خاصنئون

 حڪومت جو چيئرمين ايف بي آر کي هٽائڻ تي غور

خبرن موجب وفاقي حڪومت ايف بي آر جي چيئرمين کي ان جي عهدي تان هٽائڻ تي غور ڪري رهي آهي. چيو پيو وڃي ته شبر زيدي کي روينيو جي وزيراعظم جي روينيو بابت خصوصي صلاحڪار وارو عهدو ملي سگهي ٿو. صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي هن چيو ته مان هن سلسلي ۾ ڪجهه به نٿو چوڻ چاهيان وزيراعظم پاڻ فيصلو ڪندو. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان پاڻ شبر زيدي کي 10 مئي تي ايف بي آر جو چيئرمين مقرر ڪيو هو. جنهن بعد اهڙيون خبرون منظر تي آيون هيون ته ايف بي آر جا سينئر آفيسر شبر زيدي سان اختلاف رکن ٿا. ان کان علاوه بجيٽ اچڻ کانپوءِ واپاري برادري به شبر زيدي خلاف اعليٰ اختيارين سان رابطو ڪيو آهي. خبرن موجب جهانزيب خان ۽ يونس داغا ٻه اميدوار آهن جن مان ڪنهن به هڪ کي نئون چيئرمين ايف بي آر ڪري سگهجي ٿو.