غلام نبي ميمڻ کي سنڌ صوبي جو ٻيهر انسپيڪٽر جنرل پوليس مقرر ڪيو ويو آهي. وزير اعليٰ سنڌ طرفان موڪليل سمري ۾ آئي جي پوليس مقرر ڪرڻ جي لاءِ غلام نبي ميمڻ جو نالو ترجيحي بنيادن تي هو. وفاق سرڪار ان سمري تي عمل ڪيو، پر ٽن هفتن جي دير ٿيڻ کانپوءِ. جنهن تي سنڌ جي سينئر وزير ۽ وزير قانون مرڪزي حڪومت تي تحفظات جو اظهار پڻ ڪيو.
سينئر وزير ته اهو به چيو ته سنڌ ۾ جيڪا بدامني جي لهر وڌي آهي. ان جو ڪارڻ به اهو ئي آهي ته اسانجي طرفان موڪليل آئي جي پوليس جي نالن تي مرڪز سرڪار ڌيان نه ٿي ڌري. سندن اهو جواز به نئين آءِ جي پوليس جي مقرر ٿيڻ سان ختم ٿي ويو هوندو. غلام نبي ميمڻ پهرين به سنڌ صوبي جو آئي جي پوليس رهي چڪو آهي. سندس انهيءَ دور ۾ به امن امان جي صورتحال بهتر نه هئي. عمومي طور تي اهو چيو ويندو آهي ته هي بهتر آفيسر آهي. هن جو ملازمت وارو دور گهڻو بهتر رهيو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ جي هن وقت جي بدامني جي صورتحال کي آءِ جي پوليس ڪيئن ٿو منهن ڏئي، ڪيئن ٿو عوام کي امن امان فراهم ڪري، ڪيئن ٿو ماڻهن جو خوف ختم ڪري جيڪي پنهنجي گهرن کان نڪرڻ ۾ به خوف محسوس ڪن ٿا. پوري سنڌ ۾ نظر ڦيرائجي ٿي ته شهر، ٻهراڙيون، بدامني جي راڪاس جي ور چڙهيل آهن. ڌاڙيلن پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي آهي، اغوا ڪاريءَ جي انڊسٽري عروج تي پهتل آهي، رستن تان ماڻهو جانورن وانگر کنيا ٿا وڃن ۽ پوءِ ڌاڙيل کين عقوبت خانن ۾ اڇلائي سندن رشتيدارن کان ڀُنگ گهرن ٿا، اهي سڀ شيون هاڻي سوشل ميڊيا تي وائکيون ٿي پيون آهن. ٻارن کي اغوا ڪيو ٿو وڃي. گذريل ڏينهن به هڪ ٻار اغوا ٿي ويو آهي. سالن کان ٻار گم آهن، انهن جو ڌڻي ڌوڪي ڪونهي. فضيلا سرڪي جي والده گذريل ٻارنهن تيرهن سالن کان انصاف لاءِ ٻاڪاريندي اکين جو پاڻي خشڪ ڪري ڇڏيو آهي، پر کيس انصاف پلئه نه پيو آهي. پريا ڪماري ٻارڙي جنهن کي 22 مهينا پهرين 10 محرم تي اغوا ڪيو ويو. حڪومت جي بار بار يقين ڏيارڻ جي باوجود ان کي بازياب نه ڪرايو ويو آهي، انهيءَ جي ماءَ پيءَ جي جيڪا حالت آهي، سوشل ميڊيا ان مسئلي کي دنيا تائين پهچايو آهي، پر اسان جي سنڌ حڪومت اکيون بند ڪري اهو چئي رهي آهي ته سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو بلڪل نه آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا واردات ٿئي ٿي، نه ته پوليس صوبي کي امن جو گهوارو بڻائي ڇڏيو آهي.
وري اسين ڏسون ته برادرين ۽ قبيلن جا جهيڙا، مشهور صحافي جان محمد جي قاتلن جو پتو هجڻ جي باوجود انهن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. پروفيسر اجمل ساوند جهڙو تعليم دوست انسان جيڪو فرانس ڇڏي سنڌ آيو ته سنڌ جي ماڻهن کي جديد تعليم سان آراسته ڪريان، انهيءَ کي ڏينهن ڏٺي جو برادري جهيڙي جو جواز بنائي شهيد ڪيو ويو. ان جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. استاد الهه رکيو نندواڻي کي صرف انهيءَ ڪري قتل ڪيو ويو ته هو سنڌ جي نئين نسل کي تعليم جي زيور سان سينگارڻ پيو چاهي. انهن سڀني جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ڪنهن جو ڪم آهي؟ سواءِ دانهن ڪرڻ جي ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي. ٿي سگهي ٿو ميڊيا جون دانهون حڪومتي ايوانن تائين پهچن ۽ اهي ڪنن مان ڪپهه ڪڍي عوام جي دانهن کي ورنائين. سنڌ حڪومت هن وقت پوليس ۾ 11 هزار اهلڪار ڀرتي ڪري رهي آهي. ڇا اميد ڪري سگهجي ٿي ته اها ڀرتي ميرٽ تي ايمانداري سان ڪئي ويندي؟ ان سان گڏ انهيءَ ڳالهه جو پڻ ڌيان رکيو ويندو ته پوليس ۾ افغاني دهشتگرد پٺاڻن جي ڀرتي نه ٿيندي، جيئن هڪ دفعو پهرين ٿي چڪي آهي ۽ انهن کي نشاندهي ڪرڻ جي باوجود پوليس کاتي مان اڃا تائين برطرف نه ڪيو ويو آهي.
سنڌ حڪومت وٽ هاڻي ڪوبه اخلاقي جواز نه رهيو آهي. جو هو ماڻهن کي مطمئن ڪري سگهن ته سندن امن امان جي ذميوار سنڌ حڪومت نه آهي. ان ڪري حڪومت کي امن امان طرف سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻو پوندو، جيئن سنڌ جو ماڻهو سُک جو ساهه کڻي پنهنجي ٻچن جي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ ڪا پلاننگ ڪري سگهي ۽ معاشي ترقي ڪري سگهي.