اچو ته البانيا گهمون ڀوَن سنڌي ترانا ايئرپورٽ کان هوٽل تائين قسط-2 حصو پهريون
قسط-2
حصو پهريون
اچو ته البانيا گهمون
ڀوَن سنڌي
ترانا ايئرپورٽ کان هوٽل تائين
ترانا شهر کان تقريبن ويهه ڪلو ميٽر پري البانيا جو هي وڏي ۾ وڏو ايئرپورٽ آهي. هي ايئرپورٽ 57-1955ع جي عرصي ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ ان کانپوءِ هن جي موجوده تعميرات 07-2005ع جي عرصي ۾ مڪمل ٿي. تعميرات جي حساب سان هي ڪو اهڙو خوبصورت يا جاذب نظر ايئرپورٽ ناهي. هن جي تعميرات ۾ پنهنجي ملڪ جي انگريزن واري دور ۾ ٺهيل ريلوي اسٽيشن پليٽ فارمن جيان لوهي ٽيئر گاڊر ۽ گول پائپن تي بيهاريل ڇاپرن نما ڇتيون ٺهيل آهن. هن جو ٻاهريون ڏيک ترڇي چورس جي شڪل ۾ آهي. هن ايئرپورٽ تان اٽلي، يو ڪي، عرب امارات، ترڪي ۽ ٻين ملڪن ڏانهن پروازون وڃن ٿيون، جي يورپ جي ايئرپورٽن ۽ پروازن جي هن سان ڀيٽ ڪجي ته بجا طور چئي سگهجي ٿو ته هي نه صرف ننڍو ايئرپورٽ آهي، پر هتي لهندڙ ۽ ويندڙ پروازن جو تعداد به ايڏو گهڻو ناهي. هن ايئرپورٽ جو پهرين نالو ترانا انٽرنيشنل ايئرپورٽ رکيو ويو هو، پر 2011ع ۾ ان جو نالو بدلائي مدر ٽيريسا (Mother Teresa) انٽرنيشنل ايئرپورٽ رکيو ويو، پر مين بورڊ اڃان به پراڻي نالي وارو لڳل آهي. جيئن ته هيءَ ايئرپورٽ ترانا جي ويجهو ننڍڙي ڳوٺ رناس (Rainas) ۾ واقع آهي. تنهنڪري عام ماڻهو ان کي رناس ايئرپورٽ جي نالي سان به سڏيندا آهن. ايئرپورٽ کان جيئن ئي ٻاهر نڪرندو ته چوراهي تي مدر ٽيريسا جو وڏو پتلو (Sclupture) نصب ٿيل آهي جيڪو اتي جي جڳ مشهور سنگتراش ٿوما ٿومائي (Thoma Thomai) جو ٺاهيل آهي. جيئن ته البانيا جي هن ايئرپورٽ جو نالو مدر ٽيريسا انٽرنيشنل ايئرپورٽ رکيو ويو آهي، انهيءَ ڪري ٿورڙو ذڪر ان جو به ٿي وڃي.
مدر ٽيريسا جو اصل نالو (Anjezë Gonxhe Bojaxhiu) آهي. هو 26 آگسٽ 1910ع تي مقدونيا جي گادي جي هنڌ اسڪوپيا ۾ ڄائي. هن جا ماءُ پيءُ البانيا نسل جا هئا، اهو ئي سبب آهي جو البانيا ۾ کيس وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هن جو والد Boja Xtine اسڪوپيا ۾ ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي ڪاروبار سان لاڳاپيل هو. مدر ٽيريسا اڃان اٺن سالن جي مس هئي ته هن جو والد گذاري ويو. ان کانپوءِ هن جي سنڀال سندس ماءُ Drau file جي ذمي اچي وئي ۽ ٻنهي ماءُ ڌيءَ جو وقت غربت ۾ گذرڻ لڳو. 18 ورهين جي ڄمار ۾ هوءَ راهبه (Nun) جي جٿي ۾ شامل ٿي، جنهن جو ڪم عيسائي مشينري جي خيراتي ادارن کي هلائڻ هو. ٿوري وقت کانپوءِ هوءَ ان اداري جي گروپ ۾ انڊيا آئي ۽ ان ئي اداري ۾ بطور استاد (Teacher) ڪم ڪرڻ لڳي. ان وقت انڊيا ۾ رفاحي ادارا ڪي نالي ماتر هئا. هن ڪلڪته (نئون نالو ڪولڪتا) کي پنهنجو آستانو بڻايو ۽ اتي ڪم ڪرڻ لڳي. هن ان زماني ۾ پنهنجي اکين سان 1943ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار ۽ 1946ع ۾ هندو مسلم فساد ڏٺا ۽ انهن ۾ دين ڌرم کان مٿي سوچيندي دکي انسانيت جي خدمت ڪئي. هي نوجوان ۽ الهڙ ڇوڪري پنهنجو وطن وساري ۽ جوڀن جواني جا خواب تياڳي دکي انسانيت جي شيوا لاءِ هن ڌرتي (انڊيا) جي باسي ٿي وئي. هوءَ هندستاني تهذيب سان جڙيل لباس ساڙهي پائيندي هئي. هن جي اڇي ساڙهي جي بارڊر (ڪنار) تي بلو پٽي لڳل هوندي هئي. مدر ٽيريسا کي رفاحي ڪم ۾ شروع شروع ۾ گهڻين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، پر آهستي آهستي هن جي نيڪ نيتي ۽ ڪم کي ڏسي مختلف ماڻهن ۽ ادارن طرفان فنڊ ملڻ شروع ٿي ويا. هن وقت 130 ملڪن ۾ هن جي برپا ڪيل ادارن جو تعداد 700 کان مٿي آهي، جن ۾ پناهگيرن، ڪوڙهه ۽ ايڊز جي مريضن، بيمار ۽ گهرن کان تڙيل بزرگن (پوڙهن) لاءِ رهائش، کاڌي پيتي، علاج ۽ تعليم وغيره جو بنا ڪنهن نسلي ۽ مذهبي ڀيد ڀاوَ جي مفت ۾ انتظام ڪيل آهي. پرڏيهه مان آيل ڪرسچن ڇوڪري جنهن پنهنجي الهڙ ۽ خوبصورت جواني تياڳي هڪ پرائي وطن ۾ دکي انسانيت جي خدمت لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو. هوءَ اڪثر حضرت عيسيٰ (Jesus) جو هي قول دهرائيندي هئي “توهان جيڪي ڪجهه ماڻهن لاءِ ڪريو ٿا (خدمت) اهو دراصل منهنجي لاءِ ڪريو ٿا.” مدر ٽيريسا پنهنجي عقيدي (عيسائي مذهب) جي پڪي پيروڪار هئي. جيڪڏهن هوءَ چاهي ها ته پنهنجين خدمتن جي عيوض ماڻهن کي پنهنجي مذهب ۾ آڻي سگهي پئي، جيئن پاڻ وٽ اڪثر مذهبي (ڌرمي) ادارا خدمت جي عيوض ماڻهن جو عقيدو تبديل ڪندا آهن، پر نه هوءَ هڪ اعليٰ آدرشي عورت هئي، جيڪا چوندي هئي ته “پيار بذات خود ڪا الڳ شيءِ ناهي ۽ نه ئي ڪا ان جي الڳ وصف يا معنيٰ آهي. پيار نالو ئي آهي عمل ڪرڻ جو ۽ خدمت ڪرڻ جو.” مدر ٽيريسا ذاتي طور تي ائبارشن، طلاق ۽ ڦاسي جي سزا جي خلاف هئي. هن کان جڏهن پڇيو ويو ته پيار ڪيئن ڪجي ته هن وراڻيو “پنهنجي گهر وڃو ۽ گهر ڀاتين سان پيار ڪريو” ظاهر آهي ته جيڪو پنهنجي گهر ٻار سان صحيح معنيٰ ۾ محبت ڪري ٿو، ان کي ٻين جو به اهڙو ئي احساس ٿيندو ۽ اهو ڪڏهن به مجرم نه بڻبو ۽ نه ئي ٻين کي ڏکوئيندو.
هن جي زندگي تي هونئن ته کوڙ سارا ڪتاب لکيل آهن، پر Maclcom Muggriye جو ڪتاب Somethuing Beautiful for God هن جي زندگي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. مدر ٽيريسا جو پنهنجي آبائي وطن البانيا ٻه ڀيرا وڃڻ ٿيو. هڪ 1989ع ۾ جڏهن ڪميونزم جا پڇاڙڪا ڏينهن هئا ۽ ٻيو 1993ع ۾ پوپ جان پال سان گڏ. سونهن جي ديوي ليڊي ڊائنا جنهن جون دکي انسانيت لاءِ خدمتون به نمايان رهيون. مدر ٽيريسا سان ڪولڪتا ۾ ملاقات (فيبروري 1992ع) ۾ طئي ڪئي، پر وقت اچڻ تي جڏهن کيس پتو پيو ته مدر ٽيريسا اٽلي ۾ بيمار ٿي پوڻ سبب ڪولڪتا لاءِ ٽريول نٿي ڪري سگهي ته هوءَ پاڻ مدر ٽيريسا سان ملڻ لاءِ روم (اٽلي) وئي. اهو عجيب اتفاق چئبو جو دکي انسانيت لاءِ ڪم ڪندڙ ٻنهي عظيم عورتن جو موت ساڳي ئي هفتي ۾ ٿيو. ليڊي ڊائنا 31 آگسٽ 1997ع تي ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري وئي ۽ مدر ٽيريسا 5 سيپٽمبر 1997ع تي ڪولڪتا ۾ گذاري وئي. مدر ٽيريسا کي هائوس آف مشنريز آف چيرٽي ڪولڪتا (انڊيا) ۾ دفن ڪيو ويو، هن جي جسد خاڪي کي فوجي سلامتي ڏني وئي. البانيا جي صدر گلن جي چادر چاڙهي هن جي تدفين جي رسمن ۾ هندو، مسلمان، سک، عيسائي، ٻڌ، پارسي ۽ ٻين عقيدن جي ماڻهن چرچ ۾ پنهنجن عقيدن موجب عبادت ڪئي. ان کانپوءِ هن جي جنازي کي ڪلڪتي جي روڊن تي گهمايو ويو. پنجن ڪلو ميٽرن جي هن ياترا ۾ لکين ماڻهو شامل هئا. هن کي رياستي سربراهه جو پروٽوڪول (رتبو) ڏنو ويو. اٺن فوجين هن جي لاش کي ڪلهو ڏيئي فوجي ٽرڪ تي رکيو. هن جي تدفين ۾ آمريڪا جي خاتون اول هيلري ڪلنٽن، اٽلي جي صدر، اسپين ۽ اُردن جي راڻي سميت دنيا جون اهم شخصيتون شريڪ ٿيون ۽ دعا ڪيٿولڪ فرقي جي پيشوا پوپ جي نمائندي پڙهي. هندستان ۾ دهلي جي (Pacifist Mamorial) ۾ گاندي جي 9 فوٽ ڪنجي جي پتلي اڳيان مدر ٽيريسا کي اعزاز ڏيڻ لاءِ ان جو پتلو کڙو ڪيو ويو آهي. ڪولڪتا ۾ مدر ٽيريسا کي شر ڌانجلي پيش ڪرڻ لاءِ هڪڙو وڏو اسٽيچو ٺاهيل آهي جنهن جو افتتاح پوپ کان ڪرايو ويو. مدر ٽيريسا چوندي هئي ته “اسان سڀني کي وڏن ڪمن ڪرڻ لاءِ سوچڻ يا وقت وڃائڻ نه گهرجي، پر اسان کي پيار محبت جي جذبي سان ننڍا ننڍا ڪم ڪرڻ گهرجن” سچ پڇو ته هوءَ ننڍا ننڍا ڪم ڪري وڏو نالو ڪمائي وئي. ايڏو وڏو نالو جيڪو ڪنهن ليڊر جو به نه ٿي سگهيو ۽ ايڏي وڏي عزت ۽ شهرت شايد ئي ڪنهن رهنما کي نصيب ٿي هجي، پر افسوس ته اهڙي عظيم عورت جي لاءِ عقل جا انڌا چون ٿا ته هوءَ ڪافرياڻي هئي ۽ هن کي سرڳ (Paradise) ۾ جاءِ نه ملندي. ٻيو ته ٺهيو، پر اسان جي ڌرتي جي عظيم انسان عبدالستار ايڌي لاءِ به اها ساڳي ڳالهه ڪن ٿا. او ڀاءُ منهنجا! سرڳ (Paradise) گهريو ڪڏهن آهي جو اوهين پيا انهن لاءِ نرڳ (Hell) جون فتوائون ڏيو. هنن ته سدائين ماڻهن جي خدمت ڪرڻ چاهي ۽ ماڻهن منجهه رهڻ چاهيو، ڇو ٿا انهن تي ڪوڙا الزام هڻو؟ منهنجي خيال ۾ سرڳ ۽ نرڳ وڏي شيءِ ناهن وڏي ڳالهه آهي ماڻهن جي دلين ۾ رهڻ ۽ اهي عظيم هستيون پنهنجي ڪردار، پيار محبت ۽ انساني خدمت لاءِ پاڻ ارپڻ جي طفيل سدائين ماڻهن جي دلين ۾ رهنديون. …(هلندڙ)….