پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ايجنٽ جو سسٽم ختم ڪرڻ لاءِ انڪم سپورٽ تي مستحقين جا اڪائونٽ کولرائڻ جو فيصلو

وفاق ۽ سنڌ سرڪار سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏي جي خراب صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته هاڻي وڏو مرحلو متاثرن جي بحالي جو آهي، بيماريون ڦهلجڻ ڪري جانورن توڙي انسانن جا وڏا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن. اهڙو اظهار غربت جي خاتمي ۽ سماجي ڀلائي کاتي جي وفاقي وزير شازيه مري ۽ سنڌ سرڪار جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ اسيمبلي جي بلڊنگ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. وفاقي وزير شازيه مري چيو ته وفاقي سرڪار ايجنٽ جو سسٽم ختم ڪرڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقن جا اڪائونٽس کولرائڻ جو پروگرام سوچي پئي، جيئن بنا ڪنهن ڪٽوتي جي پئسا مستحقن جي اڪائونٽن ۾ منتقل ٿي وڃن، ڪٽوتين جون شڪايتون گهڻيون آيون آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ ڳڻتي جوڳي حالت آهي، سنڌ ۾ تمام خراب صورتحال آهي، ڪي اين شاهه، قمبر، ميهڙ ۾ وڏي تباهي آئي آهي. ٻوڏ سبب ڪيترائي ضلعا متاثر ٿيا آهن ان ۾ منهنجو ضلعو سانگهڙ به متاثر ٿيو آهي، مختلف ادارا ٻوڏ دوران مدد ڪري رهيا آهن، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. هن چيو ته هاڻي ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارو تمام وڏو مرحلو اچڻ وارو آهي، اهو آهي تمام وڏي آبادي کي نقصان ٿيو آهي، پاڻي هجڻ ڪري بيماريون ڦهلجي رهيون آهن، ننڍا ننڍا ٻار بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، بي زبان جانور مري رهيا آهن. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي في متاثر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ٿيو هو، هن وقت تائين 800 ملين ماڻهن کي ڪيش ٽرانسفر ٿيا آهن.