اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صحت ۾ ڪافي بهتري آئي آهي
پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ چيو آهي ته آصف علي زرداري جي صحت ۾ ڪافي بهتري آئي آهي. هن لکيو ته هو هڪ ٻن ڏينهن ۾ اسپتال مان گهر منتقل ٿي ويندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڊاڪٽر عاصم سوشل ميڊيا تي بيان ڏنو هو ته آصف علي زرداري جي طبيعت ۾ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي، اڳوڻي صدر جي فزيو ٿراپي هلي رهي آهي.