اين اي 249 تي پيپلز پارٽي جو اميدوار ڪامياب

اين اي 249 جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار قادر خان مندوخيل کٽي ويو ۽ پي ٽي آءِ ان سيٽ کان محروم ٿي وئي. اين اي 249 ننڍي چونڊ جي سمورين 273 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو قادر خان مندوخيل ڪامياب ٿي ويو آهي. پيپلز پارٽي جو قادر خان مندوخيل 16156 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، ن ليگ جي مفتاح اسماعيل 15473 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آيو. سمورين پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن جو اعلان ٿيندي ئي بلاول سوشل ميڊيا تي تير جي نشان سان “مهرباني ڪراچي” جو پيغام شيئر ڪيو. 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments