پاڪستان ۾ پوليو جي خلاف قومي سطح تي باقائده مهم جو آغاز 1994ع ۾ ٿيو. ان کان اڳ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ پوليو جي بچاءُ لاءِ معمول مطابق ويڪسين جا پروگرام هلي رهيا هئا، پر مڪمل خاتمي لاءِ سخت ڪوششون ۽ مهمون سال 1994ع ۾ شروع ڪيون ويون. هن وقت پوليو سڄي دنيا مان ختم ٿي چڪو آهي، پر بدقسمتي سان افغانستان کانپوءِ پاڪستان اهو واحد ملڪ آهي جتي پوليو جي هڪ طويل مهم هلڻ جي باوجود پوليو ختم نه ٿي سگهيو آهي.
ان جو به شايد وڏو سبب پاڪستان ۾ رهندڙ افغان مهاجرن جو پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ آهي. ڇو ته جيڪي ٻار ڦڙا نٿا پيئن ۽ بيمار ٿين ٿا، انهن جو اهو وائرس گردش ڪندو رهي ٿو ۽ پوءِ وري ٻين ٻارن کي به متاثر ڪندو رهي ٿو. ميرپورساڪرو ۾ هڪ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي، جنهن ۾ ميرپورساڪرو جي ريحان آباد واري علائقي جي ٺڪر پاڙي ۾ ڇهن ورهين جي اقرا ڌيءَ اقبال خاصخيلي کي پوليو هجڻ جي شڪ جي بنياد تي پوليو ٽيم ٻارڙيءَ جا جزا وٺي اسلام آباد ليبارٽري جاچ لاءِ موڪليا. رپورٽ اچڻ کانپوءِ ٻارڙي کي پوليو هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته هيءَ ننڍڙي ٻارڙي هر پوليو مهم ۾ پوليو جا ڦڙا پيئندي رهي آهي. سنڌ ۾ هيستائين پوليو جا 9 ڪيس ۽ ملڪ ۾ 29 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن. پاڪستان ۾ 1994ع کان هلندڙ پوليو مهم تمام وڏا ڪامياب نتيجا به ڏنا آهن. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ اندازو لڳايو ويو هو ته پاڪستان ۾ هر سال تقريبن 20 هزار پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿيندا هئا، پر 2023ع ۾ صرف 6 ڪيس رپورٽ ٿيا.
يقينن هن مهم جي ڪري ڪيترائي ٻار هن خطرناڪ بيماريءَ جو شڪار ٿيڻ کان بچي ويا آهن، پر جيڪڏهن ڪو هڪ ٻار به معاشري ۾ ان بيماريءَ جو شڪار ٿئي ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته هزارين ٻار ان بيماريءَ جي خطري کي اڃان به منهن ڏيئي رهيا آهن. پاڪستان ۽ افغانستان ٻه اهڙا ملڪ آهن جتي وائلڊ پوليو وائرس (WPV1) اڃان به موجود آهي، جنهن جا ڪجهه اهم چئلينج آهن.
پوليو جو وائرس گندي پاڻيءَ سان گڏوگڏ مسلسل وهڪري ۾ رهي ٿو، ڏکڻ خيبر پختونخواهه، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا جي ڪجهه حصن ۾ سيڪيورٽي جا مسئلا اڄ ڏينهن ائين موجود آهن. ان کان علاوه ماڻهن جي ذهنن ۾ خود ساخته ڪجهه غلط فهميون ويٺل آهن جن جي ڪري اهي پنهنجن ٻارن کي ان خطرناڪ بيماريءَ کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ بجاءِ پنهنجي ڪم علميءَ جي ڪري ان بيماريءَ جو شڪار بڻائين ٿا.
ان کان علاوه پاڪستان ۽ افغانستان جي بارڊر تي ماڻهن جي مسلسل اچ وڃ رهي ٿي، جنهن جي ڪري هي وائرس سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وڃي ٿو ۽ جڏهن مهمون هلن ٿيون ته ڪجهه علائقا اهڙا آهن جن ۾ پوليو جي ٽيمن تي حملا ڪيا وڃن ٿا، انهن ۾ شامل عورتن کي حراسان ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي ٻار ان مهم جو حصو نٿا بڻجي سگهن. پوليو مهم پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ۽ مسلسل هلندڙ مهم آهي، جنهن مريضن جي تعداد کي گهٽ ڪري ان جي انگ کي گهٽايو ضرور آهي، پر اڃان تائين ان جو خاتمو پاڪستان جي هن پروگرام کي ڪامياب پروگرام سڏرائڻ کان ڪافي دور رکيو آهي.
جتي حڪومت ۽ بين الاقوامي ادارا ان موذي مرض کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ذميداريون پوريون ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن، اتي عوام جو به هڪ وڏو فرض بڻجي ٿو ته اهي به پنهنجي ٻارن کي ان ويڪسين جو حصو بڻائين ۽ اڳتي وڌي ڦڙا پيارين ۽ پنهنجي ٻار کي محفوظ بڻائين. جيڪڏهن پوليو جي ٽيم توهان جي گهرن تائين اچي ٿي ته پنهنجي ٻارن کي هر مهم ۾ عمر جي مطابق ڦڙا ضرور پياريو ۽ پوليو ٽيمن جي ميمبرن کي حراسان ڪرڻ جي بجاءِ انهن جا شڪرگذار بڻجي انهن جي لاءِ پنهنجا دروازا کوليو ته جيئن اهي هڪ صحتمند ماحول ۾ توهان جي ٻارن کي اها ويڪسين ڏئي سگهن.
ان کان علاوه جيڪڏهن عوام جي ذهنن ۾ ڪا غلط فهمي آهي ته هاڻي سوشل ميڊيا تي ان بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان کان علاوه ڪجهه اهڙيون ويب سائيٽون به آهن جن تي مذهبي رهنما ان باري ۾ ڇا ٿا چون، انهن جي رهنمائي به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته هي ڦڙا ٻار جي صحتمند رهڻ لاءِ ضروري آهن. ان کان علاوه اها هر ماءُ جي ذميداري آهي ته هوءَ پنهنجي گهر جي صفائي سٿرائي ۽ ٻار جي صفائيءَ جو خيال رکي، ان کي بازاري شين کائڻ کان بچائي ۽ گهر جو صاف سٿرو کاڌو کارائي.
خاص طور تي پيئڻ جو پاڻي صاف ۽ شفاف هجڻ گهرجي ته جيئن هن مرض کان هر ٻار محفوظ رهي سگهي، پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪو ٻار ويڪسين جا سڀئي ڦڙا پيئي ٿو ۽ ان کانپوءِ به جيڪڏهن ان ٻار تي پوليو جو حملو ٿئي ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته اسان جي پوليو مهم ۾ به ڪٿي نه ڪٿي نقص موجود آهن، جن کي صحيح ڪرڻ ان ٽيم کي هلائيندڙ انتظاميه جو ڪم آهي. ان ڳالهه جي چڪاس ڪئي وڃي ته جيڪا ويڪسين ٻارن تائين پهچي ٿي ڇا اها پنهنجو اثر وڃائي ته نه چڪي آهي، جنهن جي ڪري ميرپورساڪرو جي هڪ نياڻي اقرا جنهن هر مهم ۾ ڦڙا پيتا هئا اها ان بيماريءَ جو شڪار ڪيئڻ بڻجي وئي. اهو سوال اسان جو سنڌ جي پوليو مهم هلائيندڙ انتظاميه کان آهي.