اُڏام جو ۽ ٻيا خوف قسط-1
الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”
قسط-1
اُڏام جو ۽ ٻيا خوف
الطاف شيخ
جهاز جي اڏام وقت منهنجي حالت هميشه ٻي هوندي آهي. اڏام جو ڀئو سڄو وقت وڪوڙي ويٺو هوندو اٿم. منهنجون آڱريون (۽ پٻ پڻ) برف جهڙا ٿڌا ٿي ويندا آهن. آنڊا ٻرانگهه ڀري مٿي پاسراٽين جي پڃري ۾ اچي پوندا آهن. نڪ جي چهنب جو ٽيمپريچر به هيٺ ڍرڪي ساڳي سطح تي وڃي بيهندو آهي جيڪو آڱرين جو آهي. ببن جون ٻنڍيون مٿي کڄي باڊيءَ جي اندرين ڪپڙي کي سلامي ڏينديون آهن. (پر هن صورت ۾، ڪڙتي کي، ڇو جو هن وقت بنا باڊيءَ سفر ڪري رهي آهيان) ۽ رکي رکي ڪنهن منٽ جي جهٽڪي ۾ منهنجي دل جو ڌڙڪو ۽ جهاز جي انجڻ جو ڌڌڪو پاڻ ۾، تار ۾ تار ملائين ٿا ۽ آئون اهو ثابت ڪرڻ ۾ لڳي وڃان ٿي ته ايئرو ڊائنامڪس جا اصول ڪي خيالي يا وهمي ته نه آهن، جيتوڻيڪ من اندر مون کي لڳي پيو ته اهي آهن. ان ڪري جهاز جي هر ڪامياب اڏام کانپوءِ پنهنجو پاڻ کي مبارڪباد ڏيندي آهيان.
آئون آمريڪا کان لبنان پنهنجي ڀيڻ رُئنڊيءَ وٽ ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ پئي ويس. هوءَ اتي هڪ عيسائي عرب سان پرڻيل آهي، جنهن سان هن ارڙهن سالن جي عمر ۾ برڪلي ۾ شادي ڪئي هئي. ان کانپوءِ ڪئليفورنيا ۾ ئي هئي ته چار ٻار ڄايس ۽ پوءِ بيروت پنهنجي مڙس جي وطن لڏي وئي، جتي پنج ٻيا ٻار، في ٻار ڏهين مهيني جي حساب سان، سوا چئن سالن ۾ ٿيس.
منهنجون باقي ٻه ننڍيون ڀيڻون “لالاح ۽ چُولي” آمريڪا کان اتي پهتل هيون ۽ هينئر آئون اڪيلي يورپ کان ڦرندي بيروت وڃي رهي هيس ۽ هميشه وانگر جهاز ۾ مون کي اجايا ڊپ ۽ وسوسا ورائي ويٺا هئا: جهاز جي تباهي، باد فرنگ بيماري، شيشن جي ڀرڪٽ ڳهڻ، عرب، ڇاتيءَ جو ڪينسر، نازي، رت جي کوٽ، ماليخوليا، يهودي هجڻ جا ۽ ٻيا.
اسان جو اڃان اڌ سفر به پورو نه ٿيو ته منهنجا خيالي خوف ماڳهين سچ ۽ حقيقتن ۾ ڦرڻ جو ڏيک ڏيڻ لڳا. بحر روم جي مٿان جهاز اچي طوفان ۾ ڦاٿو. طوفان سان گڏ مينهن جو وڏ ڦڙو ڄڻ ته جهاز کي ٻنهي پاسن کان ٿڦڙون هڻڻ لڳو. اندر ٽيبلن تي رکيل ماني ۽ سامان سڄي جهاز ۾ ٽڙي پکڙي ويو. پيٽ وات سان اچي ٿي لڳو. اطالوي زبان ۾ اطالوي پائليٽ جون آٿتون به ڪم نه ڪري سگهيون. (هونئن به اطالوي زبان ۾ ڪابه شيءِ اعتبار جوڳي نه لڳندي آهي). آئون مرڻ لاءِ تيار ٿي ويس. هر دفعي جيئن ئي اسان جو جهاز هوائي پور ۾ ٿي گهڙيو ۽ پنج سئو فوٽ هيٺ ٿاٻو ٿي کاڌائين ته مون يڪدم ٻڪ کڻي سُکا ٿي باسي ته منهنجا مولا بس هن ڀيري سو آئون بچي وڃان، باقي پوءِ سدائين لاءِ سيڪس، سوئر ۽ سفر کان پاسو ڪنديس.
مرڻ لاءِ پوءِ تيار به ٿي ويس، پر چوڌاري نگاهه ڪيم ته ڪي اهڙا خاص ماڻهو به نه هئا، جن سان گڏ مرڻ به موج ثابت ٿئي. جيئن ئي جهاز هيٺ گهت ٿي هنئي ته هڪ ٻن گڏهن نشي جي حالت ۾ وٺي ٿي رڙ ڪئي يا اٻڙڪا ڏيئي الٽي ڪڍي ۽ ڪي ڇسا وري چرين وانگر ٽهڪ ڏيئي رهيا هئا. اهڙن چرين سان گڏ مرڻ جي خيال مون کي ڏڪائي ٿي رکيو. سڄي واٽ الله کي ياد ڪندي ٿي آيس خراب موسم ۾ ڪنٽرول کان ٻاهر نڪتل هوائي جهاز منجهه توهان کي ڪوبه دهريو نظر نه ايندو.
ڀاڳن سان جيئن قبرص مٿان پهتاسين ته طوفان جهڪو ٿي ويو، يا ان کي اسان پٺيان لتاڙي آياسين. منهنجي ڀرسان هڪ تکن نقشن وارو مصري ويٺو هو (ڇا ٻيو به ڪو انهن جو قسم آهي؟) ۽ پوءِ هڪ ڀيرو جڏهن هن کي پڪ ٿي وئي ته خطرو لنگهي ويو ۽ هاڻي سڀني جي جان سلامت آهي، ته هو مون کي عشق جي چڪر ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پاڻ قاهره ۾ ڪو رسالو ڇاپيندو آهي ۽ هينئر واپار جي سلسلي ۾ بيروت وڃي رهيو هو. هرو ڀرو ضد ڪرڻ لڳو ته طوفان مهل هو مور نه ڊنو هو، جو هن وٽ هڪ فيروزو آهي جيڪو هر خطري ۽ بلا کي ٽاريو ڇڏي. (فيروزو، موتي يا ڪو پٿر ان وقت سندس حالت به ڏسڻ وٽان هئي پر هاڻي پنهنجي لئه رکڻ لڳو) ۽ اڃان به وڌيڪ ڍاڙون هڻڻ لڳو ته سندس ۽ منهنجو “لڪي نڪ” آهي ان ڪري به جهاز پرزا پرزا نه ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي ۽ منهنجي نڪ تي هٿ رکي چوڻ لڳو “ڏس آهن نه ڀاڳ ڀريا نڪ؟”
“منهنجا نبي! موسيٰ عليه السلام! آئون چڱي هن جي نڪ جهڙي بيهودي ڳالهه مان ڦاٿيس”، مون سوچيو آئون هن جي ان خوشامد ۾ مور نه ايندس. اها به ڪا ڳالهه چئبي! هن جو ڦاڦوڙي جهڙو نڪ هو، بلڪل ناصر مرحوم جهڙو (سڀ مصري مون کي ناصر جهڙا لڳندا آهن) ۽ منهنجو نڪ کڻي چتونءَ جي چهنب جهڙو سهڻو نه سهي ته به ننڍڙو ۽ سڌو ته آهي. اهو کڻي ڪنهن پلاسٽڪ سرجن جو سهڻو خواب نه هجي، پر ساڳئي وقت جمال ناصر جهڙو بي ڊولو به ته نه آهي.
خير سائين سندس کٿريل ڳالهين صفا متاثر نه ڪيو ۽ مون جند ڇڏائڻ جي پئي ڪئي ته ايتري ۾ اسان جي اطالوي پائليٽ اعلان ڪيو ته جهاز بيروت جي هوائي اڏي تي لهي رهيو آهي. دريءَ مان هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ته لوهي ٻنوڙي پويان، پري کان پڌري منهنجي ڀيڻ رئنڊي اٺين يا نائين مهيني پيٽ ۽ شان سان بيٺي هئي. مون سمجهيو ڪسٽم مان پار اڪرڻ ۾ ڪا دير لڳندي، پر منهنجي عرب ڀيڻوئي پيريءَ جي ڪسٽم ۾ چڱي ڄاڻ سڃاڻ ٿي ڏٺي، جو ان مرحلي ۾ ڪا ويرم نه لڳي. اهو 1965ع جو سال هو. عربن ۽ اسرائيل وارن جي اڃان ڇهن ڏينهن واري جنگ ڪانه لڳي هئي، ان ڪري حالتون ايتريون خراب نه ٿيون هيون. جي توهان اسرائيل کان سڌا نه آيا آهيو ته پوءِ لبنان ايئن هو ڄڻ آمريڪا جي ميامي.
رئنڊي ۽ سندس مڙس پيري ايئرپورٽ کان مون کي جنازي کڻڻ جهڙي وڏي ايئرڪنڊيشنڊ، ڪاري رنگ جي ڪئڊلڪ ڪار ۾ گهر وٺي ويا، جتي گهر جا باقي ڀاتي منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا. …(هلندڙ)….