سنڌ اسيمبلي ۾ هندو ڇوڪرين جي اغوا ۽ مذهب مٽائڻ بابت آواز اٿاريو ويو
سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي جي ميمبر نند ڪمار هڪ قرارداد جمع ڪرائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ هندو ڇوڪرين جي اغوا ۽ زوري مذهب مٽائڻ بابت قدم کڻندي هندو ڪميونٽي کي حفاظت فراهم ڪئي وڃي قرار داد جي متن مطابق نند ڪمار چيو آهي ته هندو ڇوڪرين جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي مثالي سزا ڏني وڃي ته جيئن هن قسم جون وارداتون بند ٿي وڃن. اسيمبلي سان خطاب ڪندي نند ڪمار چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ سوين هندو ڇوڪرين کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ اغوا بعد انهن جو زوري مذهب تبديل ڪرايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان هن خطي جا قديم رهاڪو آهيون ۽ اسان کي قانوني تحفظ ملڻ گهرجي. بعد ۾ اسيمبلي ۾ موجود ٻين پارٽين جي ميمبرن چيو ته هن قرار داد مان هندو لفظ حضف ڪيو وڃي ۽ هي قرارداد هر مذهب جي ڇوڪري جي تحفظ لاءِ هجڻ گهرجي. جنهن بعد نند ڪمار قرار داد مان هندو لفظ حضف ڪيو جنهن بعد قرارداد منظور ڪري ڇڏي.

