خاص

اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي

اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ماءُ ۽ مرحوم حاڪم علي زرداري جي گهرواري لاڏاڻو ڪري وئي. خانداني ذريعن موجب ڪيترن ئي هفتن کان بيمار زرين آرا بخاري مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ڏاڏي زرين آرا جي طبعيت ۾ خرابي سبب ڪراچي روانو ٿيو هو ۽ هن ڏاڏي جي علالت سبب لاهور جو دورو رد ڪري ڇڏيو هو.