اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نئين تصوير منظر عام تي اچي وئي آهي

پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي هڪ نئين تصوير منظر عام تي آئي آهي. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هن وقت بيمار آهي ۽ گذريل ڏينهن سندس صحت بابت مختلف افواهون سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون هيون جنهن کي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پاران رد ڪيو ويو. هاڻ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي تازي تصوير منظر عام تي آئي آهي جنهن ۾ هو آن لائين پنهنجن ٻارن سان ڳالهائي رهيو آهي. جنهن جي هڪ تصوير بلاول ۽ بختاور ڀٽو سماجي رابطن واري سائيٽن تي شيئر ڪئي آهي.
اڳوڻي صدر کي والد جي ڏينهن تي مبارڪباد ڏني وئي ۽ هو بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو ۽ بختاور ڀٽو زرداري سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. ياد رهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ جڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل ۾ هو، کيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان ضمانت منظور ٿيڻ بعد 11 جون 2019 تي نيب ٽيم پاران گرفتار ڪيو ويو هو. آڪٽوبر ۾ کيس اسلام آباد ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) منتقل ڪيو ويو. پيپلز پارٽي اڳوڻي صدر لاءِ طبي ضمانت طلب ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي عدالت 11 ڊسمبر تي آصف علي زرداري جي 10 لک رپين جي ضمانتي مچلڪن تي ضمانت منظور ڪري ورتي هئي. ضمانت حاصل ٿيڻ بعد آصف زرداري کي 13 ڊسمبر تي خاص جهاز ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جنهن بعد هو 14 ڊسمبر کان ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

