خاص

وفاق 32 ارب رپيا ڪٽي سنڌ حڪومت کي مالي ڏکيائين جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڊائريڪٽر نيوز ۽ پرنٽ ميڊيا جي ايڊيٽرز سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڏي وزير صحافين کي وفاقي حڪومت جي سنڌ حڪومت سان زيادتين کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي گذريل 15 ڏينهن جي 35 ارب رپين جي حصي مان 32 ارب رپيا ڪٽي ڇڏيا آهن. وفاق سرڪاري آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جي روٽيشن پاليسي هڪ طرفي لاڳو ڪئي آهي. ٽن آفيسرن کي جبري رٽائر ڪيو ويو. وفاقي حڪومت سنڌ جي گئس کڻي سنڌ ۾ صنعت جو ڦيٿو جام ڪري رهي آهي ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو مٺو پاڻي مهيا نٿي ڪري. اهي سمورا مسئلا کڻي بلاول ڀٽو 27 فيبروري تي لانگ مارچ ڪري رهيو آهي