ايئر ڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟

الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل

ايئر ڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي؟

الطاف شيخ

انسان کڻي ڪيڏو به وڏو ٿي وڃي، پر هو پنهنجي پيءُ جي اڳيان هميشه ٻار رهي ٿو. هو کڻي سٺ سالن جو ٿي وڃي، پر سندس ماءُ پيءُ هن کي نصيحتون ڪندا رهندا، گرمي ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ چوندو وتندو … خيال سان گاڏي هلائڻ ۽ وقت تي ماني کائڻ لاءِ چوندا رهندا. مون ۽ منهنجي ڀاءُ انجنيئرنگ پڙهي، پر اسان جي والد صاحب منهنجي ڀاءُ کي پنهنجي اباڻي ڌنڌي، ٻني ٻاري سان لڳايو ۽ هو وقت سان گڏ ان ڪم ۾ ماهر ٿي ويو، پر آخر تائين بابو هن کي سمجھائيندو آيو ته فصل ۾ گاهه نه ٿيڻ کپي، ٻج ۽ ڀاڻ صحيح پيو وٺين يا نه ۽ ڪيترا دفعا ته پاڻ اچي پنهنجي اڳيان انبن جي چڪين جي گرافٽنگ ڪرائيندو هو، اهو سوچي ته سندس پٽ ٻار آهي خبر ناهي سمجھه ۾ اچيس يا نه … جيتوڻيڪ تڏهن به ۽ اڄ جي دور  ۾ ٻار وڏن کان گهڻو هوشيار آهن. ڪمپيوٽر ۾ اسان ايترا ماهر نه آهيون جيترا اسان جا پوٽا ڏوهٽا آهن.

بهرحال آئون تڏهن جي ڳالهه ٿو ڪريان جڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ هئنڊ پمپن جي جاءِ تي اليڪٽرڪ جا پمپ لڳي رهيا هئا، جن ذريعي زمين مان پاڻي ڇڪي مٿي ٽانڪيءَ ۾ ڀريو ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ آئون لنڊن ۾ پنهنجي جهاز سازي (مئرين انجنيئرنگ) جي سبجيڪٽ جو آخري امتحان ڏئي جهازَ جو چيف انجنيئر ٿيو هئس ۽ ڇهه مهينا کن نارٿ سي ۽ هندي وڏي سمنڊ جي ڏهاڪو کن بندرگاهن جي مسافري (voyage) مڪمل ڪري ڪراچي پهتو  هئس. ملڪ کان ٽي سال کن يڪو ٻاهر رهيو هئس سو هاڻ مهيني جي موڪل تي ڳوٺ آيو هئس.

پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي هڪ ڳالهه لکندو هلان ته مئرين انجنيئر يعني پاڻيءَ جي جهازن وارو انجنيئر هڪ مڪينيڪل، اليڪٽريڪل ۽ ريفريجريشن انجنيئر جو مڪسچر ٿئي ٿو فرق فقط اهو آهي ته مٿين انجنيئرن جو فقط لکت پڙهت يعني ٿيوري تي زور رهي ٿو، پر مئرين انجنيئر پريڪٽيڪل ڪم کان جان بچائي نٿو سگهي جو سمنڊ تي جهاز خراب ٿيڻ تي مئرين انجنيئر کي بنا ڪنهن ورڪشاپ جي مدد جي پاڻ ئي صحيح ڪرڻو پوي ٿو. هن کي ڏينهن رات لڳاتار ڪم ڪري اهو نقص دور ڪرڻو پوي ٿو. ٻي صورت ۾ انجڻ جي بند ٿيڻ تي جهاز سامونڊي لهرن ۽ هوائن جي رحم و ڪرم تي رهي ٿو ۽ تباهه ٿي سگهي ٿو. وڏي حادثي جي صورت ۾ به جهاز کي هلڻ جوڳو ڪري گهٽ ۾ گهٽ ڀر واري بندرگاهه تائين پهچائڻو پوي ٿو. اهوئي سبب آهي جو اسان (مئرين انجنيئرن) کي ويلڊنگ ۽ ليٿ مشين جو ڪم به سکڻو پوي ٿو جيئن ڀڳل پرزي کي عارضي طور تي ٺيڪ ڪري سگهون.

تعليمي اداري مان ڊگري حاصل ڪرڻ ۽ ورڪشاپ مان ٻه سال کن apprenticeship مڪمل ڪرڻ بعد مئرين انجنيئر هڪ جونيئر انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي چڙهي ٿو. هر جهاز تي سندس سائيز مطابق جونيئر انجنيئر کان چيف انجنيئر تائين اٺ ڏهه کن مئرين انجنيئر ٿين ٿا. هڪ جونيئر انجنيئر لڳاتار نوڪري ڪندو رهي ۽ وقت تي امتحان پاس ڪندو رهي ته ڇهه ست سالن ۾ چيف انجنيئر ٿيو وڃي. هر  امتحان کان اڳ هن کي 21 مهينا جهاز هلائڻو پوي ٿو. آخري امتحان… چيف انجنيئر جي ۾ ته ڪو به سليبس مقرر ناهي. هن کي هر قسم جي انجڻ، مشين، پمپ، بوائلر جي چڱي طرح ڄاڻ هجڻ کپي جو هر جهاز تي مختلف قسم جي مشينري ٿئي ٿي جنهن کي هلائڻ ۽ صحيح رکڻ جي جوابداري چيف انجنيئر جي آهي. ڪناري تي، خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾، جتي رشوت خوريءَ جو مرض آهي، جتي سرڪاري يا خانگي نوڪري ڪرڻ وارو پاڻ کي نوڪر سمجھڻ بدران ٻين تي رڳو حڪم هلائي ٿو، اتي جا عام ماڻهو اهو سوچي به نٿا سگهن ته جهاز جو چيف انجنيئر معنيٰ سڀ کان گهڻو پورهيو ۽ ذميواري کڻڻ وارو. جتي ٻيا انجنيئر انجڻ کي صحيح نٿا ڪري سگهن اتي چيف انجنيئر کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو، جنهن لاءِ هن کي ڄاڻ، تجربو ۽ اعتماد هجڻ ضروري آهي. ان بنا هو survive نٿو ڪري سگهي.

بهرحال آئون چيف انجنيئر ٿيس ۽ ان بعد ڇهن مهينن کن جو ڊگهو سامونڊي سفر خير خوبي سان ڪري گهر پهتس. جهاز کڻي نئون هجي يا پراڻو، سندس انجڻيون ڏينهن رات هلن ٿيون، جن ۾ ٽيهارو کن مختلف پمپ، ٽي يا چار وڏا جنريٽر، بوائلر، ايوپريٽر، پيوريفائر، ريفريجريشن پلانٽ وغيره وغيره، انيڪ مشينون اچيو وڃن ٿيون ۽ سمنڊ تي اهو ڏينهن خالي نٿو رهي جنهن ۾ ڪو maintenance جو يا ڀڃ ڊاهه کي صحيح ڪرڻ جو ڪم نه هلندو هجي. جهاز جا سمورا انجنيئر، چيف انجنيئرن سميت ڏينهن رات ڪم ۾ مشغول رهن ٿا ۽ ماشاءَالله جهاز جو هر انجنيئر (مئرين انجنيئر) ڪم جو ڄاڻو ٿئي ٿو خاص ڪري certified انجنيئر جن ترقي حاصل ڪرڻ جو هڪ يا ٻه امتحان پاس ڪيا آهن. اهو ان ڪري جو هي هڪ اهڙو پروفيشن آهي جنهن ۾ پهرين ڪم ڪري ڏيکارجي ٿو ۽ پوءِ امتحان ڏجي ٿو. يعني هر امتحان پهرين 21 مهينا سمنڊ جي نوڪري (Sea Time) مڪمل ڪرڻ بعد ٿئي ٿو. سو هڪ جهاز جو چيف انجنيئر چاهي يورپي ڳورو هجي يا آفريڪي شيدي يا اسان جو ايشيائي، هو ساڳي قابليت رکي ٿو ۽ جهازن جا مالڪ اهو نه ڏسندا آهن ته هو ڪهڙي ملڪ ۽ رنگ جو آهي. هنن لاءِ ايترو ڪافي آهي ته چيف انجنيئر جو امتحان پاس ٿيل آهي. ڇو جو هڪ امتحان پاس ڪيل چيف انجنيئر جي موجودگي ۾ جيڪڏهن جهاز جو حادثو ٿي پوي يا جهاز ٻڏي به وڃي ته به مالڪ کي انشورنس ڪمپني وارا سڄي رقم ڀري ڏيندا ۽ انشورنس ڪمپني کي خبر آهي ته امتحان پاس ٿيل چيف انجنيئر هجي يا ڪئپٽن هو غلط ڪم نه ڪندو ۽ هن جي ڄاڻ جو هنن کي اعتراف رهي ٿو جو امتحان وٺڻ وارا به اهي انشورنس ڪمپني وارا ئي ٿين ٿا ۽ هو اميدوار کي هر طرح سان چڪاسين ٿا ۽ معمولي شڪ جي حالت ۾ به فيل ڪريو ڇڏين. اهوئي سبب آهي ته هي امتحان دنيا جي هر  بندرگاهه ۾ هر مهيني ٿين ٿا، پر پاس ڪو  ايڪڙ ٻيڪڙ  ٿئي  ٿو.

اهو پڙهڻ بعد توهان سمجھي ويا هوندئو ته مئرين انجنيئر… خاص ڪري جهاز جي چيف انجنيئر کي مشين جي ڪيڏي ڄاڻ ٿئي ٿي ۽ هو انهن کي ٺيڪ ڪري هلڻ جوڳو بنائڻ لاءِ ڪيڏو ڪم ڪن ٿا. آئون جڏهن پهريون دفعو چيف انجنيئر جي عهدي تي جهاز تي sail ڪري ڳوٺ پهتس ته تقريبن سڄي پاڙي مان هئنڊ پمپ غائب ٿي ويا هئا. انهن جي جاءِ تي هاڻ اليڪٽرڪ پمپ هئا. اسان جي گهر ۾ به پمپ لڳل هو جيڪو ٻئي ڏينهن پاڻي ختم ٿيڻ تي منهنجي پيءُ آن ڪيو. پمپ پاڻي نه ڇڪيو ته بابا پريشان ٿي ويو. آئون اٿيس ته بابا مون کي جھليو. “مستريءَ چيو آهي ته پاڻي نه ڇڪڻ جي صورت ۾ ان ۾ پاڻي وجھجو” بابا چيو ۽ پاڻ ٻه ٽي ڪريون پاڻيءَ جون ڀري ان ۾ وڌيون، پر پمپ ڪم نه ڪيو. آئون سمجھي ويس ته پمپ صحيح طرح prime نه پيو ٿئي. ٿي سگهي ٿو gland packing کي ٽائيٽ ڪرڻ جي ضرورت هجي. بهرحال اها ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي، پر بابا مون کي هٿ لاهڻ نٿي ڏنو. هن جو اعتماد ڳوٺ جي مستري عبداللطيف انصاريءَ ۾ هو جنهن هي پمپ فِٽ ڪيو هو. مون کي ان جي دڪان تي بازار موڪليائين. مون کي کل به اچي رهي هئي ته گذريل ڇهه ست سال سمنڊ تي اهي ئي ڪم ڪندو رهيو آهيان، پر منهنجي پيءُ کي ڪهڙي خبر. هو ته مون کي اڃان به ٻار ٿو سمجھي بهرحال مستري عبداللطيف جي دڪان تي ويس، پر هو نماز تي ويل هو گهر آيس ته بابو به مسجد ۾ هو. پاني سان سندس Gland پئڪنگ ٽائيٽ ڪري پاڻي مٿي چاڙهيم. پاڙي ۾ رهندڙ مون کان ٽي سال کن ننڍي ڪزن ڪئپٽن رشيد ابڙو کي کلندي چيم ته بابا کي جي بحري جهاز ۾ سفر ڪرڻو پوي ۽ ان جو ڪئپٽن تون ۽ چيف انجنيئر آئون هجان ته هو پڪ اهو چئي ان جهاز ۾ هلڻ کان انڪار ڪندو ته هي ڪالهوڪا ٻارَ سمنڊ تي هيڏو وڏو جهاز هلائي به سگهندا يا نه.

جهاز جي انجنيئر (مئرين انجنيئر) جو اهو به ڪم آهي ته جهاز جو ايئر ڪنڊيشن سسٽم ۽ ڪولڊ اسٽوريج صحيح رکي. جهاز تي گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن جو راشن رکڻو پوي ٿو. ذبح ٿيل سوين ڪڪڙين کان علاوه پنجاهه کن ٻڪريون، رڍون ۽ ڪجهه ڍڳيون به کنيون وڃن ٿيون… يعني ذبح ٿيل ۽ کل لٿل. ان کان علاوه ڪافي مقدار ۾ مڇي ۽ ميوو پڻ رکڻو پوي ٿو. مئرين انجنيئرنگ جي شاگرد کي ايئرڪنڊيشن ۽ ريفريجريشن بابت تفصيلي تعليم ڏني وڃي ٿي جيئن اسان ان سامان کي اهڙي حالت ۾ رکون جو خراب نه ٿئي. اهي ڪمرا جن ۾ فروٽ ۽ ڀاڄيون رکيون وڃن ٿيون انهن جي ٿڌاڻ اهائي رکندا آهيون جيڪا گهرو ريفريجريٽر ۾ ڀاڄين جي خاني ۾ هوندي آهي… يعني واڌو 5 ڊگريون. ان کان علاوه اهڙي ڪمري ۾ Exhaust پنکي جو هلڻ ضروري آهي جو ڀاڄيون ۽ ميوا ڪاربان گئس خارج ڪن ٿا. مڇيءَ کي صحيح رکڻ لاءِ لڳاتار ڪاٽو ويهه ڊگريون ۽ گوشت لاءِ ڪاٽو ڏهه ڊگريون ٿڌاڻ قائم رکي وڃي ٿي ۽ اها رڪارڊ خاطر هر چئن ڪلاڪن بعد نوٽ ڪئي وڃي ٿي. ان معاملي ۾ هڪ ڳالهه جيڪا اهم آهي ۽ گهر جي ڀاتين کي ڄاڻ هئڻ کپي، اها هيءَ ته فريزر مان اوترو گوشت ڪڍجي جيترو ان ڏينهن رڌڻو هجي. ان ڪري حساب مطابق ٿيلهيون ٺاهي رکجن. ڇو جو هڪ دفعو فروزن گوشت کي ٻاهر ڪڍي نارمل ٽيمپريچر تي آڻڻ بعد ان کي وري ٻيو دفعو فريز نه ڪجي. ڇو جو ٻئي دفعي فريز ڪرڻ سان ان مان وٽامن ۽ پروٽين ختم ٿيو وڃن، پر اسان وٽ اڪثر اها پرئڪٽس رهي ٿي ته هر دفعي گوشت يا قيمي جي پيالي کي روم ٽيمپريچر تي آڻي، ضرورت جيترو گوشت ڪڍي باقي کي وري فريز ٿيڻ لاءِ رکيو وڃي ٿو. ٻيو ته ٺهيو منهنجي زال جيڪا شاديءَ بعد 8 سال کن مون سان گڏ جهاز تي رهي ۽ ڏسندي رهندي هئي ته ان معاملي ۾ اسين ڪيڏو خبرداري کان ڪم وٺندا هئاسين، اها به گهر ۾ ساڳي غلطي ڪندي رهي ٿي. منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ چيف انجنيئر راشد ڪاظمي چوندو آهي ته “هٰذا قومً جاهلون…” يعني منهنجي زال جا هي ڪم ڏسي نه پر اسان جي ملڪ جي ٽي وي تي ڪنهن ڪمپني جي ايئر ڪنڊيشنر جو اشتهار ڏسي… جنهن ۾ اشتهار ۾ ڏيکاريو ويندو آهي ته اهو ايئر ڪنڊيشنر ڪمري کي اهڙو ته ٿڌو يخ بڻائي ٿو جو ان جو سوئچ آن ڪرڻ کان اڳ هڪ ٽرڙو ڇوڪرو ڪوٽ سوئيٽر پائي، مٿي تي گرم ٽوپي ۽ ڳچيءَ کي مفلر سان ڍڪي ٿو ۽ پوءِ ايئر ڪنڊيشنر جو سوئچ آن ڪري ٿو. جيئن ئي ايئر ڪنڊيشنر هلي ٿو ته هو ڏڪندي وات مان سين سين جا آواز ڪڍي ٿو ڄڻ برف باري ٿي رهي هجي! اسان وٽ اها سوچ آهي ته ايئر ڪنڊيشنر اهڙو ٿڌو هجي جهڙو سخت سيارو. اونهاري ۾ ڪوٽ سوئيٽر پائي ايئر ڪنڊيشنر هلائڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ڪيترا ماڻهو 9 يا 10 تي ٿرمواسٽئٽ رکي پوءِ سوڙون پائي سمهن! انگريز به اسان جا اهي ڪم ڏسي منهن مٿو پٽيندا هوندا!

ايئر ڪنڊيشنر جو ڪم سيارو آڻڻ ناهي. بس ٿوري گهڻي ٿڌڪار ضرور ڪري جيڪا 26 ڊگرين تائين محدود رکي وڃي ٿي. ڇو جو سنڌ جي اونهاري واري گرمي ۾ ڪمري کي گهڻو ٿڌو ڪري پوءِ ٻاهر نٽهڻ اس ۾ نڪرڻ سان ماڻهو بيمار ئي ٿئي ٿو. آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي موسم به سنڌ ۽ ملتان جهڙي آهي، پر آئون آمريڪا جي انهن رياستن ۾ ڏسندو آهيان ته آفيس توڙي گهرن ۾ 25 يا 26 ڊگرين تي ٿرمواسٽئٽ set ڪيو وڃي ٿو. ايئر ڪنڊيشن جو مطلب اهو ناهي ته ڪو ڪمري کي ڪولڊ اسٽوريج ٺاهجي جنهن ۾ دفن ڪرڻ کان اڳ مردا رکيا وڃن… پر ايئر ڪنڊيشنر جو ڪم آهي ڪمري جو ٽيمپريچر pleasant بنائڻ… يعني 25 يا 26 ڊگريون ڪافي آهي.

دراصل ايئر ڪنڊيشنر جا اهم ڪم آهن:

  1. هوا کي فلٽر ڪري ڌوڙ، دونهين ۽ جراثيم کان پاڪ ڪرڻ.
  2. هوا مان نمي يعني پاڻي ٻاهر ڪڍڻ. ڇو جو Humidity نهايت خراب شيءِ ٿئي ٿي. انسان کي گرمي ايڏي تڪليف نٿي پهچائي جيڏي گهمَ!… پر اسان وٽ انهن ڳالهين جو احساس ناهي… رڳو ٿڌڪار پيدا ڪرڻ تي زور آهي. سياري ۾ 5 ڊگريون ٿڌ ٿي ويندي ته به نه جوراب پائبا ۽ نه سوئيٽر… ڀلي نمونيا ٿي پوي… باقي اونهاري ۾ AC جي پيدا ڪيل 20 ڊگريون ٿڌڪار تي ڪوٽ ۽ مفلر ويڙهي ويهڻ کي وڏ ماڻهپي سمجھندا. ڀائي توهان کي اهڙو سيءُ ٿو لڳي ته کڻي ٿڌڪار گهٽ ڪريو… ملڪ سڄي ۾ بجليءَ جو بحران لڳو پيو آهي، ڪيترا ته فقط پنکو (fan) هلائڻ لاءِ پريشان آهن.
0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments