بلاگخاص

اچو ته البانيا گهمون پوگراڊيڪ ڏانهن پنڌ ڀوَن سنڌي قسط-4

قسط-4

پوگراڊيڪ ڏانهن پنڌ

ڀوَن سنڌي

خير پاڻ پنڌ ۾ آهيون. هاڻي اوهرڊ ڍنڍ رستي کان پاسيري ٿي گم ٿي وئي آهي ۽ وري پنھنجي ٻنهي پاسي جبلن جا سلسلا اچي ويا آهن. رستو سٺو ٺهيل آهي ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان حفاظتي انتظام به ورتل آهن. جبلن جي سائيڊ کان جتان لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي اتان ان کي روڪڻ لاءِ وڏيون ۽ ڊگهيون ديوارون ڏنل آهن ۽ روڊ جي ٻئي پاسي گاڏيءَ کي هيٺ وادين يا کاهين ۾ ڪرڻ کان بچاءُ لاءِ پڻ ڪافي ميلن ۾ ڊگها گارڊرن جا مضبوط جهنگلا لڳايل آهن. انهيءَ ڪري ورن وڪڙن ۾ به گاڏيءَ جي ڊرائيونگ سيف (محفوظ) آهي. جبلن کي ٽڪي اهڙي پلاننگ سان روڊ ٺاهيو ويو آهي جو اڀيون ۽ خطرناڪ چڙهايون، جيڪي اڪثر پاڻ وارن جابلو علائقن ۾ هونديون آهن، هتي ڪونه آهن پاڻ واري ملڪ ۾ جبلن جي سفر ۾ خطرناڪ چاڙھين ۽ بيڪار رستن سبب ماڻھو غيبي قوتن کي ڊپ وچان ياد ڪندا آھن، پر ھتي ائين ڪونھي. رستا سٺا ٺھيل آھن، انهيءَ ڪري نه گاڏيءَ جي چڙهڻ ۾ انجڻ تي لوڊ پوي ٿو ۽ نه ئي رورس ۾ پويان ٿيڻ جو خطرو رهي ٿو ۽ نه ئي وري لاهين ۾ گاڏي جي سلپ ٿيڻ جو امڪان رهي ٿو. باقي ظاهر آهي جبل جو رستو آهي ان ۾ لاهيون چاڙهيون ته آهن ئي آهن. جبل جون لاهيون چاڙهيون خوبصورت وادين ۽ اتاهين چوٽين جا منظر پسائن ٿيون ۽ روح کي راحت پهچائين ٿيون. انھن جبلن جون لاھيون چاڙھيون ته سونھن ڀريو سنسار پسائن ٿيون، باقي يار! زندگيءَ جون لاهيون چاڙهيون ته ماڻهو جا لاهه پٽيون ڇڏين ۽ وڃيو اوڙاهه ۾ اڇلين. جبلن ۾ بارشن جو پاڻي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي ٿو. مسلسل پاڻيءَ جي وهڻ ڪري ڪٿي ڪٿي جبل به نازنين جي بدن جهڙا لسا ٿي ويا آهن. هونئن ته پاڻي ڀلي نرم آهي، پر ان جو مسلسل وهڪرو پٿر ۾ به سوراخ ڪريو ڇڏي ۽ رستا ٺاهيو ڇڏي. ايئن ئي هڪ ڏينهن پنهنجي ڌرتي جا هيڻا ماڻهو اٿي پون ته ڏاڍن کي لڪڻ لاءِ جاءِ به ڪونه ملندي.

          جيئن جيئن گاڏيءَ جو ڦيٿو هلي ٿو وقت به گذري ٿو ۽ مفاصلو به گهٽجي ٿو ۽ نيٺ منزل اچي ئي وڃي ٿي. سو سائين منهنجا هاڻ پاڻ پهچي ويا آهيون پوگراڊيڪ. هاڻ جڏهن پاڻ پوگراڊيڪ پهچي ويا آهيون ته ان کي ڄاڻي وٺون ۽ ان ۾ گهمڻ جو مزو وٺون.

           پوگراڊيڪ (Pogradce) ترانا کان 124 ڪلو ميٽر پري آهي. هي شهر سمنڊ جي سطح کان 935 ميٽر اوچائي تي آهي ۽ هن جي ڪل ايراضي 703.4 اسڪوائر ڪلو ميٽر آهي. هي اوهرڊ ڍنڍ جي ڏکڻ اولهه ۾ ٻن پهاڙي سلسلن جي وچ ۾ واقع آهي. آبادي جي حساب سان هي البانيا جو يارهون نمبر وڏو شهر آهي. هن شهر ۽ ان جي آسپاس کي اوهرڊ ڍنڍ جي حصي هئڻ جي ڪري يونيسڪو طرفان ورلڊ هيريٽيج سائيٽ جي لسٽ ۾ رکيو ويو آهي. هن شهر ۾ کوڙ ساريون علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون ٿين ٿيون. هر سال جون ۾ پپيٽ (پُتلين) ٿيٽر فيسٽيول ٿئي ٿو. اوهرڊ ڍنڍ تي آباد شهر هئڻ جي ڪري هتي 21 جون تي اوهرڊ ڍنڍ جي ڪناري تي ميلو لڳي ٿو جنهن ۾ مختلف علائقائي کاڌن سان گڏ ثقافتي شو به ٿين ٿا ۽ اهڙي ئي طرز جو بالڪن فوڊ ۽ فلم فيسٽيول هر سال سيپٽمبر ۾ ٿئي ٿو ۽ وري هر ڊسمبر ۾ شراب جو فيسٽيول ٿئي ٿو، جنهن ۾ فيملين جو پاڻ ۾ پنھنجن گهرن ۾ ٺاهيل لوڪل شراب بلڪل ائين جيئن پاڻ وٽ ماڻھو گھرن ۾ ڪولهي وسڪي يا ٺرو ٺاھيندا آھن، جا مقابلا ٿين ٿا ۽ اهو ميلو مختلف گهرن جي لذيذ کاڌن ۽ ساز سرور جي محفلن سان به ڀرپور هجي ٿو. پوگراڊيڪ ڪيترين ئي صدين کان پنهنجي لوڪ گيتن، ڊانس ۽ اوهر ڍنڍ جي سونهن تي سرجيل ادب، شاعري، گيتن ۽ موسيقي جي حوالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. مون اهو ڊسمبر فيسٽيول اکين سان ڏٺو. جڏهن موکيون مد جا مٽ آڇين ته متارا ڪيئن نه پنهنجو هوش حواس وڃائي ويھندا؟ خوبصورت ڍنڍ جو ماحول، ناز نينين جون ادائون ۽ هلڪي ڦلڪي لوڪ موسيقي تي گيتن جي گونجار انسان جي پيدائشي فطري جذبي کي جاڳائي اٿي ٿي ۽ هڪ واري نفرتن کي پاسيرو ڪري محبتون ميدان جيتي وڃن ٿيون. سُر سنگيت، پيار محبت ۽ مئہ جي مستي ۾، من جو ڪينواس به اوهرڊ ڍنڍ جيان ڦھلجي وڃي ٿو، جنهن جي لهرن تي پرت جا پکيئڙا جهومي اٿن ٿا. اهي پرت جا پکيئڙا جڏهن پنهنجي مرضيءَ سان البانيا کان مقدونيا (اوهرڊ ڍنڍ ٻنهي ملڪن جي درميان آهي) تائين بنا ويزا جي سفر ڪن ٿا، تڏهن انساني درد ۽ وڇوڙي جي ڪٿا، جيڪا البانيا ۽ مقدونيا جي ورهاڱي تي مشتمل آهي ان کي هتي جا مهان ليکڪ Mitrush Kuleli and Lilan Slarova پنهنجي ناول Balkan Sega ۾ قلمبند ڪن ٿا.

        پوگراڊيڪ جي تاريخ تي نظر وجهبي ته هتي اٺين صديءَ کان چوڏهين صديءَ تائين بلغارين، بازنتين، سربين ۽ گرو پتا البانين جون بادشاهتون رهيون. 15 صديءَ ۾ البانين جي هيرو سڪندر بيگ جي حڪومت رهي. 1468ع ۾ ان جي موت کان پوءِ اوٽو مين بادشاهت قائم ٿي، جيڪا 1912ع تائين رهي. ان کانپوءِ هي علائقو 20-1914ع تائين آسٽريلين، هنگرين، سربين، يونانين، بلغارين ۽ فرينچن جي حملن جي ور چڙهيل رهيو. 1921ع ۾ پوگراڊيڪ تي اٽالين قبضو ڪيو ۽ 41-1940ع تائين يوناني ۽ ان کانپوءِ وري ان تي اٽلي جو قبضو رهيو، جن کان 1943ع ۾ هي علائقو نازي جرمني ڦريو ۽ نازين کان قبضو ڇڏائي البانيا اپريل 1944ع ۾ آزدي ماڻي. ٻي عظيم جنگ کانپوءِ هي علائقو ڪميونسٽ سوويت يونين جي حڪمراني ۾ آيو.

        پوگراڊيڪ جتي قدرتي سونهن سان مالا مال آهي اتي هن کي پنهنجو شاندار ۽ شاهوڪار تهذيبي ورثو به آهي. هن شهر ۽ ان جي آسپاس کوڙ سارا تاريخي ۽ ثقافتي آثار موجود آهن، جن ۾ (i) 19 کان 20 صدي جو پوگراڊيڪ قلعو (ii) لينج (Llenge) ڳوٺ ۾ سينٽ ميريناس جي خانقاهه (iii) زيمشا (Zemca) ڳوٺ ۾ تاريخي قلعو (iv) لم ڳوٺ ۾ پري هسٽارڪ دور جا آثار (v) بليس (Blace) ڳوٺ ۾ قلعو (vi) لم ڳوٺ ۾ ڪرسچن چرچ ۽ بازنتين چرچ (vii) هدينتشت (Hudentitt) ڳوٺ ۾ ڪارسٽڪ (Karstic) جي غار ۽ ننڍڙي ڍنڍ (viii) نيش، گولڪ، سيزيم، جولي لينج ۽ زگاليش ۾ پراڻيون پلون.

        پوگراڊيڪ جي مختلف لوڪيشنن تي هنن آثارن جي تعميرات ۾ گهڻو ڪري جابلو پٿر ٽڪائي ڪري استعمال ڪيل آهي. تعميرات ۾ استعمال ٿيندڙ سرن کان وڏا چئوڪر بلاڪ گهڻو ڪري ناهموار آهن. هي آثار پري هسٽارڪ دور کان وٺي بازنتين دور کان ويندي اوٽو مين شهنشاهيت جي دورن جي نشاندهي ڪن ٿا، جيڪي اڄ به انهن دورن جي سماجي بيهڪ ۽ حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا. هنن آثارن ۾ جتي پيار محبت جا داستان دفن ٿيل آهن ته اتي شاهي گهوڙن جي هيٺان لتاڙجندڙ باغين ۽ بي گناهن جا قصا به مدفون آهن. هنن آثارن ۾ جتي درويش صفت انسانن جي محبت ۽ ڀائيچاري جي درسن جا داستان محفوظ ٿيل ملندا ته اتي وري عقيدن جي اوڙاهه ۾ جلندڙ معصومن جون درد ڀريون ڪهاڻيون به دفن ٿيل ملنديون، جيڪي اڄ به انساني ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏين ٿيون. پوگراڊيڪ جي شهر جون پراڻيون بازارون گهمڻ مهل ماضيءَ ۾ هليو ويس. پراڻي اسٽائل جي دڪانن ۾ پراڻي دور جا زيور، برتن، عام استعمال جون شيون ان ئي انداز سان ٺاهي وڪري لاءِ رکيون ويون هيون. پاڻ وٽ سنڌ ۾ پراڻي دور جون شيون جهڙوڪ: هسلي، چوڙا، دهريون، جهنڊ، جهرڻو، سوئڙي، سونگو، پاٽ، نادي وغيره کي به ٽورسٽ اسپاٽ تي وڪري لاءِ رکي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. ڇو جو يورپين جيڪي هاڻي صنعتي (سرمائيداري) سماج ۾ زندگي گذارين ٿا انهن لاءِ هي شيون حيرت کان گهٽ ڪونه آهن، پر پاڻ وٽ ته ھاڻي ٽوئرزم ئي نه رهيو آھي. جڏهن ملڪ عدم تحفظ جو شڪار هجي ۽ ٽوئرسٽ اسپاٽ تي صاف سٿرو ماحول بہ نه هجي ته آخر پرڏيهي ڇو ايندا؟ پوگراڊيڪ جون پراڻيون بازارون جتي انهن جي تهذيبي ورثي جو عڪاس آهن، اتي نئون اڏيل شهر به گهڻو خوبصورت آهي. هي علائقو وسيع ۽ ڦهليل ۽ گھٽ آبادي هجڻ سبب هتي ايترا گهڻ ماڙ پلازه ڪونه آهن. پوگراڊيڪ جو پراڻو ۽ نئون شهر گهمي هاڻي انهيءَ ئي رستي تان واپس موٽڻ جي ڪئي جتان سفر جي شروعات ڪئي هئي. اهي ئي پهاڙ، اهي ئي واديون ۽ پوئتان رهجي ۽ گم ٿيندڙ شهر جون عمارتون. وادين ۽ پهاڙن سان ڪچهري ڪندي وري اوهرڊ ڍنڍ جو ديدار. هاڻي سج مٿي چڙهي آيو هو. ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو ختم ٿي چڪو هو ۽ پري پري تائين اجري اوهرڊ ڍنڍ پهاڙن جي اوٽ ۾ نظر پئي آئي. ويجهو اچڻ سان هاڻ ان ۾ ڇوهه مان ڇوليون ماريندڙ ڍنڍ جي مستي پسي سگهجي پئي. هاڻي ڍنڍ تي قسمين قسمين رنگ برنگ پکي ويٺل ۽ اڏامندي نظر اچي رهيا هئا. هنن پکين ۾ پاڻ وارو ڪانگل به نظر آيو جيڪو پاڻ وٽ  شاعري ۾ محبوبن ڏانهن نياپو مُڪڻ لاءِ علامتي طور استعمال ٿيندو آھي. يقينن ھي ھتي بہ محبوبن ڏانھن سنيھا کڻي وڃڻ جو ڪم ڪندو هوندو. پکي پاڻ وارن انسانن وانگي خود غرض ٿورئي آهن، جيڪي محبتي دلين ۾ ڏار وجهن. هي ته پيار ۽ امن آشتي جا پانڌيئڙا آهن. جيئن پکي اوهرڊ ڍنڍ جي لهرن جي جهولن تي جهولي رهيا هئا، تيئن من ۾ آشا ڪر کڻي اڀري ته ڪاش هن وشال ڌرتي تي به انسان پيار محبت جي جهولن ۾ جهولي. اياز جي چواڻي:

ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کٽي،

ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي.

بس ايئن ئي محبوبن جي گود ۾ جهولندي جهولندي جيون گذري وڃي. اوهرڊ ڍنڍ سمنڊ جيان ڦهليل آهي. هن کي تازي پاڻيءَ جو سمنڊ به ڪوٺيندا آهن. هن جو گرم پاڻي آسمان جي رنگ جهڙو آهي. هيءَ ڍنڍ جنهن جي عمر لکن سالن تي مشتمل آهي. اڃان به آباد آهي. جڏهن ته هن جي آسپاس ٻيون نديون ڪي پٿرائجي ويون ته ڪي ماڳ مٽائي پنهنجا نشان ڇڏي فنا ٿي ويون. اوهرڊ ڍنڍ تي منظر ڏسڻ لاءِ مختلف هنڌن تي گيلريون به ٺهيل آهن، جن تان بيهي هن وشال ڍنڍ جو نظارو به ڪري سگهجي ٿو. گيلري تان بيهي ڍنڍ جي ڏسڻ جو منظر به پنهنجو آهي. ڍنڍ مان ساءُ کڻندي جڏهن ٿڌڙي هوا جسم کي ڇهي ٿي تڏهن ڪينجهر جو هڳاءُ محسوس ٿئي ٿو. فطرت جي منظرن ۾ اُھي ڪٿي ۽ ڪھڙي جاءِ (ديس) ۾ بہ ھجن پر اُنھن ۾ سڳنڌ ۽ سرور ساڳيو آھي. بس ماڻهو ان کي رڳو جي سمجهي وٺي ۽ هينئين سان هنڊائي تہ ڪر سڦلتا ۽ امرتا ماڻي وٺي. سوچيان ٿو هيءَ ڍنڍ جنهن جي جنم ڀومي سمنڊ آهي، ڪيترا نه ڪشالا ڪڍيا ھوندا ۽ درد ڀوڳيا هوندا تڏهن ئي هن جو من اجرو ٿيو هوندو ۽ ان ۾ مٺاس آئي هوندي. گيلري ۾ بيهي اها ڪيفيت محسوس ڪندي مون کي شاهه جي مارئي ٿي ياد پئي، جيڪا پنهنجي ماروئڙن کي ساريندي وطن کان ڏور عمرڪوٽ ۾ قيد آهي. اها ئي ساڳي ڪيفيت مون کي اوهرڊ ڍنڍ ۾ رهندڙ گوج (Eel) مڇيءَ ۾ به نظر آئي ۽ محسوس ٿيو ته وطن کان وڇوڙي ۾ ڪيڏو نه درد ۽ ڪرب آهي. گوج مڇي جنهن جو وطن سارگاسو (Sargasso) سمنڊ آهي، هزارين ميل سفر ڪري اوهرڊ ڍنڍ ۾ اچي ٿي. مسلسل ڏهه سال رهڻ کانپوءِ واپس پنهنجي جنم ڀومي سارگاسو سمنڊ ۾ وڃي ٿي جتي هو آنا ڏئي مري وڃي ٿي ۽ اهو سلسلو وري نئين سرِ سان شروع ٿئي ٿو. هي محبت جا جذبا ۽ درد جا رشتا آهن جن کي لفظن ۾ بيان ڪري ئي نٿو سگهجي.

            هاڻي سج اوهرڊ ۾ گود وٺڻ شروع ڪيو آهي ۽ هلڪي هلڪي اونداهي ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. اوهرڊ جي ڇاتي تي سج جا هلڪا هلڪا ڪرڻا آهستي آهستي جهڪا ٿيندا ان جي وشال ڇاتي ۾ سمائجي ويا آهن. مون سوچيو هاڻي هلڻ ئي گهرجي، وري به اهي ئي جبل واديون ۽ اهي ئي پنڌ. هاڻ مڪمل اونداهه ٿي چڪي آهي. گاڏي جي ڪرندڙ ۽ ڦهلجندڙ لائيٽن جي روشني ۾ رستو ۽ ان جي ويجهو جبل يا وادين جي جهلڪ نظر اچي ٿي نه ته ٻيو مڙئي ٿيو خير. اڄ جي ڪميونيڪيشن ڌرتي تي فاصلا گهٽائي ڇڏيا آهن. نت پراڻي زماني ۾ ماڻهو جڏهن پيدل، گهوڙن، اٺن يا ٻين سوارين تي نڪرندا هئا ته سفر ۾ رُلي مري کپي ويندا هئا ۽ خوشنصيب ڪي چند ھوندا هئا جيڪي ماڳ تي پهچندا هئا. پاڻ جديد سفري سهوليتون ميسر ھئڻ سبب اهڙن پر اسرار انوکين وادين ۽ جبلن ۾ هڪ ڏينهن جي سفر ۾ گهمي ڦري ٻارهن چوڏهن ڪلاڪن جي سفر ۾ واپس ترانا خير خوبي سان پهچي وياسين. جڏهن ته پراڻي زماني ۾ اهو سفر شايد ڪئين سالن تي مشتمل هجي ها ۽ ماڳ تي ماڻھو خبر ناھي پھچي بہ ھا يا رستي ۾ مري کپي وڃي ھا. حيرت ٿي ٿئي تہ سائنس جي ايترين نعمتن ماڻڻ جي باوجود به وهمن جا وسهوڙيل انڌا ماڻھو سائنس جي سچائي کي نٿا مڃين. نڀاڳا ان جو فائدو به وٺن ٿا، پر جڏهن سائنس جي سچائي کي قبول ڪرڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته اهي ئي دقيانوسي ۽ مدي خارج فڪر ۽ تجزيا. يار! پنهنجا ته ٻڌي ٻڌي ڪن ئي پچي پيا آهن سو ماٺ ڀلي آهي. …(هلندڙ…)