بلاگخاص

اچو ته البانيا گهمون ڀوَن سنڌي حصو پهريون قسط-1

قسط-1

حصو پهريون

اچو ته البانيا گهمون

ڀوَن سنڌي

پنهنجي اڀ اڏام:

ننڍا هوندا هئاسين ته سمجهندا هئاسين دنيا ۾ ٻه ملڪ آهن هڪڙو پاڪستان ۽ ٻيو هندستان. پاڪستان جي انهيءَ ڪري خبر هوندي هئي، جو ان ۾ پاڻ ڄاوا نپنا هئاسين ۽ وري ان جي پکيڙ به پنهنجي ڳوٺ کان ڪا ٿوري گهڻي مٿي سمجهندا هئاسين. هندستان جي خبر وري انهيءَ ڪري هئي ته وڏا ڳالهه ڪندا هئا ته، پهرين هي هڪڙو ملڪ هوندو هو. بس ٻاراڻي ذهن جي اڏام به ايتري هئي سو پاڪستان ته جهڙوڪر پاڻ ڏسي لاٿو هو، پر هندستان ڏسڻ جو شوق اڃان باقي هو. سو جڏهن به آسمان ۾ ڪو جهاز اڏامندي نظر ايندو هو ته مائٽن سان ضد ڪبو هو ته جهاز کي لهڻ جو چئو ته هندستان گهمڻ هلون. نڪو مائٽن اسان جي ڳالهه مڃي ۽ نه ڪو جهاز هيٺ لٿو. وقت گذرڻ سان ڪئين جهاز آسمان ۾ اسان مٿان تيز رفتاري سان زوزاٽ ڪندا اڳتي وڌندا اکين کان اوجهل ٿيندا ويا، بلڪل ايئن جيئن اسان جو ننڍپڻ. ۽ هاڻ جڏهن سمجهه ڀريا ٿيا آهيون، تڏهن صحيح معنى ۾ دنيا کي سمجهڻ لڳا آهيون. ھاڻي خبر پئي آهي ته دنيا ته ايڏي وڏي آهي جنهن ۾ پاڪستان هندستان جهڙا سوين ملڪ سمائجي وڃن ۽ هڪڙي جنم ۾ ته ممڪن ئي ناهي جو ان کي پوري ريت گهمي سگهجي ۽ ٻئي جنم جو پاڻ کي پتو ناهي، جو ڪو به يار دوست اُتان واپس ڪونه آيو آهي جو کڻي آسرو ڪجي. انهيءَ ڪري جيڪا به حياتي آهي، ان ۾ جيترو به ممڪن آهي، هن اسرارن سان ڀرپور دنيا کي گهمي وٺجي. هونئن به چوندا آهن ته واندي کان ونگار ڀلي، سو هلو ته پاڻ يورپ ۾ شمار ٿيندڙ هڪ ملڪ البانيا گهمڻ هلون.

البانيا جو هونئن ته ويزا جو پروسيس ٻين يورپي ملڪن جيان پاڻ جهڙن ملڪن لاءِ سولو ڪونهي، پر ويجهڙائي ۾ ٽوئرزم کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪجهه ملڪن لاءِ پهچڻ تي (on arrival) ويزا جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، جن ۾ عرب امارات به شامل آهي (پاڻ وارو ملڪ ان ۾ شامل ڪونهي). سو پاڻ به سوچيو ڇو نه موقعي جو فائدو وٺجي. وري سون تي سهاڳو اِهو ٿيو جو وزايئر (WIZZAIR) جيڪا هونئن ته ٻين ڪافي ملڪن ۾ هلي ٿي، پر ابو ظهبي (ابو دابي) کان ان پهريون ڀيرو پرواز شروع ڪرڻ لاءِ پرومو انائونس (ڪجهه وقت لاءِ سستيون ٽڪيٽون) ڪيون. بس پوءِ دير ڪهڙي، پاڻ به ٽڪيٽ بُڪ ڪرائي ڇڏي. سو پاڻ پهچي وياسين البانيا وڃڻ لاءِ ابو دابي ايئرپورٽ تي. ڪليئرنس وغيره مان واندا ٿي پاڻ هليا آيا آهيون ايئرپورٽ جي ڊائمنڊ لائونج ۾. پرومو ٽڪيٽ هئڻ سبب جهاز ۾ کاڌي يا ريفريشمينٽ وغيره جي ٽڪيٽ ۾ سهولت شامل ڪونهي، باقي پئسن تي سڀ ڪجهه ملي ٿو، پر پاڻ وٽ ان جو بہ ٽوڙ آهي. چوندا آهن ته اوڌر جي ماءُ مئي ڪونهي. جيئن ته بينڪون، ڪريڊٽ ڪارڊ هولڊرس مان جام ڪمائين ٿيون ۽ بدلي ۾ بينڪون پنهنجن ڪريڊٽ ڪارڊ ڪسٽمرس کي ايئرپورٽن جي لائونجن ۾ کاڌي پيتي جون مفت سهولتون مهيا ڪري ڏينديون آهن. سو سائين منهنجا انهن ڪسٽمرس کي ڊائمنڊ لائونج ۾ سڀ ڪجهه مفت جو ملي ٿو. هر برانڊ جي جيتري وڻي وسڪي پيئو. مختلف کاڌن پيتن، ريفريشمينٽ، سافٽ ڊرنڪس، چانهه ۽ ڪافي مان مزو وٺي، وري مفت جي سگريٽن جا ڪش به هڻو. پاڻ به ايئرپورٽ لائونج مان کائي پيِ اچي جهاز ۾ ويٺا آهيون. ٿوري دير رکي هاڻ جهاز جا دروازا بند ٿيا آهن. سريلي آواز سان ڀليڪار ٿيڻ کانپوءِ هاڻي جهاز اڏامڻ شروع ڪيو آهي. گلابي ۽ ڳاڙهسري شرٽ مٿان ڪوٽ ۽ هيٺ ڪاري رنگ جو مني اسڪرٽ ۽ پيرن کان ٽنگن تائين، سنهي ڄاري وارا جوراب پاتل سنهڙين سيپڪڙين سڊول ايئر هوسٽيسن جهاز کي حادثي پيش اچڻ جي صورتحال ۾ سيفٽي ڪٽ جي استعمال جا طريقا سمجهائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. کائي پيِ چڙهڻ کانپوءِ ڀلا موت جو ڪهڙو ڀئو جو پريشان ٿيون؟ چون ٿا ته مٿي سرڳ ۾ به اهڙو ئي مال ملندو؟ سو ظاهر آهي جن کي هِتي هِن دنيا ۾ موج مستي جا آداب اچن ٿا انهن کي هُن دنيا ۾ به ضرور ساريو ويندو.

جيئن ئي جهاز مٿي اوچائي ڏي وڌڻ شروع ڪيو آهي، هيٺ ڌرتي ۽ ان تي وسندڙ جهان جا منظر ڌنڌلا ۽ پوءِ نظرن کان اوجهل ٿيندا ٿا وڃن. ابو ظهبي (ابو دابي) جو شهر، ان جا رهائشي ۽ ڪمرشل علائقا، وارياسا پٽ ۽ سمنڊ سڀ هيٺ رهجي وڃن ٿا. پاڻ هاڻ بنا پرن جي پکين جيان آسمان کي ڇهي رهيا آهيون، جتي رمندا بادل آهن، بلڪل ڪوي ڪاليداس جي ميگهه دوت جيان، جيڪو بادلن وسيلي نينهن جا نياپا موڪليندو هو، پر بادل بيهن ڪٿي ٿا جو پنهنجي من اندر جي ڳالهه ٻڌن!؟ اسان جي ڳالهه ته پنهنجي ڌرتي تي اسان جا پنهنجا انڌا، گونگا، ٻوڙا، نالائق حڪمران ئي ڪونه ٿا ٻڌن ته پوءِ وري اُڀ مان ڪهڙو آسرو؟ اُڀ جي آدجگاد کان انسان جي آهه ۽ دانهن ٻڌي ها ته ڪر ڌرتي تان ڪڏهوڪو انياءُ ختم ٿي چڪو هجي ها!؟ پر پوءِ به چري دل آهي جيڪا مڃي نٿي. جيئن بادلن مان سج ليئا پائي ڪيڏي مهل نڪريو نروار ٿئي، تيئن آس رهي ٿي ته ڪو ته هجي جيڪو اندر جي اونداهه کي روشن ڪري. ڪو ته هجي جيڪو من جي ڳالهه ٻڌي، دل جا دک درد سڻي!

هاڻي جهاز ۾ انائونسمينٽ ڪري ٻڌايو پيو وڃي ته جنهن کي به ڪنهن کاڌي پيتي يا جوس، وسڪي، چانهه وغيره جي ضرورت هجي ته اهو ڪيش يا ڪريڊٽ ڪارڊ پئمينٽ تي وٺي سگهي ٿو. جهاز جي اندر هاڻي ايئر هوسٽيس ۽ ايسٽورڊ کاڌي پيتي جي سامان سان سٿيل ٽرالي سان گذري رهيون آهن ۽ پئسينجرس کي پئمينٽ عيوض سروس ڏيئي رهيون آهن. جهاز جڏهن بلڪل مٿي اوچائي تي پهچي سڌو هلڻ شروع ڪري ٿو، تڏهن محسوس ٿئي ٿو ته ماڻهو ڄڻ پنهنجي گهر ۾ کٽ يا صوفي تي آرام سان ويٺو هجي، پر دري کان ٻاهر آسمان ۾ تبديل ٿيندڙ رنگ ماڻهو کي متحرڪ هئڻ جو احساس ڏيارين ٿا. ابو دابي کان ترانا (البانيا جي گادي جو هنڌ) جو سفر ساڍا پنج کان ڇهه ڪلاڪ جو آهي. اسان جي فلائيٽ وزايئر (WIZZAIR) منجهند 2 وڳي هلڻ جي بجاءِ اڌ ڪلاڪ ليٽ هلي آهي، جيڪا ترانا چئين يا ساڍي چئين وڳي پهچڻ گهرجي (عرب امارات جو ٽائيم البانيا جي ٽائيم کان 3 ڪلاڪ اڳتي آهي). وقفي وقفي سان جهاز ۾ ٿيندڙ کاڌي پيتي جي شين لاءِ انائونسمينٽ ۽ جهاز ۾ ايئر هوسٽيسن جي وڏين کڙين پاتل سينڊلن جي ٽپ ٽپ جي آوازن تي مون کي پاڻ وارين ريلوي اسٽيشن ۽ بس اسٽاپن تي هوڪا ڏيئي شيون کپائيندڙ گهورڙيا ياد پيا. بس فرق اهو آهي ته هوڪي وارن جي چهرن تي غربت، بي وسي ۽ مجبوري جون ريکائون نمايان هونديون آهن ۽ هتي ايئر هوسٽيسن جي چهرن تي وري مسڪراهٽون وکريل هونديون آهن. اهو سماج جو بي رحم تضاد اسان کي ورثي ۾ مليو آهي ۽ تيسين ڀوڳبو جيسين سکن جو سج نٿو اڀري.

آئون هاڻ وري هڪ دفعو دري کان ٻاهر نهارڻ لڳو آهيان. هاڻ آسمان جو رنگ به بدليل آهي. ڪارو ڪارونڀار ڇانئجي چڪو آهي. کنوڻ جا چمڪاٽ رکي رکي ان انڌوڪار اڀ ۾ تجلا ڪري وجهن ٿا. جهاز جيئن ته مڪمل بند هجي ٿو انهيءَ ڪري ٿيندڙ گجگوڙن جو آواز اندر ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، پر جهاز جي دري تي ڳڙندڙ ڦڙن ۽ کنوڻين جي چمڪاٽ مان لڳو ٿي ته ٻاهر تيز بارش ٿي رهي هوندي. مون کي اھو منظر ڏسندي پنهنجو ٻاروتڻ ياد اچي ويو. ڇا ته ڏينهن هوندا هئا! اڀ ۾ بادل ڏسندي ئي جهونگاريندا هئاسين: ”ڪارڙو ڪنڀارڙو، الله ان پاڻي ڏي، مولا مينهڙو وسائي“ ۽ جڏهن مينهن وسندو هو ته ڪڇو (چڍي) پائي پٺا اگهاڙا ڪري شور مچائيندي گھر کان ٻاھر نڪري پئبو هو رستن تي. پنهنجن يارن سان گڏ، گپ چڪ ۾ زور سان پير هڻي هڪٻئي کي مٽي هاڻا ڇنڊا هڻبا هئا. گهرن جي ڇت تان وهندڙ نارن هيٺان بارش جي ميري پاڻي ۾ کينچلون ڪبيون هيون، يا وري انبن جي چوسڻ جو مزو وٺبو هو. جڏهن وڏڙا ٿياسين ته مينهوڳي جي مند ۾ استاد جمن جو ڳايل ڪلام دل تي تري ايندو هو:

رات به مينهڙا وٺا، کنوڻين کيل ڪيا،

ٻاجهارن جي ملڪ مٿي، رات به مينهڙا وٺا.

آئون پنهنجي ٻاروتڻ ۽ الهڙ جواني واري دور جي سوچن مان واپس نڪري اچان ٿو. جهاز کان ٻاهر اُڀ جي ڪينواس تي رمندا بادل جن جي ذريعي مسافرن پنهنجي ڏيهه جي پيارن کي نياپا مُڪا هوندا اُهي اُنھن الائجي اُتي پهچايا يا هِتي ئي ِبرسي پيا هئا؟ هي بادل اسان جي حڪمن جا محتاج ٿورئي آهن؟ ۽ نڪو اُنھن تي اسانجي حجت يا سفارش يا ڌڙڪو داٻو ھلي سگھي ٿو. نڪو هي ڌرتي آهي جتي چور حڪمران ۽ بدمعاش، وڏيرا ۽ سردار جڏهن وڻين درياهن تي بند ٻڌائي ڇڏين يا درياهه کي سُڪائي ڇڏين ۽ جڏهن وڻين ڪڙين جي پاڻيءَ جو رخ پنهنجين ٻنين ڏي ڪري ڇڏين يا جنهن جو وڻين ان جو پاڻي بند ڪري ڇڏين. اِهي ته اسان جون خواهشون آهن، بلڪه داداگيريون آهن جو اسان فقط پنهنجي لاءِ سوچيون ٿا. فطرت لاءِ ته ساري ڌرتي پنهنجي اولاد جيان آهي. اها ڪٿي ٿي سرحدن جو تعين ڪري. ان جي پلر پالوٽ ته سڀني لاءِ آهي. ان لاءِ ته سنڌ ڇا، هند ڇا، آمريڪا ڇا يا البانيا ڇا. ان کي ته پنهنجون نعمتون ورهائڻيون آهن بنا ٻيائي ۽ ڀيد ڀاوَ جي. ان جا ته سڀ ٻچا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان پاڻ کي فطرت جو صالح اولاد ثابت ڪري نه سگهيا آهيون، جنهن تي جيترو به شرم محسوس ڪجي ٿورو آهي. …(هلندڙ)…