ايلگزينڊريو دريده (مصور) زاهده ابڙو April 2021

زاهده ابڙو: ايلگزينڊريو توهان منهنجي پڙهندڙن سان پنهنجو تعارف ڪرائڻ پسند ڪندا؟

ايلگزينڊريو: اچڻ لاءِ توهان جي وڏي مهرباني، منهنجو نالو ايلگزينڊريو دريده آهي، مان رومانيه جي هيٺئين حصي سلوينيا ۾ ڄائو هئس. منهنجي پيءُ جو تعلق اٽليءَ سان آهي، اهڙي طريقي سان منهنجو پسمنظر ڏاڍو دلچسپ آهي، مان ڄائو ته رومانيه ۾ هئس، پر پوءِ وري اٽليءَ ۾ پليس ۽ وڏو ٿيس، جتي مون روم ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي ۽ مون آرٽ سکيو ۽ آرٽ جي ڪيترين ٽيڪنيڪس کي زنده ڪرڻ جي لاءِ فريسڪوس ۾ تعليم حاصل ڪئي. ٽيٽيهه سال پهرين آئون آمريڪا آيس ۽ آئون تڏهن کان وٺي هتي شڪاگو ۾ آهيان.

زاهده ابڙو: مون ايئن سمجهيو هو ته توهان هتي شايد ڪنهن پنهنجي تصويرن جي نمائش جي سلسلي ۾ آيل آهيو ۽ نمائش ڪرڻ کانپوءِ توهان وري واپس هليا ويندا.

ايلگزينڊريو: نه نه.. توهان بلڪل غلط سمجهيو هو. آئون هن لوڪيشن تي جتي هن وقت منهنجو اسٽوڊيو آهي، منهنجي گئلري به آهي. آئون هتي ڪم ڪري وري پنهنجو آرٽ نمائش جي لاءِ رکي ڇڏيندو آهيان ۽ اهو تمام خوبصورت لڳندو آهي ته آئون جنهن لوڪيشن تي ويٺو آهيان اها ڏاڍي وڻندڙ آهي. ڇو ته هڪ آرٽسٽ جي لاءِ ضروري هوندو آهي ته هو ماڻهن سان ڳنڍيل رهي ۽ آئون هن لوڪيشن تي تمام سٺي طريقي سان ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ رهندو آهيان. جيئن ته آرٽ هڪ بين الاقوامي ٻولي آهي، ان جو ان ڳالهه سان ڪوبه تعلق ڪونهي ته آرٽسٽ جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي ۽ هو ڪهڙي ٻولي ٿو ڳالهائي ۽ ان ڳالهه جو به ان سان ڪو تعلق ڪونهي ته هو ڪهڙي ڪلچر سان تعلق رکي ٿو، پر آرٽ بذات خود هڪ بين الاقوامي ٻولي آهي. هر ماڻهو هن ٻوليءَ کي سمجهي سگهي ٿو بنا ڪنهن ترجمي جي. آرٽ ۽ موسيقي ٻئي تمام طاقتور ٻوليون آهن، جيڪڏهن اسان سياست جي باري ۾ ڳالهائينداسين يا مذهب جي باري ۾ ڳالهائينداسين ته اسان ورهائجي وڃون ٿا، پر جڏهن اسان آرٽ موسيقي ۽ ڪلچر جي باري ۾ ڳالهايون ٿا ته اسان متحد ٿي وڃون ٿا. جڏهن اسان ڪا پينٽنگ ٿا ڏسون يا ميوزڪ ٻڌون ٿا ته اهي اسان کي متحد ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا. ان ڳالهه جو ان وقت ڪوبه وزن نٿو رهي ته اسان ڪٿان کان آيا آهيون ۽ اسان جو مذهب ڪهڙو آهي؟ آرٽ هڪ آفاقي ٻولي آهي جنهن کي هرڪو سمجهي سگهي ٿو. ماڻهو پنهنجي طاقت جو اظهار آرٽ ۽ موسيقي جي ذريعي ڪري سگهي ٿو.

زاهده ابڙو: ڪيتري عمر ۾ توهان کي اهو احساس ٿيو ته توهان کي آرٽ ۾ دلچسپي محسوس ٿي رهي هئي ۽ پوءِ توهان آرٽ سکيو، ان جون ٽيڪنيڪ سکيون.

ايلگزينڊريو: مان اڃان اٺن سالن جو مس هئس ته مون کي خبر پئي ته منهنجي اندر ۾ آرٽ سکڻ جي لاءِ تمام گهڻو اتساهه موجود هو، منهنجو ڀاءُ جيڪو مون کان پنج سال وڏو آهي اهو به هڪ آرٽسٽ آهي ۽ مون پنهنجي ڀاءُ کان آرٽ سکڻ شروع ڪيو. شروعاتي سکيا مون کي منهنجي ڀاءُ ڏني ان کانپوءِ مان آرٽ اسڪولن ۾ ويس اتان سکيس، پوءِ مان رومانيه ويس ۽ پوءِ وري اٽلي آيس جتي مون آرٽ جي باري ۾ باقائده سکيا حاصل ڪئي. اٽلي اها جاءِ آهي جتي توهان آرٽ ۽ عجائب گهرن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ سکي سگهو ٿا. ان کانپوءِ وري مان آمريڪا  اچي ويس. ٽيٽيهه سال ٿي چڪا آهن مان آمريڪا ۾ آيو هئس ۽ هن وقت هتان جو شهري آهيان ۽ هتي رهان پيو ۽ تڏهن کان وٺي مان شڪاگو ۾ آباد آهيان.

زاهده ابڙو: اسان جي پڙهندڙن کي ٻڌايو ته توهان آرٽ جي ڪهڙين ٽيڪنيڪس ۾ ڪم ڪندا آهيو. ڇا توهان آئل پينٽ ۾ ڪم ٿا ڪريو يا پيسٽل ڪلر استعمال ٿا ڪريو يا واٽر ڪلر؟

ايلگزينڊريو: جيڪا ٽيڪنيڪ مان استعمال ڪندو آهيان اها تمام گهڻي مزيدار آهي جيڪا Flemish تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ آئل پينٽ جا ڪيترائي تهه هڪٻئي جي مٿان ڏنا ويندا آهن. ان ۾ Glaze ۽ رنگن جي سيچوريشن ڪئي ويندي آهي ۽ ان ۾ هڪڙي قسم جي ٽرانسپيرنٽ بيس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ اهي رنگ ملي ڪري تمام گهرائي پيدا ڪندا آهن جنهن مان توهان Three dimension effect پيدا ڪري سگهو ٿا. گهڻو ڪري مان پلاسٽر ٽيڪسچر ۾ ڪم ڪندو آهيان، جنهن ۾ توهان ڪيترائي جذبا پيدا ڪري سگهو ٿا ۽ اهو طاقت جي اظهار جو ذريعو آهي يا اسين ان کي ايئن به چئي سگهون ٿا ته اهو Nostalgia آهي.

زاهده ابڙو: ڇا توهان ان ڳالهه سان متفق آهيو ته هڪ شاعر ۽ هڪ پينٽر لڳ ڀڳ ساڳيو ڪم ڪن ٿا؟ جيئن شاعر لفظن سان ڪم ڪندو آهي ۽ آرٽسٽ رنگن سان.

ايلگزينڊريو: مان توهان ڳالهه سان متفق آهيان آرٽ ۽ شاعري ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي هلن ٿيون. شاعريءَ جو خيال تمام گهڻو اهم ۽ دلچسپ آهي ۽ اهو لفظن سان جڙي ٿو ۽ هڪ خيالي دنيا جڙي ٿي وڃي جيڪا لفظن سان جوڙي ماڻهن تائين پهچائڻي هوندي آهي ۽ اسان آرٽسٽ اها ساڳي شيءِ رنگن سان جوڙيندا آهيون. رنگن سان ۽ لفظن سان ٻئي ڪم ساڳيو ٿا ڪن ۽ ٻنهي جي ٻولي ساڳي آهي.

زاهده ابڙو: جيڪڏهن اسان انهن کي ڌار ڌار ڪيون ته ڪهڙي بنياد تي انهن ٻن کي ڌار ڪري سگهجي ٿو.

ايلگزينڊريو: منهنجي خيال ۾ ته صرف ايڪسپريشن جيڪو لفظن تي ٻڌل آهي ۽ رنگن تي ٻڌل آهي ان جي ذريعي ئي اسان انهن کي ڌار به ڪري سگهون ٿا. اسان انهن کي ان کان وڌيڪ ڌار نٿا ڪري سگهون ڇو ته اهي ٻئي انساني جذبن جو اظهار ڪن ٿا. هڪڙو لفظن سان اظهار ٿو ڪري ته ٻيو رنگن سان ۽ اهو ٻنهي جو اظهار سندن روح جو اظهار آهي ۽ روح جي اظهار لاءِ ان جي ڪابه معنيٰ ڪونهي ته اهو رنگن سان ڪجي يا لفظن سان. اسان ٻئي هڪڙي جاءِ تي هڪڙي نقطي تي وڃي ملون ٿا. ڪيترائي شاعر منهنجي فن پارن تي شاعري ڪندا آهن.

زاهده ابڙو: ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن جي شاعريءَ تي پينٽنگ ڪئي آهي؟

ايلگزينڊريو: ها بلڪل ڪئي آهي، مان لفظن کي رنگن سان ترجمو ڪندو آهيان، پر گهڻو ڪري ٿيو ايئن آهي جو منهنجن فن پارن تي شاعري ڪئي وئي آهي.

زاهده ابڙو: ڇا توهان ڪڏهن ڪو اهڙو خواب ڏٺو جيڪو تمام گهڻو انوکو هجي ۽ پوءِ اهو خيال آيو هجي ته ان خواب کي رنگن جي زبان ڏجي؟

ايلگزينڊريو: منهنجي ڪم ڪرڻ جو انداز ڪجهه اهڙو ئي آهي جو آئون اڌ رات جو اٿي ويهي رهندو آهيان ۽ مان پنهنجو خواب پيو ڏسندو آهيان ۽ حقيقت ۾ ان وقت مان جاڳيل هوندو آهيان. وري جڏهن صبح جو اٿي پنهنجي اسٽوڊيو ۾ ايندو آهيان ۽ ان پينٽنگ کي ڏسي آئون پنهنجي خواب جو ترجمو ڪندو آهيان جيڪو مون ڪينواس تي پينٽ ڪيو هوندو آهي. اڪثر منهنجا فن پاره ايئن ئي ٺهيل آهن جو اهي ڪينواس تي پوءِ ايندا آهن پهرين اهي منهنجي ذهن ۾ اڀرندا آهن.

زاهده ابڙو: (کلندي) ان جو مطلب آهي ته توهان رنگن جا شاعر آهيو.

ايلگزينڊريو: (کلندي) ها بلڪل توهان صحيح ٿا چئو آئون توهان جي ان ڳالهه تي توهان کي ساراهيان ٿو.

زاهده ابڙو: هڪ فنڪار جي طور تي يقينن توهان ڪنهن ٻئي فنڪار کان متاثر ته هوندا، ڪهڙي آرٽسٽ کي توهان پنهنجي ڪم ۾ ارادي يا غير ارادي طور تي فالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ايلگزينڊريو: ها تمام گهڻا آرٽسٽ آهن جيڪي مون کي پسند آهن،Paolo Rodari جيڪو سوريا لسٽ پينٽر آهي. اولڊ اسڪول مان مون کي Rembrandt پسند آهي، پنهنجي سڀني خوبصورت ٽيڪنيڪس سان. ان کانپوءِ Chiaroscuro جنهن پنهنجي پينٽنگز ۾ ٻڌايو آهي ته روشني ۽ پاڇا ڪيئن تخليق ڪجن، ان جون تخليقون تمام گهڻيون منجهائيندڙ ۽ خوبصورت آهن. مون وٽ هينئر هتي هڪڙي پينٽنگ آهي جيڪا مون هاڻي ٺاهي ختم ڪئي آهي اهاVincent van Gogh  جي آهي، جنهن پنهنجي پينٽگز ۾ تمام گهڻن قسمن جي ٽيڪسچرن تي ڪم ڪيو هو. هن تمام دلچسپ رنگن جو ڀرپور استعمال ڪيو هو، جنهن ۾ پِيلو ۽ ڳاڙهو رنگ نمايان آهن.Vincent van Gogh  منهنجي لاءِ وڏو اتساهه آهي يا ايئن کڻي چئون ته منهنجي Obsession آهي. هو هڪ آرٽسٽ سان گڏ هڪ فلاسافر به هو، هن پنهنجي ڀاءُTheo  کي ڪافي خط لکيا جنهن ۾ هن پنهنجي ذهني ڪيفيتن جو ذڪر ڪيو آهي. ان کان علاوه آرٽ، زندگي ۽ فلاسافي جي باري ۾ ڪيئن محسوس ڪندو هو، انهن خطن ۾ ان جو هن تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن خطن جي پسمنظر ۾ اسان اهو چئي سگهون ٿا ته هو هڪ فلاسافر هو جنهن زندگيءَ کي تمام گهڻو ڀوڳيو ۽ هن زندگيءَ ۾ هڪڙو ڪم ڪيو جو هو سوچيندو تمام گهڻو هو، پر هن وقت هو هڪ تمام وڏي فنڪار جي حيثيت ماڻي چڪو آهي.

زاهده ابڙو: توهان پنهنجي ڪهڙي پينٽنگ کي پنهنجو ماسٽر پيس چئي سگهو ٿا؟

ايلگزينڊريو: ان جو جواب اهو آهي ته ڪنهن هڪ فن پاري کي پنهنجو ماسٽر پيس چوڻ ڏاڍو مشڪل عمل آهي. فن پاره ايئن آهي جيئن توهان جا ٻار هوندا آهن. جيئن ڪنهن هڪ ٻار کي پنهنجو پسنديده ٻار چوڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ساڳئي طريقي سان پنهنجي فن پاري کي به چونڊڻ ۽ ان کي پنهنجو ماسٽر پيس چوڻ مشڪل آهي. مان تجريدي آرٽ کان Figurative آرٽ طرف ويو آهيان. مان پورٽريٽ ٺاهيندو آهيان، مان آرٽ جي پرزنٽيشن تي به ڪم ڪندو آهيان ۽ ان سڄي مرحلي ۾ منهنجي فن پارن جي White Range (اڇي رنگ ۾ ٺهيل) پينٽنگز مون کي تمام گهڻيون پسند آهن.

زاهده ابڙو: هيءَ ڪنهن جي تصوير آهي، هن جي نالي کي توهان ڪيئن اچاريندا. فريدا يا فرائڊا (فريدا، ڪارلو جي پينٽنگ ڏانهن اشارو ڪندي جيڪا سندس گئلري ۾ رکيل هئي).

ايلگزينڊريو: فريدا ڪارلو هوءَ هڪ تمام وڏي ميڪسيڪن آرٽسٽ هئي، هن پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪڙي تمام وڏي حادثي کي منهن ڏنو. ان حادثي کانپوءِ هن مصوري شروع ڪئي. ڇو ته هوءَ چُرپُر نه ڪري سگهندي هئي ۽ اهڙي حالت ۾ هئي جو حرڪت نه ڪري سگهندي هئي. هوءَ پنهنجي بستري تي ليٽيل هوندي هئي ۽ اتي هن مصوري شروع ڪئي ۽ فن پاره جوڙيا ۽ پنهنجن احساسن کي رنگن جو روپ پارائي اسان جي اڳيان آندو ۽ هن گهڻو ڪري پنهنجا پورٽريٽ ٺاهيا. هيءَ فريدا ڪارلو جي پينٽنگ منهنجي تخليق آهي، جنهن ۾ آئون کيس هن روپ ۾ ڏسان پيو. مون ڪجهه سال اڳ غير معمولي ماڻهن جا پورٽريٽ ٺاهڻ جي هڪ سيريز شروع ڪئي هئي، جنهن ۾ مون فريدا ڪارلو،Luciano Pavarotti  جيڪو تمام وڏو آپرا سنگر به هو، وينگوگ، Andy Warhol، آمريڪا جو تمام وڏو آرٽسٽ هو انهن جا پورٽريٽ ٺاهيا.

زاهده ابڙو: ڇا توهان اسان کي اهو ٻڌائڻ پسند ڪندا ته هڪ آرٽسٽ جي حيثيت سان توهان ايترو ڪمائي وٺو ٿا جو توهان جي زندگي آسانيءَ سان گذري ڇو ته آرٽ جي لاءِ هڪڙو تصور آهي ته آرٽسٽ پنهنجي ڪمائي مان پنهنجو پيٽ به ڀري نٿا سگهن. ڇو ته اڃان تائين اسان جي سماج ۾ آرٽ جي حيثيت کي سمجهڻ وارا ماڻهو تمام گهٽ آهن.

ايلگزينڊريو: هڪ آرٽسٽ جي حيثيت سان آرٽ جو سفر تمام مشڪل مرحلو آهي. تمام گهڻو اڻانگو جنهن ۾ توهان ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيو ٿا، پر مان پنهنجي لاءِ اهو چئي سگهان ٿو ته مون تي وقت هميشه مهربان رهيو آهي. هن وقت جتي منهنجي گئلري آهي آئون تيرهن سالن کان هتي ڪم ڪري رهيو آهيان. ان کان پهرين منهنجي گئلري هڪ ٻي جڳهه تي هئي ۽ مون آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪيترن ئي جڳهين تي پنهنجي گئلري لڳائي هئي ۽ شڪر آهي جو آئون آمريڪا ۾ هڪ تمام ڄاتل سڃاتل آرٽسٽ جي حيثيت رکان ٿو. جنهن جي ڪري مون کي موقعو مليو ته آئون پنهنجي اسٽائل سان ڪم ڪري سگهان، پنهنجا سگنيچر، فن پاره جوڙي سگهان، ان طريقي سان منهنجا فن پاره ماڻهو خريد ڪندا آهن ۽ اهي آرٽ ۾ پنهنجي ڪليڪشن ٺاهيندا آهن. منهنجي لاءِ اها هڪڙي خوش آئند ڳالهه هئي ته هڪڙي اهڙي وقت ۾ جتي سڄي دنيا بند ٿي وئي هئي ۽ سڄي دنيا ۾ هر ڪنهن کي ڪو نه ڪو زخم هو مون پنهنجو ڪم ڪيو. اميد ٿا ڪريون ته جلد ئي اسان سڀني کي ويڪسين لڳي ويندي ۽ وري اسان پنهنجي زندگي جي ڪار وهنوار کي ساڳئي طريقي سان جاري ۽ ساري رکي سگهنداسين. هڪ آرٽسٽ جي زندگيءَ ۾ ڏکيائون ته تمام گهڻيون اچن ٿيون ان جو سفر ڏاڍو اڻانگو هوندو آهي، پر جيڪڏهن ان وٽ پنهنجي ڪم ڪرڻ لاءِ طاقتور جذبو موجود آهي ۽ جيڪو پنهنجي ڪم ۾ پنهنجي زندگيءَ جا احساس گڏي سگهي ٿو ۽ ان کي ان طريقي سان پيش ڪري سگهي ٿو ته اهو آرٽسٽ يا ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ وارو ڪڏهن نه ڪڏهن دير يا سوير مڃتا ضرور ماڻيندو ۽ هڪڙي ڏينهن هن جو پنهنجو هڪڙو نالو هوندو.

زاهده ابڙو: هن پينڊيمڪ ڪووڊ-19 واري دور ۾ ڇا توهان ان عنوان سان ڪا پينٽنگ ٺاهي آهي.

ايلگزينڊريو: ها بلڪل مون ٺاهي آهي، (خوش ٿيندي).

زاهده ابڙو: ڇا توهان مون کي اها پينٽنگ ڏيکاري سگهو ٿا؟

ايلگزينڊريو: (پينٽنگ کي ٻين پينٽنگن جي پٺيان ڪڍي اڳيان رکي ٿو) آئون هتي هيءَ پينٽنگ پنهنجي ايزل تي رکي ڏيکارڻ چاهيندس. هن پينٽنگ ۾ انسانن جي ڏکن ۽ تڪليفن جو احساس چٽڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. هيءَ عورت جيڪا هن پينٽنگ ۾ نظر اچي رهي آهي اها هڪ تڪليف ده احساس مان گذري رهي آهي، پر ساڳئي ئي وقت هوءَ پر اميد به آهي ته شيون وري تبديل به ٿينديون آهن. هن پينٽنگ ۾ مون انسان جي Suffering کي پينٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن پينٽنگ ۾ غار جي آخر ۾ توهان کي روشني نظر ايندي، اها روشني اها اميد آهي ته زندگي وري موٽي ايندي پنهنجن ساڳين رنگن ۽ خوبصورتي سان. اها عورت جيڪا زندگيءَ جي علامت آهي هن وقت تمام گهڻي ڏکويل آهي ۽ پيڙاءُ ۾ آهي اها وري خوشيون ماڻيندي.

زاهده ابڙو: ڪهڙن ڪهڙن ملڪن ۾ توهان پنهنجي ڪم جي نمائش ڪري چڪا آهيو؟

ايلگزينڊريو: يونائيٽيڊ اسٽيٽ کان آسٽريليا تائين لڳ ڀڳ آئون ٽيهن کان پنجٽيهن ملڪن تائين پنهنجي ڪم جي نمائش پيش ڪري چڪو آهيان. ان کان علاوه عجائب گهرن ۾ ۽ پرائيويٽ آرٽ گئلرين ۾ به پنهنجو ڪم موڪليندو آهيان جيڪو اتي نمائش لاءِ رکيل هوندو آهي. لڳ ڀڳ ٽيهن ملڪن ۾ منهنجو ڪم نمائش لاءِ رکيل آهي.

زاهده ابڙو: ڇا توهان ڪڏهن پاڪستان ويا آهيو؟

ايلگزينڊريو: نه اڃان تائين ته نه ويو آهيان، پر سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي توهان جي ثقافت ۾ تمام گهڻي دلچسپي آهي. مون ان جي باري ۾ تمام گهڻيون دستاويزي فلمون ڏٺيون آهن ۽ ان ڳالهه جو مشاهدو ڪيو آهي ته اتان جا ماڻهو تمام گهڻا مهربان ۽ ٻاجهارا آهن ۽ تمام سٺا ميزبان آهن ۽ اتان جو کاڌو تمام سٺو آهي، ماڻهو به تمام دوستاڻي مزاج وارا آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اتان جا ماڻهو تمام معصوم آهن.

زاهده ابڙو: مان توهان کي پنهنجي ملڪ اچڻ جي دعوت ڏيان ٿي ۽ اتي توهان جي ميزباني ڪرڻ جي لاءِ به تيار آهيان.

ايلگزينڊريو: ها تمام سٺي ڳالهه آهي ۽ پاڻ ٻئي گڏجي تصويرن جي هڪڙي نمائش به لڳائي سگهون ٿا.

زاهده ابڙو: ڇو نه بلڪل توهان اسان جي ملڪ ۾ اچو ته اسان مختلف يونيورسٽين جي ذريعي توهان جي آرٽ جي نمائش به ڪرائينداسين. پاڪستان جا ماڻهو خاص ڪري سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻا قربائتا آهن ۽ اهي آرٽ سان محبت ڪن ٿا، فنڪارن جي به انهن وٽ گهڻي عزت آهي. توهان جيڪڏهن پاڪستان نه آيا آهيو ته پاڪستان ضرور اچو ۽ پاڪستاني ماڻهن سان ملو.

 

زاهده ابڙو: آئون توهان کان وري به پڇڻ چاهيندس ته توهان جو ڪو نه ڪو فن پارو پسنديده يا دل جي ويجهو ضرور هوندو جيئن ماءُ پنهنجن سڀني ٻارن سان پيار ڪندي آهي، پر ڪنهن هڪ سان وڌيڪ دل هوندي اٿس ان جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيان ٿي.

ايلگزينڊريو: مان هڪڙو ٻيو فن پارو توهان کي ڏيکارڻ چاهيندس. هي ڪنول جي گل جي پينٽنگ آهي، ڪنول جو گل جيڪو هميشه گپ ۾ جنم وٺندو آهي ۽ پاڻي گدلو هوندو آهي جيڪو تمام گهڻو نا پسنديده پاڻي هوندو آهي، پر ڪنول جو گل انهن سڀني نا پسنديده حالتن جي باوجود اتي ئي جنم وٺندو آهي ۽ سچ ته ڪنول جو گل پاڪيزگي ۽ خوبصورتي جي علامت آهي. جيتوڻيڪ اهو گدلاڻ جي گهيري ۾ هوندو آهي. جڏهن اسان ۾ ان قسم جي توانائي هوندي جيڪا مراقبي جي ذريعي اچي سگهي ٿي، ذهن جي يڪسوئي ذريعي اچي سگهي ٿي ۽ مثبت سوچ جي ذريعي اچي سگهي ٿي ۽ اسان کي محسوس ٿيندو آهي ته اها مثبت توانائي اسان کي اڀرڻ لاءِ مدد ڪري رهي آهي، انهن حالتن مان جيڪي نا پسنديده آهن ۽ اسان جي مسئلن مان اسان جي جان ڇڏائي رهي آهي. جنهن جو تعلق نه ڪنهن مذهب سان آهي نه ڪنهن سياست سان آهي ۽ نه ئي ان جو تعلق ٻي ڪنهن شيءِ سان آهي، اها مثبت توانائي هر شيءِ کان مٿانهين آهي ۽ اسان سچ سان ۽ حقيقت سان گڏ اڀرڻ جي صلاحيت حاصل ڪري وٺون ٿا، پوءِ اسان ۾ اها صلاحيت پيدا ٿي ويندي آهي ته اسان امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پرچار ڪري سگهون ۽ نه رڳو پنهنجي ارد گرد پر سڄي دنيا ۾ ان کي پکيڙي سگهون ۽ ان جي شروعات هر فرد پنهنجو پاڻ کان ڪري سگهي ٿو. هن طريقي سان اسين دنيا کي تبديل ڪري سگهون ٿا. اسين پنهنجي ماحول کي تبديل ڪري سگهون ٿا. ان ڪري مون هن گل کي پاڪيزگي جي علامت طور پيش ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اهو گدلاڻ ۾ گهيريل آهي.

زاهده ابڙو: منهنجو اوهان کان آخري سوال هي آهي، اسان مختلف ملڪن ۾ رهون ٿا ۽ مختلف مذهبن ۽ ثقافتن جي پيروي ڪريون ٿا هن وقت انسان ذات کي سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڏي ۾ وڏو چئلينج ڪهڙو آهي.

ايلگزينڊريو: منهنجو خيال آهي ته شاعري ۽ آرٽ ٻئي دنيا ۾ تبديلي پيدا ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ قومن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي سگهن ٿا ۽ موقعو فراهم ڪري سگهن ٿا ته اهي هڪٻئي جي ويجهو اچي هڪٻئي جي وچ ۾ هڪجهڙائي ڳولين ۽ اهي هڪٻئي کي مدعو ڪري سگهن ٿا ته اهي هڪٻئي جي شاعري پڙهن، هڪٻئي جو آرٽ ڏسن. منهنجو خيال آهي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه طريقو نه هوندو ته اسان اهو ڊائلاگ شروع ڪريون جيئن مان پهرين به چئي چڪو آهيان ته آرٽ هڪ بين الاقوامي ٻولي آهي جيڪا اسان کي هڪ ٿيڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. ان ڳالهه جي ڪابه اهميت ڪانهي ته اسان هن وقت دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ رهون ٿا، اسان سڀ انسان آهيون اسان جي وچ ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته بحيثيت انسان جي اسان جي وچ ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. نه اهو فرق اسان جي ڪنهن سماجي حيثيت جي ڪري آهي نه ئي ڪنهن ملڪ جي شهري هجڻ جي ڪري اسان کي گڏجي هڪڙو اهڙو ڊائلاگ شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ شاعري هجي ۽ آرٽ هجي.

زاهده ابڙو: پاڪستاني ماڻهن لاءِ ڪو پيغام ته جيئن هو آرٽ جي لاءِ وڌيڪ چاهه پيدا ڪري سگهن ۽ پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ پنهنجي ذهنن کي کولي سگهن.

ايلگزينڊريو: منهنجو خيال آهي ته سکڻ جو عمل ۽ سکڻ جي چاهه سماج ۾ تبديلي پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ پوءِ هڪڙو اهڙو سماج پيدا ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ ساڃاهه هجي. جڏهن اسان وڌيڪ سکڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، اسان اسڪول وڃون ٿا ۽ اسان اسڪول جي سکيا تي عمل ڪريون ٿا، جڏهن اسان شاعري پڙهون ٿا ۽ خوبصورت فن پارن کي پسند ڪريون ٿا ته ان وقت به تبديل ٿيون ٿا، ان طريقي سان ئي اسان دنيا ۾ امن، سمجهه ۽ رواداري پيدا ڪري سگهون ٿا.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments