بلاگڪهاڻيون

اڌڙ

سڀئي کيس ”اڌڙ“ ڪري سڏيندا ھئا. پورو ڇا، منو ڇا، بس اڌڙ. قد جو بندرو جو ھو. خبر ناھي ڪنھن نالو رکيو ھئس. ماءُ پيءُ ھجنس ھا ته انھن کان پڇون ھا. جڏھن کان سانڀر سان ٿيو آھي، اھو ئي نالو ٻڌو ھئائين ۽ اھو به نه ته ڪو ڪڏھن کيس ڏک به ٿيو ھجي. ھر وقت پنھنجي موج ۾ رھندو ھو.

گدري واري چيس؛ ”اڌڙ! ٿورو دڪان کي ڏسجانءِ مان ماني کائي ٿو اچان.“ ۽ اڌڙ ڏاڍي مزي سان ڏنڊي ھٿ ۾ ڪري ويھي رھندو ۽ ھوڪا پيو ڏيندو؛ ”اچو! اچو! مصريءَ جون تڙون آھن!“

ڏس ته ڪڏھن گدرا پيو کپائيندو، ڪڏھن ڪتل ته ڪڏھن نانيءَ کي حڪيم کان ھاضمي جي سُتي ڦَڪي پيو آڻي ڏيندو. ٽين منزل واري ڪيشواڻيءَ جي ڌيءَ کي اسڪول ڇڏي ايندو ۽ ماڌو مستريءَ کي ڪڏھن مزور نه مليو ته اھو سِرن ڍوئڻ وارو ڪم به ڪري وٺندو.

مگر مڙني کان مزو، کيس ايندو ھو ڄڃ اڳيان نچڻ ۾. ڄڃ ڪنھن جي به ھجي، اُڙي ٿُڙي به اتان اچي لنگھي ته ھيءُ پنھنجي ھڪڙي ميل جي جُوءِ ۾، اڳيان اڳيان پتڪڙا پتڪڙا ھٿ لوڏائيندو، پِستڙين پِستڙين ڄنگھڙن تي ٺينگڙا ٽَپڙا ڏيندو نچندو ويندو. ان ڏھاڙي اتان ورقن ڪٽڻ واري الياس جي ڄڃ اچي نڪتي ته ھيءُ به عادت سارو اڳيان اڳيان نچندو ھلڻ لڳو ته پنڊت ٽوڪيس؛

”اڙي او اڌڙ! مسلمانن جي ڄڃ ۾ پيو ٿو نچين؟“

ھوا ۾ ھٿ ڪُڏائيندي اڌڙ چيس؛ ”دھل ته ٻنھي جو ٿو وڄي ۽ ساڳيو ئي وڄندو آهي.“

اڌڙ، ٻارھن سالن جي ٻارن سان کيڏندو ته انھن جو سَنُ پيو ڀاسندو. جڏھن ٻار، اسڪول ھليا ويندا ته ھو سوسائٽيءَ جي وچ واري باغ ۾ مالھيءَ سان گڏجي، نم جا سڪل پن ڪٺا ڪندو ۽ رات جو پروفيسر صاحب جي اوطاق مان ماچس کڻي اچي انھن کي باھ ڏيندو.

ھڪ دفعي پروفيسر صاحب، کيس ھڪڙو پراڻو ڪوٽ ڏنو. اڌڙ، ٻاھر اچي ڏٺو ۽ مالھي چاچا کي ڏئي ڇڏيائين؛ ”ٻوري جو ٻورو ڏئي ڇڏيائين پائڻ لاءِ، ھن ۾ ته مون جھڙا ٽي ماپن.“

ڇترپور سوسائٽيءَ جي پنجين بلڊنگ ۾ رھڻ وارن اسي آڪھين جا لڳ ڀڳ سوا ٽي سئو ماڻھو ھئا ۽ اڌڙ، ج ۽ خ جي ٽٻڪن وانگر، منجھن پيو گھمندو ھو. ڪنھن جو ڪم، ھن کان بغير رُڪندو نه ھو مگر ھن کانسواءِ چُرندو به نه ھو. اڌڙ نه ھو ته ڄڻ ھو پورا نه ھئا. جيئن ڀريل تريل گھر کي، ڌاريل ٻلي ٿورو اڃا ئي ڀري ڇڏيندي آھي. ايئن ئي ھن، ڇترپور سوسائٽيءَ کي ٿورو اڃا ئي ڀري ڇڏيو ھو.

ليڪن ڪالھ ھو مڙني کي سُڃو ڪري ويو، ڇورو ڪري ويو. ڪمپائونڊ جي اندر ڪٺي ٿيل انبوھ کي پروفيسر، رڙيون ڪري چئي رھيو ھو؛ ”توھان سڀ اڌورا آھيو، اڌيڪا آھيو ۽ جنھن کي توھان اڌڙ ٿا سڏيو، ڏسو، ڏسو، اھو ڪيترو پورو آھي، ڪيترو مڪمل آھي.“

اھا ڳالھ ڀل ته ڪالھ جي ھجي. مگر اصل ڳالھ سُري ٻه سال اڳي.

اصل ڳالھ کان به اڳي ھڪڙي ڳالھ ٿي ھئي ۽ اھا به ڪا گھٽ اصلي نه ھئي. مگر ان جي باري ۾ گھٽ ماڻھو ڄاڻندا ھئا.

ڇترپور سوسائٽيءَ جي مڙني کان موچاري ڇوڪري راڌا ڪملاڻي، ان ڏھاڙي ھير گنج جي علائقي کان آئي پئي ته ٽن غنڊن اچي سندس اڳ ورتو. ھڪڙي اک ھنيس، ٻئي سينڍ ھنيس، ٽيون ڪلھو گَسائي اڳتي نڪري ويس. ڇوڪري ويچاري ھيسجي وئي. پري گھٽيءَ جي مُھڙ وٽ کيس ھڪڙو ھيولا نظر آيو ته ھن وڏي واڪ رڙ ڪئي؛ ”اڌڙ!“

ھن آواز ٻڌو ته ڀڄندو آيو.

راڌا، سندس ھٿ پڪڙيو؛ ”اڌڙ! ٿورو مون کي گھر تائين ته ڇڏي آ.“

اڌڙ کي ڳالھ جو سُرُ سمجھڻ ۾ ويرم ئي نه لڳي. شينھن ٿي ويو. راڌا کي ٻانھن کان پڪڙي چوڻ لڳو؛ ”ھل! مان آھيان نه!“

پوءِ ھو انھن ٽنھي غنڊن جي وچئون وچ راڌا کي ايئن ڪڍي آيو جيئن ھوا جو جھوٽو لڳي نڪري وڃي.

مگر اھا رات، اڌڙ کي ننڊ نه آئي. پھريون ڀيرو کيس لڳو ته سندس عمر اٺاويھ سال آھي. ورندي ڏينھن تي ھن اسڪول جي ٻارڙن سان کيڏڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪپڙا استري ڪرائي پائڻ لڳو. تبديلي ماڻھن به ڏٺي ۽ راڌا پڻ. ھن صرف کلي ڏنو؛ ”ھائو ڪيوٽ!“

اڌڙ کي ڄڻ زندگيءَ ۾ نئين ڪرت ملي وئي؛ باڊي گارڊ جي، رکوال جي؛ راڌا کي وڻي. ھو صبح ڌاري کيس ڪاليج تائين ڇڏي ايندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ٿورا ڪتاب به کڻندو ھئس. ڪڏھن ڪڏھن شام جو پھچي ويس ۽ موٽ تي ساڻُ وٺيو آيس، ليڪن ھڪ ڏينھن راڌا سندس دل ڀڃي ڇڏي.

ھوءَ جڳديش سان ملڻ ويندي ھئي، جتي اڌڙ ئي کيس ڇڏي ايندو ھو. مگر جڳديش کي اھا ڳالھ نه آئُڙي. ھن اعتراض ڪيو ته راڌا کيس ڇڙٻ ڏني؛ ”ڇي ڇي!… ھن تي ٿو شڪ ڪرين؟ ھن اڌيڪي مرد تي!!“

بس ان کان اڳتي اڌڙ وڌيڪ نه ٻڌو. تِن ئي پيرن تي موٽ کاڌائين. ايندي ئي گھٽيءَ ۾ ستل ھڪڙي ڪتي کي ڪٽڻ شروع ڪيائين. گھڻو ماريائينس ۽ ڄڻ پاڻ ئي زخمي ٿي پنھنجي کوليءَ ۾ وڃي ڦان ٿي سمھي پيو.

ورندي ڏينھن کانپوءِ سندس رويو مٽيل ھو. ماڻھن کي ڏاڍي تپرس لڳي. جنھن به کيس ڪو ڪم چيو، اڌڙ پڇيس؛ ”پئسا ڏيندين؟“

”پئسا؟ توکي وري پئسا ڪاڏي ڪرڻا آھن؟“

”ڪاڏي به ڪريان…! ڇا به ڪريان…!“

ڦُڙيءَ ڦُڙيءَ، اڌڙ جي صندوقڙيءَ ۾، ڀانت ڀانت جا نوٽ ۽ سڪا ڪٺا ٿي ويا.

اھا اصل ڳالھ کان اڳي جي ڳالھ آهي ۽ اصل ڳالھ ھيءَ آھي ته ڇھن مھينن کانپوءِ راڌا پرڻجي وئي… ڏاڍيان ڏاڍيان رِڪاٽَ پئي وڳا ۽ موڙ کان بينڊ جي وڄڻ جو آواز اچي رھيو ھو. اڌڙ لاءِ برداشت ڪرڻ، ڏاڍو مشڪل ٿي ويو. ھن جا ڦيراٽا کائيندڙ ھٿ پير، ڦَرڪڻ لڳا. ھو تڪڙ مان اٿيو، صندوقڙيءَ مان سمورا پئسا ڪڍيائين ۽ ڇترپور سوسائٽيءَ جي بلڊنگ سيءَ جي تيرھن نمبر فليٽ جو دروازو وڃي کڙڪايائين. تيرھن نمبر فليٽ ۾ ستيه رھندي ھئي. اڪيلي ۽ بدنام. ڇترپور جا سمورا ماڻھو چاھيندا ھئا ته اُھا اتان ھلي وڃي. ڇو جو گھڻا ماڻھو راتين جو وقت بوقت سندس فليٽ منجھان نڪرندي يا اندر ويندي ڏٺا ويا ھئا. اڌڙ اھو سڀ ڪجھ ڏٺو ھو، سمجھيو به ھئائين مگر چپ ھو.

۽ اڄ، خبر ناھي فليٽ جي اندر ڇا ٿيو، مگر اڌڙ، پورن ستن ڪلاڪن پڄاڻان ستيه جي گھران نڪتو، تڏھن جڏھن راڌا جي ڏولي رواني ٿي چڪي ھئي.

ان کانپوءِ اڌڙ، اڪثر اتي وڃڻ لڳو. ماڻھن کي ڏاڍو اگرو لڳو ته ستيه اڌڙ سان واسطا رکڻ مان به نه مُڙي ۽ اھا ڳالھ کانئن ھضم نه پئي ٿي ته جنھن عورت سان سندن واسطا ھجن، تنھن سان ھن بندرڙوءَ جا به واسطا ھجن، پوءِ ڀل اھا رنڊي ئي ڇو نه ھجي. بس! ستيه جي خلاف ڄڻ پوري سوسائٽي ٽامڻي ٿي وئي…

ھڪ ٻن نوجوانن، اڌڙ کي ته ڪٽڪو به چاڙھيو…

اڌڙ، باھوڙجي اٿيو… مار کائي، وري وڃي ستيه وٽ پھتو.

ھوءَ بستري تي ليٽي پئي ھئي. شايد ٿورو بيمار ھئي. اڌڙ، سڌو سنئون، بنا رک رکاءُ جي چئي ڏنس؛ ”ستيه! مان توسان پرڻجڻ ٿو چاھيان!“

ستيه ھن ڏانھن ڏٺو ۽ ”ھون“ چئي، ٻئي طرف، پاسو بدلائي ڇڏيائين.

اڌڙ، زور سان کيس ٻانھن مان پڪڙي، پاڻ ڏانھن ويجھو ڪيو؛ ”ڇو؟ مون سان پرڻجي نٿي سگھين؟ مان ماڻھو ناھيان؟ ڇا تون به مون کي اڌڙ ٿي سمجھين؟“

ستيه اک وتائي ڏٺس ۽ چيائينس؛ ”مون کي سمھڻ ڏي! منھنجي طبيعت ٺيڪ ناھي!“

اڌڙ جي ھٿ مان ستيه جي ٻانھن ڄڻ ڇڏائجي وئي؛ ”ٺيڪ آهي! پوءِ مر! جھنم ۾ وڃ!“

اھو چئي ھو مُڙيو، ٺڙاڪ سان پنھنجي پويان دروازو بند ڪيائين ۽ ڏاڪڻيون لھي ويو.

اصل ڳالھ اھا به ناھي. ڇو جو ان کانپوءِ به پوري سال تائين اڌڙ ڇترپور سوسائٽيءَ ۾ ترسيل ھو… اُڙيون ٿُڙيون خبرون، ستيه جي باري ۾ ملنديون رھنديون ھئس. بلڊنگ سي وٽان لنگھڻ، ھن ڄاڻي واڻي گھٽ ڪري ڇڏيو ھو…

ڪنھن کيس ٻڌايو؛ ”ستيه کي پٽ ڄائو آھي ۽ اھا ڳالھ ڇترپور سوسائٽيءَ جا ماڻھو برداشت نٿا ڪري سگھن. ستيه جي سِرَ جي ڪڍ پئجي ويا آھن؛ ھن کي ڪڍو، فليٽ ڇڏايوس!“

وري به ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ستيه ڇھ مھينا کن ڪڍي وئي.

۽ اھا ھاڻي ڪالھ جي ڳالھ آھي ته اڌڙ، پنھنجي راشن جو ٻورو، پٺيءَ تي کنيو، ڪمپائونڊ ۾ گھڙيو ھو. ھن ڏٺو ته بلڊنگ سي جي ھيٺان وڏو ھنڀ لڳو پيو آھي. ھن پڇيو به ڪو نه، تنھن ھوندي به ڪنھن ٻڌايس؛ ”ستيه زھر کاڌو آهي.“

اڌڙ، ڇوھائيءَ سان مٿي ڀڳو. کانئس اھو به وسري ويو ته پٺيءَ تي راشن جو ٻورو به سٿيل آهي، حالانڪه ان کي ھي ڇڏي به سگھيو ٿي…

خبر ناھي ڇو، ماڻھو کيس رستو به ڏيندا ويا…

۽ نيٺ ھو تيرھن نمبر فليٽ جي دروازي تي پڄي ويو. ھن ڏٺو، ستيه جو لاش، اڃان پلنگ تي ئي پيو ھو ۽ ڇھن مھينن جو ٻارڙو، لاش سان کيڏي رھيو ھو.

سڄي ڪمپائونڊ ۾ پروفيسر جو آواز وڄي رھيو ھو؛ ”ھيءُ ٻار، اوھان منجھان ڪير پنھنجو ڪندو؟ توھان ۾ ايتري ته انسانيت آھي ته چندو ڪري لاش کي ساڙي ڇڏيندئو… مگر ھن ٻار کي… مان پڇان ٿو، ڪير پنھنجو ڪندو؟“

سموري جا سمورا، بت بڻيا بيٺا رھيا.

اچانڪ، اڌڙ جي ھٿان راشن جو ٻورو، ترڪي ھيٺ ڪري پيو. سمورا کيس تڪيندا ئي رھجي ويا…

ھُن پيرُ پيرَ ۾ ڏيئي وڃي ٻارڙي کي کنيو ۽ بغير ڪنھن ڏانھن ڏسڻ وائسڻ جي، ان کي ڪلھي سان لائي، ميڙ مان لنگھي، سوسائٽيءَ جي ڪمپائونڊ مان ئي ٻاھر ٽپي ويو.

پروفيسر جو آواز اڃان وڄي رھيو ھو؛ ”توھان سڀ اڌورا آھيو، اڌيڪا آھيو ۽ جنھن کي توھان اڌڙ سڏيندا ھئا، ڏسو، ڏسو اھو ڪيترو پورو آھي، ڪيترو مڪمل…“

***