فائيو جي ٽيڪنالاجي جي فريڪوئنسي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا: ماهر
ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ 5 جي ٽيڪنالوجي جلد ئي اچڻ واري آهي. جنهن جي ڊائونلوڊ اسپيڊ هڪ گيگا بائيٽ في سيڪنڊ هوندي، جنهن جو سبب 5 جي ٽيڪنالاجي جي فريڪوئنسي چيو پيو وڃي. عام جي نيٽ ورڪس ۾ 700 ميگا هر ٽز کان 600 گيگا هرٽز هوندا آهن جڏهن ته 5 جي ٽيڪنالاجي ۾ اها فريڪوئنسي 600 ميگا هرٽز کان 6 گيگا هرٽز تائين هوندي. جيڪا انساني صحت جي لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار ثابت ٿيندي. انٽرنيٽ جي وڌندڙ استعمال ۽ بي لغام فريڪوئنسي تي تشويش جو شڪار سائنسدانن چيو آهي ته ڪنهن به ٽيڪنالاجي کي ڦهلائڻ کان اڳ ان جي انساني زندگي تي پوندڙ اثرن جو جائزو وٺي ان کي اجازت ڏيڻ گهرجي. سائنسدانن چيو آهي ته 4 جي ٽيڪنالاجي سان به انساني صحت تي ڪجهه خراب اثر ٿيا آهن. هاڻي 5 جي جي ٽيڪنالاجي جي ڪري جن مسئلن جي پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي اهي هي آهن: انساني حواسن تي اثر، انساني روين ۾ تبديلي، جنهن ۾ پريشان رهڻ ڪاوڙ ۾ اضافو، جينياتي نقصان، سکڻ ۽ ياد رکڻ جي عملن ۾ خرابي شامل آهن. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اسان 4 جي ٽيڪنالاجي جي سبب انساني صحت تي پوندڙ خراب اثرن لاءِ کي محسوس ڪري رهيا آهن 5 جي ٽيڪنالاجي ته ان کان هزار دفعا تيز هوندي جيڪا انسانن لاءِ تمام گهڻي هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.