ايم ڪيو ايم پاڪستان لنڊن ۾ متحده جي باني جي گهر سميت 7 جائيدادن تي دعويٰ دائر ڪري ڇڏي

متحده قومي موومينٽ (پاڪستان) برطانيه ۾ باني ايم ڪيو ايم جي گهر سميت برطانيه ۾ ٻين ملڪيتن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان لنڊن جي هڪ لا فرم ذريعي باني متحده، سندس ڀاءُ ۽ ٻين 5 جي خلاف پڻ هڪ ڪيس داخل ڪيو آهي، انهيءَ سان گڏ 7 جائيدادن جي ماليت لڳ ڀڳ 10 ملين پائونڊ آهي. طارق مير، محمد انور، افتخار حسين، قاسم رضا ۽ يورو پراپرٽي ڊولپمينٽ کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. سوٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي امين الحق جي هدايتن تي داخل ڪيو ويو. جن ملڪيتن جي دعويٰ ڪئي وئي آهي انهن ۾ باني متحده جي رهائش وارو گهر به شامل آهي. وڪيلن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم برطانوي ٽرسٽ قانونن تحت ملڪيت جو وڪري ۽ ڪرائي وغيره جي رقم متعلق جائيداد کي ضبط ڪري ايم ڪيو ايم پاڪستان حوالي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments