اڏامندڙ ڌوڙ زاهد منگي Sep 2020
فون جي گهنٽي وڳي هيلو ڪيم ته پريان مون وارو دوست توحيد هيو، چيائين “تڪڙو ٻاهر نڪري آ ضروري ڪم سان هلڻو آهي.”
“هن مهل ٽاڪ منجهند جو هيڙي گرمي ۾”؟
مون بيزاري ڏيکاريندي کيس جواب ڏنو ته ڪاوڙجي پيو.
“وڏو نڪمو ۽ سست آهين، ڪنهن ڪم جو ناهين، ڪا مهل به ڏسبي آ، ڪنهن جي مجبوري به هوندي آ، تڪڙو اچ ضروري ڪم آهي.”
مون همراهه جو پارو هاءِ ڏسي، ٻاهر اچڻ لاءِ هائوڪار ڪري فون بند ڪئي.
ٻاهر نڪتس ته سج ڀرپور موج مستيءَ ۾ هو، زمين تي ڄڻ باهه جا الا وسائي رهيو هو.
مان هڪ دفعو وري ڀاڙي ٿي پيس ۽ کيس ڪال ڪري چيم
“يار شام نه ملئون، سج صفا ٻري ٿو ٻري”
“حيف هجي تنهنجي ياري تي، هن تپش کان ڊڄين ٿو باقي پوءِ سڀاڻي سنگت لاءِ تون سر ڏيندين.”
هن دفعي هن اڃان ڪجهه وڌيڪ خفا ٿيندي چيو،
“معافي يار معافي، بس اچان ٿو اچان.”
مان تڪڙو تڪڙو گهٽيءَ کان ٻاهر نڪتس ته هو پريان ڪنڊ ۾ هڪ گهر جي ڇانو ۾ بيٺو هو. وٽس پهتس ته وڏي خار مان اکيون ڦوٽاري ڏٺائين، کيس زبان سان ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ ٻانهون ٻڌي بيٺس.
“خبر به اٿئي ته مون واري ننڍي ڀاءُ تي ڪارنهن وارو مسئلو پيو هلي، رات مس وڃي فيصلو ٿيو آهي، پنج لک چٽي پئي آهي، هن مهل اها رقم ڇوريءَ جي ڀاءُ کي ڏيڻي آهي. اهو ڪڏهو ڪو بيٺو ٿو انتظار ڪري، هل ته هلي کيس ڏنڊ جي رقم ڏيئي اچون.”
توحيد موٽرسائيڪل ڦيرائي ته مان چڙهي ويٺس ۽ اڳيان ايندڙ لمحي لاءِ سوچڻ لڳس ته:
“هل هڪ ڀاءُ لاءِ ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه هوندي، هو ڪهڙي منهن سان هيءَ رقم وٺندو، ويچارو شرمسار هوندو، سندس دل تي ڇا گذرندي هوندي.؟”
تيز جهولو اسان جي جسم کي ساڙي رهيو هو. پير ڄڻ ٻرندڙ ٽانڊن تي پيل هجن، منهن ڄڻ تندور ۾ ڦاٿل هجي. شهر کان ٻاهر ٽالهي جي گهاٽي ڇانو ۾ سامهون ئي همراهه اسڪوٽر تي ويٺل نظر آيو، جتي هلي توحيد گاڏي جهلي. توحيد پنهنجي کيسي مان رقم ڪڍي کيس ڏني.
هن مرڪندڙ چپن سان رقم وٺي، اشهد آڱر زبان کي هڻي، هرهڪ نوٽ کي ڳڻي پئسا پورا هجڻ جي تسلي ڪري ڪجهه پئسا هڪڙي پاسي واري کيسي ۾ ته ٻيا ٻي کيسي ۾ وجهي. گاڏي کي ڪڪ هڻي ريس ڏني ته ڊاڳ مان ڌوڙ اڏي هو تيزي سان نڪري هليو ويو. پويان اڏامندڙ ڌوڙ اچي اسان جي منهن ۾ پئي.
zahidmng7@gmail.com