرڻ لڳي. هو روڊ طرف ڏسندا منظرن مان لطف اندوز ٿيڻ لڳا جيڪي سندن ڳالھين جو مرڪز بڻجندا رهيا. هو ان کان بي خبر رهيا ته مسٽر گوگل ڇا ٿو ٻُڌائي. ھميشه جيان اڄ به گوگل پنھنجي مرضي ھلائي ۽ ھنن کي ھڪ وڏي روٽ کان وٺي ٿي ويو. هاڻي ته اکين جي سامھون سواءِ جهنگل جي ٻيو ڪجهه نه هو. شام ٿي چڪي ھئي. آسمان تي ڪارا ڪڪر ريڙهيون پائڻ لڳا. جيئن جيئن شام پوين پساهن جي ويجهو ٿيڻ لڳي تيئن تيئن اونداهي به پنهنجا سياهه پر پکيڙيندي پئي وئي. هو ميرانجهڙي اونداهي جي آغوش ۾ وڃڻ لڳا. اوچتو رستي ۾ ھنن کي ھڪ ماڻھو نظر آيو. مارل سائر کي چيو ته وري به ان کان پڇي وٺ ته اسان صحيح روٽ تي آھيون به يا نه.

سائر مارل جي ڳالهه کي اوليت ڏني. گاڏي جي رفتار جهڪي ڪرڻ لڳو ۽ ھن رستي ۾ بيٺل ماڻهو ڀرسان بريڪ لڳائڻ جي ڪئي. اڃان گاڏي بيٺي ئي مس هئي ته ھڪدم مارل کان رڙ نڪري وئي ۽ هن سائر جو ھٿ پڪتو. سائر حيرانيءَ مان مارل کي ڏٺو جيڪا هاڻي سامھون بيٺل ماڻھو کي اکيون ڦاڙي ڏسي رھي ھئي. سائر گاڏي روڪي ۽ مارل جي نظرن جي نشاني تي ڏانھنس ڏٺو جتي هڪ ماڻھو الف اگھاڙو بيٺل ھو.

چوندا آھن ته مجبوري ماڻهوءَ کي نه چاهيندي به الائي ڇا ڇا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندي آهي. آخر سائر پَڪَ ڪرڻ خاطر ان کان ويسٽ ووڊ جي رستي بابت پڇڻ لاءِ جيئن سائيڊ ونڊو ھيٺ ڪئي تيئن ھلڪي برسات شروع ٿي وئي.

”هي رستو ويسٽ ووڊ ڏانهن ٿو وڃي يا ڪنهن ٻئي پاسي؟“ سائر سوال پڇڻ کانپوءِ آسمان جو جائزو وٺڻ لڳو. کنوڻيون تجلا ڏيئي رهيون هيون. ڪڪر ڪارونڀار ڪري برسات وسائي رهيا هئا. تيز برسات جا آثار ڏسڻ ۾ ٿي آيا.

”جي ها! ھي رستو سڌو ويسٽ ووڊ طرف ويندو، پر جيئن ته برسات شروع ٿي وئي آھي توھان ٿوري دير لاءِ منهنجي گھر ھلو. برسات ھلڪي ٿئي ته نڪري وڃجو ايئن حفاظت سان ويسٽ ووڊ پھچي ويندا“

سائر ٿوري دير لاءِ سوچڻ لڳو مارل اڃان زور سان ھن کي پڪڙيو. آخر سائر جلدي سان فيصلو ڪيو ۽ ماڻھو کي چيو ٺيڪ آھي. ھن ماڻھو ھٿ جي اشاري سان ڌنڌلي روشني ۾ نظر ايندڙ ھڪ قلعي نما جڳھ ڏانھن اشارو ڪيو. توھان ھلو اسان اچون ٿا. سائر جي جواب تي ان ماڻهو کلندي چيو، توھان شايد هن علائقي ۾ پھريون ڀيرو ھڪ ننگو ڏٺو آھي سو توھان جي گاڏي ۾ ويھي توھان کي وڌيڪ حيران نه ڪندس.

سائر ڀاءُ کي ڪال ڪري صورتحال کان آگاهه ڪيو. پوءِ گاڏي ان قلعي نما گھر طرف موڙي ڇڏي. اتي پھچندي هنن ھڪ وڏو لوھي گيٽ ڏٺو جيڪو اڌ کليل هو. ھنن ٿوري دير لاءِ ننگي ماڻھو جو انتظار ڪيو. ٿوري دير بعد اهو ماڻهو ڊوڙي اچي جلد گيٽ کولڻ لڳو. هن وڏي رڙ ڪري مائڪ کي سڏ ڪيو ته جلدي ڪافي ٺاهي وٺ.

سائر گاڏي پارڪ جي شيڊ ھيٺان بيھاري ٻئي مائڪ سان گڏجي گھر جي دروازي طرف وڌيا ته سامھون ھڪ سفيد ڪڙتي ۾ اپسرا بيٺل نظر آئي. جيڪا سندن آجيان لاءِ بيٺل ھئي. ايتري ۾ ننگو ماڻهو گيٽ بند ڪري اتي پھتو ۽ اپسرا جو تعارف ڪرايو. هن جو نالو ايزل ھو. تعارف ٿيڻ بعد ايزل ننگي ماڻهو سان انوکي انداز ۾ مخاطب ٿي چيو وري ڪنھن کي ڦاسائي آيو آھين. ايزل جا لفظ ٻڌندي مارل جيڪا اڳ ۾ ئي سھميل ھئي ويتر سائر کي زور سان پڪڙي ورتو. ايزل سمجھي وئي ۽ ھن ھڪدم مارل کي ڳل تي چُمي ڏني ۽ اندر اچڻ جو چيو. جڳهه ۾ داخل ٿيندي ئي مارل جون اکيون ڄڻ ڪئمرا وانگي هر شيءِ تڪينديون ٿي ويون.

ڏاڍي سادي، پر خوبصورت جڳهه ھئي. وڏو ھال، وچ ۾ ھڪ وڏي ٽيبل جنھن جي گرد ٻارنهن ڪرسيون ھيون ۽ ڪجھ اسٽول پڻ رکيل ھئا. جنھن مان لڳو پئي ته ھن گھر ۾ واقعي ڪي فرد رھن ٿا. ايزل ھنن کي صوفي تي ويھڻ لاءِ چئي مائڪ کي چيو ته شيزو کي چئو ته جلد ڪافي ۽ ڪجهه ڪپ ڪيڪ به کڻي اچي.

ٻاهر تمام منظر بدلجي ويا. وڻ ٽڻ برسات جي ڦڙن ۾ وهنجي نکرڻ لڳا. هوائون وڻن کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لڳيون. گهر جي درين مان رکي رکي کنوڻين جا تجلا نظر ٿي آيا. جن جي روشني ۾ درين جي شيشن تان برسات جو پاڻي ريڙهيون پائي ڳڙهي رهيو هو. اوچتو کنوڻ جو اهڙو تجلو ٿيو جو روشني درين مان لنگهي گهر ۾ واسو ٿي ڪيو ته مارل کان ڇرڪ ٿي نڪتا.

شيزو يڪدم ھنن جي سامھون ننڍي ٽيبل تي ڪافي ۽ ڪپ ڪيڪ رکي ھلي وئي. ھنن ڪافي پيئڻ شروع ڪئي. ڪجهه لمحن کانپوءِ برسات به ھلڪي ٿي وئي. موسم ڏاڍي خوشگوار ٿي وئي. جهڙالو آسمان ٿڌڙيون هوائون رقص ڪرڻ لڳيون. وقت رات جي آمد ڪرڻ لڳو. سائر ٽائيم ڏسي ھنن کان موڪلايو ۽ ايزل سميت سڀني جو ٿورو مڃيو، جن ھنن کي رڪجڻ جي صلاح ڏني. گاڏي تائين سڀ ھنن سان گڏ آيا. هوريان هوريان انهن ۾ ٻيا اجنبي چھرا به شامل ٿيندا ويا.

”واپسي تي اسان وٽ رڪجو ۽ ھتان جي زندگي به ڏسي وڃجو“ ايزل سائر کي نرمي سان پيش اچي وڌيڪ چيو ”اسان اوشو جا پوئلڳ آھيون ان لاءِ اسان ان جي آدرشن مطابق زندگي گذاريون ٿا ۽ ڏاڍا خوش آھيون. دنيا جي شور شرابي ۽ مصنوعيت کان پري آھيون سادو کائون سادگي سان رھون ٿا.“

سائر ۽ مارل ھنن سڀني جي گرم جوشي ۽ پيار ڏسي ڏاڍا متاثر ٿيا. هو پنهنجائپ جي رشتي وانگي سڀني کان موڪلائي ويسٽ ووڊ ڏانهن روانا ٿيا. سوا ڪلاڪ ۾ هو گھر پھچي ويا. ماهر ۽ ان جي وني ھنن جو دلي استقبال ڪيو ۽ ڊنر تي مهمانن جو انتظار ڪري رهيا هئا. ڇو ته سائر کين اڳ ئي ٻڌايو هو ته گڏ ڊنر ڪنداسين.

سائر پارڪنگ طرف ويو ۽ گاڏي مان گل، چاڪليٽ ۽ ٻيا تحفا کڻي جيئن گھر ۾ داخل ٿيو ته ايتري ۾ ماهر اڳتي اچي ويو ۽ گڏجي ھو گھر اندر داخل ٿيا ڀاڄائي سائر کان مسڪرائيندي گل ورتا ۽ يڪدم گلدان ۾ لڳايا ۽ باقي تحفن لاءِ شڪريو ادا ڪيو. سڀني جا چهرا خوشين مان ٻهڪڻ لڳا.

سائر ۽ مارل روم ۾ ڪپڙا بدلائڻ ويا فريش ٿي واپس ڊائننگ روم ۾ آيا ته ڀاڄائي هنن لاءِ ٽيبل تي ماني لڳائي. جيڪا آمريڪن ڪلچر وانگر صرف ھڪ ڊش ھئي، مرغي فرائيڊ چانور ۽ سلاد ھو، پر اڄ مهمانن جي ڪري مٺي ۾ چيز پڊنگ ھئي. سڀني گڏجي خوشيءَ خوشيءَ سان ماني کائڻ شروع ڪئي. ڳالھين ڳالھين ۾ ماهر سائر کي پراپرٽي جي ورھائڻ جي ڳالهه ڪئي جيڪا ڳوٺ ۾ نوڪرن جي حوالي ھئي. سائر کي ٿورو عجيب لڳو هن دل ۾ سوچيو ته اڃان ماني به نه کاڌي آھي ۽ ادا ھي ڪهڙيون ڳالھيون پيو ڪري. جڏھن ته امان اڃان زنده آھي ۽ ھن جي صلاح کانپوءِ ڪجھ سوچي سگهجي ٿو. ڊنر ڪرڻ کانپوءِ پڊنگ کڻي هو صوفن تي وڃي ويٺا. ايتري ۾ سندس ڀاڄائي ايرنگ کڻي اچي مارل کي ڪنن ۾ پارايا ۽ سيلفين ڪڍڻ ۾ لڳي ويون، پر سائر خاموش ھو. ڇو ته کيس وڏي ڀاءُ مان اھڙي اميد نه ھئي ته پراپرٽي جي کپائڻ ۽ ورھائڻ جي ڳالھ ڪندو. جڏھن ته ھن وٽ ڪنھن شيءِ جي ڪمي نه ھئي. ڪچهري ڪچهري ۾ رات جو ٻيو پهر گذري ويو. سڀڪو وڃي پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ ستو.

صبح جو سائر جلدي اٿي واڪ لاءِ ٻاھر نڪري ويو.

واپس آيو ته وڏو ڀاءُ ڊائننگ ٽيبل تي ويٺل ھو. هن سائر کي ايندو ڏسي ڪافي جي آڇ ڪئي، پر سائر پاڻي پيئڻ لاءِ جڳ کنيو ۽ ڪرسي ڇڪي ويھي رھيو. سڀني گڏجي ناشتو ڪيو. ٿوري دير لاءِ کل ڀوڳ به ڪندا رھيا. ڳالهين ڳالهين ۾ سائر مارل کي گھمائڻ لاءِ چئي تياري ڪرڻ ۾ لڳي ويا. مارل سامان کڻي گاڏي ۾ رکيو ايئن هو موڪلائي لاس اينجلس هوٽل ڏانهن روانا ٿيا.

واپس ويندي سائر يو ٽرن ورتو ۽ مائڪ جي طرف گاڏي جو رخ ڪيو. مارل سائر کان ان طرف هلڻ جو سوال ڪيو. جواب ۾ سائر چيو ھنن سان ملندا ٿا ھلون ڇو ته پاڻ سڀاڻي ڪجھ دوستن ڏانھن ھلنداسين جن رزارٽ بڪ ڪرايو آھي. اتي پاڻ بوٽنگ ڪنداسين ۽ گھڻو ڪجھ سرپرائيز پلان آھي.

ھو جڏھن مائڪ جي گھر جي ويجھو پھتا ته گيٽ جي مٿان لکيل ھو خواب نگر. جيڪو ان وقت انڌيري ۾ هنن کي نظر نٿي آيو. منجهند جو وقت هو ھلڪي سردي ھئي. ڪارا ڪڪر جهڙو وسڻ لاءِ بيتاب ھجن. پري کان پارڪ ۾ ڪي ٻار کيڏندي نظر ٿي آيا ته ڪي يوگا ۾ مصروف هئا. ڪنھن ويٺي گٽار ٿي وڄايو ته ڪو صوفياڻي رقص ۾ محو نظر ٿي آيو. هنن ڏٺو ته ايزل ھڪ عورت کي ڪپڙا رسي تان جلد لاھڻ لاءِ چئي رھي هئي. اچانڪ سائر ۽ مارل کي گاڏي مان لھندي ڏسي رڙ ڪيائين خوش آمديد. ھن جي آواز تي سڀني گاڏي ۽ سائر طرف نھاريو ۽ تاڙيون وڄايون. مائڪ مارل کي ڏسندي چيو مون کي خبر ھئي توھان واپس ضرور ايندا. ڇو ته ھتي سڪون آھي. اسان سڀ گڏجي ڪم ڪريون ٿا ۽ گڏجي خوش ٿي گذاريون ٿا. ھتي ھي گھر سڀني جي گڏيل ملڪيت آھي ڪير به ڪنھن جو زير دست نه آھي ۽ رشتن ۾ به آزادي آھي.

ٿوري دير ۾ مائڪ به آيو ۽ سائر کي پنھنجي لکيل نظم ٻڌائڻ لڳو. مارل ايزل سان گڏ اندر وئي اتي هال ۾ ويٺل ڪجھ عورتن ھن جو آڌر ڀاءُ ٿي ڪيو، پر مارل کي ھو ڪنھن نشي ۾ خماريل پئي لڳيون. مارل وري واپس ٻاھر سائر جي طرف موٽڻ لڳي ته ھڪ ڳڀرو جوان ھن کي دروازي کان اندر ايندو نظر آيو. هن جي ھٿ ۾ ڪجهه ڪتاب ۽ گٽار ھئس. مارل دل ۾ سوچيو ڪتاب ميوزڪ جا هوندس، پر جيئن اهو ويجهي کان گذريو ته مارل جي نظر انهن ڪتابن تي پئي جن ۾ ھڪ ڪتاب اوشو جو هو جيڪو صاف نظر ٿي آيو. ان نوجوان مارل جون اکيون پڙھي ورتيون ۽ ھن يڪدم چيو ھي گھر اوشو جي آشرم وانگر آھي اسان سڀ پاڻ ۾ مِٽَ آھيون برابر آھيون… مارل اڃان حيران ئي ھئي ته ھن ھٿ وڌائي چيو منھنجو نالو جمي آھي. مارل ھن جي ھٿ کي ڏسي اڻ ڏٺو ڪيو ۽ ڪنڌ سان ھن کي سلام ڪيو. ايتري ۾ سائر آيو ۽ اچي جمي کي ھٿ ڏنو ۽ ھن جي گٽار جي تعريف ڪرڻ لڳو ته جمي چيو گٽار توھان رکو مان ٿوري دير ۾ اچان ٿو. مارل سائر جو ھٿ پڪڙي ٻاھر تڪڙيون وکون کنيون ۽ سائر کي چيو پليز ھتان ھلو مون کي منجهه ٿي ٿئي. بيقراري وچان تڪڙا ساهه کڻي ھڪدم سائر کان اوشو بابت پڇندي چيائين اوشو ڪير آھي؟ ھن جو زندگي ۽ رشتن لاءِ ڪھڙو نظريو آھي؟ ۽ هو جمي چئي پيو ته اسان ان جي نظريي تحت ھن گھر ۾ رھون ٿا.

پهريان سائر مسڪرايو. آخري هلڪا ٽهڪ ڏيندي چيو ”چري ھو ھڪ مھا پرش ھو ھن چيو زندگي پنهنجي مرضيءَ سان گذاريو. پنھنجو پاڻ سان به ڪڏھن ڪڏھن ڳالھايو ته جيئن پاڻ کان واقف ٿي سگھو ۽ ھن دنيا جي ڏکن کان وقفو ملي سگھي. ھن اھو به چيو آھي ته مرڻ کانپوءِ به انسان پاڻ کي ڏسي سگھي ٿو، اگر ھو مرڻ مھل ان کان با خبر ھجي ته ھو مري پيو.“ ڳالهه ختم ڪري هن مارل جي اکين ۾ ڏسندي ئي مارل کي ڀاڪر پاتو ۽ وڌيڪ چيو ”اوشو اهو به چوي ٿو ته اندر جي خواھش کي نه روڪيو زندگي جو مزو وٺو.“

سائر جو آواز ڳرو ٿي ويو. ھن مارل جي چپن تي پنهنجا ڪوسا چپ رکي چمڻ جي ڪئي ته جمي اچي ويو ۽ تاڙي وڄائيندو کلندو رھيو. شرم وچان مارل جون اکيون جهڪي ويون. ھو ٽئي ٻاھر پيل ڪاٺ جي ڪرسين تي ويٺا. آسپاس ڪجهه ماڻھو نظر پئي آيا جيڪي ھن گھر ۾ رھندا ھئا، پر ڪي ماڻهو فروٽ ۽ ڪجهه ٻيون شيون کڻي ٻاھران آيا پئي. ايتري ۾ برسات جي ڪڻ ڪڻ شروع ٿي وئي. جمي ھنن کي ڪاٺين جي ٺھيل جھوپڙي هيٺ ويهڻ لاءِ چيو اها جاءِ بيحد خوبصورت هئي. اتي رکيل ڪافي پراڻين شين کي ڏسي مارل جون اکيون حيران پئي ٿيون. ايتري ۾ مائڪ ڪافي کڻي ھنن وٽ آيو. ڪيرو ئي وقت کل ڀوڳ ھلي ڪچهري ٿي، پر مارل جي چهري تي گهٻراهٽ جا تاثر اڀري رهيا هئا.

هوائون رم جهم رم جهم گهلڻ لڳيون. آسمان تي ڪارا ڪڪر ايڏا گهرا ٿيندا ويا جو ٿوري دير لاءِ اونداهه جو احساس ٿيڻ لڳو. هلڪي برسات ۾ ٿوري تيزي اچڻ لڳي ته جمي تڪڙا قدم کڻندي ٻاھر ڊوڙ پاتي ۽ ٻانهون کولي منهن آسمان ڏانهن اڀو ڪري صوفياڻي رمز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. خوبصورت ماحول مارل جي دل تي اثر انداز ٿيڻ لڳو ته هن کي ٻالڪ پڻي وارو زمانو ياد آيو. آخر هن به دل ئي دل ۾ اهي ٻول ٻوليا ”ھڪ مند چري آھي“ مائڪ ۽ سائر به جهوپڙي کان ٻاھر نڪتا. ايتري ۾ ايزل آئي ۽ مارل کي ٻانهن مان پڪڙي ٻاھر وٺي وئي. پھرين مارل کان هلڪا ڇرڪ پئي نڪتا، پر پوءِ ڪافي عورتون ۽ ٻار کلي آسمان هيٺ نڪري آيا ۽ هم آواز ٿي ڳائڻ شروع ڪيو ته مارل جو ڊپ به لھي ويو. ھن جو من اهڙي منظر تي مهڪڻ لڳو. اوشو بابت سائر جا لفظ مارل جي ذهن تي سوار ٿيڻ لڳا. هوءَ خوش ٿيڻ لڳي. محسوس ڪرڻ لڳي ته واقعي ھي اوشو جو آشرم آهي جتي زندگي پيار سان ڀرپور آھي.

ايئن پورو ڪلاڪ هو پنهنجي سرمستي ۾ مگن رھيا. ڪڏھن ڪاٺ واري جھوپڙي ڏانھن ٿي ڀڳا ڪڏھن ته گيت ۽ گانا پئي ڳايائون. نه مھمان جو ڪو فرق رهيو نه ڪي ميزبان جو، پر برسات جي ھلڪي ھلڪي بوند ختم نه ٿي. ايتري ۾ شيزا پيالن ۾ ڪافي کڻي آئي ۽ گڏوگڏ ننڍڙن گلاسن ۾ مڌُ ھو جو ھر ڪنھن پنھنجي مرضي سان ٿي کنيو. جيئن شيزا مارل جي ويجهو آئي ته هن ھڪدم سوال ڪيو ته ھي سڀ ضرورتون ڪيئن پوريون ڪندا آھيو؟ توھان ته سڀ ھتي رھو ٿا؟ مارل جي ڳالهه ٻڌي سڀ زور سان کليا ۽ پوءِ ايزل ڌيرج سان ٻڌايو ”اوهان رستي ۾ جيڪي فروٽ ۽ سيڌي سامان جا دڪان ڏٺا، اھي اسان جا آھن انھن تي واري واري سان سڀ ڪو ويھي ٿو ۽ ٻيو اسان وٽ ڪجهه پالتو جانور به آھن انهن جي کير مان بيڪري جو ڪم ھلي ٿو.“ مارل سوچيندي رهي. ڪجهه گهڙين کانپوءِ آھستي آھستي اٿندا ويا، پر ھر ڪو ڀنل ھو. سائر به گاڏي مان بيئر جو ھڪ بيگ ڪڍي آيو. ايزل ھن کي ھڪ ڪمرو ڏيکاريو جتي ھو سامان کڻي ويو ۽ ڪپڙا پڻ مٽايا. سائر ڪجهه دير ۾ ٻاھر نڪتو ۽ جمي سان گڏ گٽار جي متعلق سوال ڪرڻ لڳو.

لمحو لمحو گذرندي آخر رات ٿي چڪي ھئي. ماني جون تياريون ھليون پئي. مارل به ڪاري ڪڙتي ۽ ڪشميري شال پائي ٻاھر اچي هال ۾ ويٺي. شيزا کيس سڏ ڪيو ۽ ڪچن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ وٺي وئي. جتي پهرين ئي ٽي عورتن ڪم ۾ مصروف ھيون. شيزا ٿانو کڻي مارل کي ڏنا ته جيئن ٽيبل تي رکي اچي. ايئن ماني به ٽيبل تي لڳائي وئي. جڳن ۾ ڪجهه قسمن جو مڌ هو اھو به ٽيبل تي رکيو ويو. سڀ ماني کائڻ لاءِ گڏ ٿيا هر ٽيبل تي ٻارنهن وڏا ۽ چار ننڍا ٻار ھئا. ايئن ٻين ماڻھن جي شفٽ دير سان لڳندي هئي جيڪي ڪم تان دير سان موٽندا آھن. مائڪ مارل کي ماني جو وقت ۽ اصولن بابت آگاهه ڪندو رهيو. مارل سائر جي طرف ڏٺو ته ھو جمي سان مستقل ڳالهائڻ ۾ مصروف ھو. ماني شروع ٿي، پر مائڪ مستقل مارل کي ڪجهه نه ڪجهه کڻي ٿي ڏنو ۽ مذاق ڪندو رھيو. ماني کانپوءِ سڀني مشروب ننڍين پيراهن ۾ کنيو ۽ ھلڪا ھلڪا ڍُڪ ڀريندا رھيا. مارل کي ان جو ذائقو نه وڻيو، پر ھٿ ۾ جھليو ويٺي سڀني کي ڳالهائيندي ڏٺائين. سائر ھڪ جي بجاءِ چار گلاس پي ويو ۽ ايزل سان کلندي مذاق ۾ محو ھو. مائڪ ھن کي چيو ”تون نٿي پينءَ چري، پي سڪون ايندئي. اها سڄي گھٻراھٽ لھي ويندئي اندر جو انسان معصوم آھي ان کي ٻاھر ڪڍ“ مارل لحاظ ۾ ٿورو پيتو، پر پوءِ ھڪ ساھي ۾ سڄو پي جان ڇڏائي.

سڀ ٻي شفٽ لاءِ ٽيبل خالي ڪري چڪا ھئا. ٻاھر رات گھري ٿي چڪي ھئي. بلبن جي هلڪي روشني دلڪش پئي لڳي. ٿڌ پنهنجا اثر ڏيکارڻ شروع ڪيا. ٿڌ جو احساس گهٽائڻ لاءِ مائڪ وارن ٻاھر مچ ٻاريو ۽ انتاڪشري کيڏڻ لڳا، پر ان کان اڳ اھو چيو ويو ته اڄ رات نئين جوڙي جي آجيان آھي سو ناچ گانو به ٿيندو. ٻاھر چار عورتون ۽ پنج مرد ھئا. جمي گٽار وڄائڻ شروع ڪيو ۽ اھي جوڙن جي صورت ۾ نچڻ لڳا. ناچ دوران جوڙا ھڪ ٻئي سان به بدلجن پيا. اها ڳالهه مارل کي پسند نٿي آئي. ھن سائر جي هٿ کي زور سان پڪڙيو، پر سائر تي مَڌُ جا خمار ڇائجڻ لڳا. ھو مارل کي ڇڏي شيزو سان جوڙيوال ٿيو ۽ مارل اڪيلو رھڻ جو سوچي رهي هئي ته اچانڪ مائڪ اچي هن جو ھٿ جھليو ۽ چيو ”ھتي سڀ ڪجهه برابر آھي ۽ ھڪ ٻئي جو آھي“ اهو چئي مارل جو ٻيو به هٿ جھلي ناچ ڪرڻ شروع ڪيو. پھرين ته مارل ڊني، پر پوءِ آھستي آھستي ھن کي لڳو ھوءَ ھلڪي ٿيندي پئي وڃي ۽ سائر سان پئي ھلي.

اوچتو مارل جي اک کُلي. ھن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته ھوءَ ڪٿي آھي. جڏهن ڀر ۾ نظر پيس ته ھڪدم ڇرڪي ٽپ ڏيئي بيھي رھي. هن ڏٺو ته مائڪ ڀر ۾ الف ننگو ستل ھو، جنهن جي کونگهرن جي آواز مارل جي ننڊ ڦٽائي هئي، پر بيھڻ کانپوءِ ھن کي احساس ٿيو ته ھن جي تن تي ڪپڙا نه آھن. اف خدايا! ھن دانهن ڪرڻ چاھي، پر آواز سندس نڙي کان ٻاهر نڪري نه سگهيو. ھن جلدي ھيڏانهن ھوڏانهن نهاريو ته کيس ڪارو ڪڙتو زمين تي پيل نظر آيو. ھن جلدي پاتو ۽ شال ويڙھي تڪڙي ٻاھر نڪتي. زور سان رڙيون ڪري سائر کي سڏ ڪيا ۽ جلدي پنھنجي ڪمري ڏانھن ڊوڙي. اتي به ھن جي لاءِ ھانءُ ڏاريندڙ منظر ھو. سائر ايزل سان ستل ھو. ھن جلدي بيگ مان ڪپڙا ڪڍيا بنا دير جي واش روم وئي ڪپڙا پاتا ۽ ٻاهر آئي ته ھن جي ذھن ۾ مائڪ جا لفظ ريل جي ڦيٿي وانگر پئي ڦريا ته سڀ برابر آھيون ۽ سڀ ھڪٻئي جا آھيون.

ھن سائر کي زور سان آواز ڏنا… سائر اُٿُ… ھيءَ دنيا اسان جي نه آھي… اسان ڦاسي ويا آھيون…

اُٿُ… ھي برابري واريون ڳالهيون هڪٻئي لاءِ هجڻ جا ڀاشڻ سڀ اوشو جي نالي تي ڍونگ آھن… ھن سائر کي زور زور لڳاتار آواز ڏنا. ھيءَ دنيا اسان جي نه آھي… اسان ڦاسي ويا آھيون… مان سڀ ڪجهه نه آھيان… مان ھڪ انسان آھيان… اخلاق جا قدر ۽ مذھب پڻو انسانيت جو سينگار آهي… انسان کي پنھنجي اندر جي وحشي حيواني جبلت آميز جذبن تي قابو پائڻ گهرجي… ۽ اهو اجتماعي فلاح لاءِ زندگي وقف ڪري يگانگيت جو علمي ڪردار بڻجڻ ۾ آھي… اُٿُ سائر… مان تو کانسواءِ ڪنھن جي نه آھيان… ھي اوشو جي نظريي جو عڪس نه آھي اٿ… سائر.

***