ايڊيٽوريل

کنڊ ۽ لوڻ اڇو زهر، ڪيترين ئي بيمارين جو بنيادي سبب

هن وقت سماج ۾ معاشي ۽ سياسي مسئلن سان گڏ ڪيترائي ٻيا مسئلا عوام ڀوڳي رهيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو صحت جو آهي ۽ صحت جي مسئلي ۾ انسان کي کاڌ خوراڪ ۾ ڪجهه اهڙين شين جي شامل ٿيڻ جي ڪري اهو مسئلو ڏينهون ڏينهن هر ننڍي وڏي ماڻهو سان پيش اچي رهيو آهي. حڪومتي سطح تي اهڙِي ڪابه جاڳرتا مهم نظر نٿي اچي جنهن سان عوام کي آگاهه ڪري ان مسئلي کان آجو ڪري صحتمند زندگي گذارڻ جا اصول ڏيئي ماڻهن کي ڪيترين ئي بيمارين کان بچائي سگهجي ٿو.
ڪيترن ئي بيمارين جا ڪارڻ ٻن قسمن جا اڇا پائوڊر آهن، جنهن ۾ هڪ اڇي کنڊ جيڪا اسان روز مره جي شين ۾ ننڍن ٻارن کان وٺي هڪ پوڙهي فرد تائين استعمال ڪري ٿو. ان کان علاوه لوڻ جنهن جو استعمال اسان جي لڳ ڀڳ هر گهر ۾ روزاني جي بنياد تي هر کاڌي ۾ ٿئي ٿو. انهن ٻن شين جي ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته اسين پنهنجي خوراڪ ۾ پنهنجن هٿن سان روز زهر جو ذرو ملائي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي فردن جي زندگيءَ کي خطري ۾ وجهون ٿا. کنڊ جيئن ته هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا کاڌي جي مزي کي وڌائي ٿي ۽ کائيندڙ جي ذهن کي هڪ قسم جو سڪون فراهم ڪري ٿي ۽ هڪڙو سڪون ڏيندڙ هارمون ڊوپامين رليز ڪري ٿي، جنهن جي ڪري مٺي شيءِ کائڻ واري کي هڪ قسم جو خوشيءَ جو احساس ٿئي ٿو ۽ پوءِ هو ان احساس جو مزو ماڻڻ جي لاءِ هر هر مٺي شيءِ کائي ٿو. کنڊ جو سڀني کان وڏي ۾ وڏو نقصان جيڪو هڪ ننڍي ٻار کان وٺي هڪ نوجوان کي ٿئي ٿو اهو آهي ته ان جو وزن وڌي ٿو، ڇو ته کنڊ ۾ تمام گهڻيون ڪيلوريز هونديون آهن ۽ اسان جيتريون وڌيڪ ڪيلوريز پنهنجي کاڌي ۾ شامل ڪريون ٿا ان سان اسان جي صحت کي هڪ طرح جو نقصان رسي ٿو. ڇو ته اسان جي جسماني سرگرمي ان جي نسبت گهٽ هجڻ جي ڪري اهي ڪيلوريز خرچ نٿيون ٿين ۽ نتيجي ۾ اسان جو وزن وڌي وڃي ٿو. کنڊ اسان جي وزن کي وڌائڻ جو سڀ کان وڏو سبب بڻجي ٿي. ان کان علاوه کنڊ جو استعمال اسان کي ذيابيطس-2 دل جي تڪليف ۽ مختلف ڪينسرن جو شڪار به ڪري ٿي. کنڊ اسان جي سڄي هاضمي جي نظام کي متاثر ڪري ان ۾ صحتمند بيڪٽيريا کي ختم ڪري اسان کي مختلف بيمارين جو شڪار ڪري ٿي. نه صرف ايترو پر کنڊ اسان جي ذهني صحت کي به متاثر ڪري ٿي ۽ ان سان اسان کي پريشاني، ڊپريشن ۽ اسان جي سماجي روين ۾ تبديلين جو مرض پيدا ڪري ٿي. جيئن ته کنڊ ۾ ڪابه صحتمند توانائي نه هوندي آهي ۽ صرف ڪيلوريز هونديون آهن جنهن جي ڪري کنڊ واپرائڻ کانپوءِ هڪدم ماڻهو جي اندر توانائي پيدا ٿيڻ جو احساس پيدا ٿئي ٿو پر، ان سان صحت کي ڪوبه فائدو نٿو ٿئي پر، ڪيترائي نقصان ٿين ٿا. ننڍا ٻار جيڪي گهڻيون مٺيون شيون واپرائين ٿا يا هڪ نوجوان فرد گهڻي مٺاڻ واپرائي ٿو ان جا ڏند به جلد ئي خراب ٿي وڃن ٿا. نه صرف ايترو پر، کنڊ جي مٺاڻ کائڻ سان اڳتي هلي هڪ فرد جي ياداشت به متاثر ٿي سگهي ٿي ان کي الزائمر يا ڊيمينشيا جهڙيون بيماريون به وڪوڙي سگهن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن کنڊ جي استعمال سان هڪدم مٿي جو سور، ٿڪاوٽ ۽ چڙ جو احساس به پيدا ٿئي ٿو.
اها ڳالهه به اسان کي سمجهڻي پوندي ته هر قسم جي مٺاڻ نقصانڪار ناهي هوندي بلڪه اسان کي قدرتي مٺاڻ ۽ مشينن تي ٺاهيل کنڊ جي مٺاڻ ۾ فرق ڪرڻ سکڻو پوندو. جيڪي به قدرتي ميوا آهن انهن ۾ جيڪا مٺاڻ آهي جيڪا اسان جي جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ تمام گهڻي ضروري آهي. ان کان علاوه مٺاڻ جي لاءِ ڳڙ جو استعمال به هڪ حد جي اندر ڪري سگهون ٿا. ڇو ته ڪنهن به شيءِ جي گهڻائي صحت لاءِ هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي. ساڳئي طريقي سان اسان کي لوڻ جو استعمال به انتهائي احتياط سان ڪرڻ کپي. ڇو ته گهڻي لوڻ جي استعمال ڪرڻ جي ڪري اسان کي ننڍي عمر ۾ ئي هاءِ بلڊپريشر، مادي جي ڪينسر ۽ جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ. ان کان علاوه جسم ۾ ڪولسٽرول جي ليول جو وڌي وڃڻ جهڙا مرض لاحق ٿي سگهن ٿا. ان ڪري ضروري آهي ته هر عام ۽ خاص ماڻهو کي پنهنجي صحت کي بهتر بنائڻ لاءِ انهن ٻن اڇن پائوڊرن جن کي اڇو زهر به چيو وڃي ٿو، استعمال انتهائي احتياط سان ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اهي ٻه پائوڊر جيڪڏهن ڪوبه فرد گهڻائي ۾ استعمال ڪري ٿو ته ان سان ٻيا ڪيترائي مرض لاحق ٿي سگهن ٿا ۽ توهان جي جان خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.