اياز لطيف پليجو جي ڊي اي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو جي ڊي اَي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آھي قومي عوامي تحريڪ جي ترجمان موجب، اياز لطيف پليجو استعيفيٰ سان گڏ هڪ خط لکيو آهي، جيڪو پير پاڳاري کي ڏنو ويو آهي، خط ۾ استعيفيٰ جا ڪارڻ لکيل آهن ياد رھي ته اياز لطيف پليجو سال 2017 کان 6 سال لاڳيتو گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل هو.

