اڳڪٿي جي سائنس مشتاق ميراڻي
اسان مان ڪيترا ماڻهون پنهنجي مستقبل لاءِ پريشان هوندا آهن ۽ اميد هوندي اٿن ته ڇا انهن جي زندگي به ڪڏهن بهتر ٿيندي؟ بنگالي عامل يا طوطي ذريعي فال وجهڻ وارا ڪيترائي رستن تي ويٺل نظر ايندا، ڪيترا ماڻهون پيرن کان دعا گهرندا آهن ته انهن جا مسئلا حل ٿين. بيمار، بيروزگار، غريب ۽ نفسياتي مريض گهڻو ڪري پيرن ۽ عاملن کان پنهنجي مستقبل لاءِ اڳڪٿي ڪرائڻ لاءِ پئسا ڏيندا آهن. ڪيترا ماڻهون واپار ۾ ڪاميابي، محبوب سان شادي ڪرڻ، روزگار جو مسئلو حل ڪرڻ، بيماري مان جند آجي ڪرڻ ۽ قرض لاهڻ لاءِ تعويذ لکرائيندا آهن. اڪثر ڪري ماڻهون پامسٽ کي هٿ ڏيکاري پنهنجي شادي، ڪاروبار، نوڪري يا ٻين خواهشن لاءِ ڄاڻ وٺندا آهن. پراڻي دور ۾ يونان جي ڪلچر ۾ ماڻهون قسمت تي ڀاڙيندا هئا، پر جديد تهذيب اڳڪٿي جي سائنس ايجاد ڪئي آهي.
اڳڪٿي هڪ سائنس آهي جنهن جو بنياد اڳڪٿي تي ٻڌل آهي. يعني ماضي ۽ حال جي ڊيٽا کي سائنسي طريقي سان استعمال ڪري مستقبل لاءِ اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. مثال طور: ٻڙي معنيٰ مڪمل غير يقيني هوندي آهي ۽ 100 سيڪڙو مڪمل يقين واري اڳڪٿي هوندي آهي. نئين سائنس، وڏي ڊيٽا(Big Data) اڃان وڌيڪ اڳڪٿي جي سائنس کي مضبوط ڪيو آهي.
هن وقت دنيا ۾ جيڪي انسان جي طرفان ٺاهيل نظام موجود آهن اهي اڳڪٿي جي سائنس تي ٻڌل آهن. جنهنڪري بجلي، پاڻي، گئس، ريلويز، جهاز ۽ ٻين سڀني جي ڊزائين ۾ اڳڪٿي استعمال ٿيندي آهي. ايئن سمجهو ته جيڪڏهن انهن نظامن ۾ اڳڪٿي استعمال نه ڪجي ته اهي هڪ ڏينهن به هلي نه سگهندا ۽ ان ۾ تمام گهڻا خطرناڪ حادثا ٿي سگهن ٿا.
اڳڪٿي جي سائنس مستقبل جو حساب ڪندي آهي ۽ اها هميشه سائنسي اندازي تي ٻڌل هوندي آهي. اڳڪٿي هميشه انگن ۾ ظاهر ڪئي ويندي. مثال: پنجن سال کانپوءِ سنڌ جي آبادي 7 ڪروڙ ٿي ويندي يا هر سال 2 سيڪڙو آبادي ۾ واڌ ٿيڻ جو امڪان آهي. رياضي، اقتصاديات، سماجيات، نفسيات، ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ ٻين شعبن جي ڄاڻ اڳڪٿي ۾ استعمال ٿيندي آهي.
انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ هٿرادو ذهانت (Artificial Intelligence) استعمال ڪرڻ سان اڳڪٿي ۾ اڃان وڌيڪ يقيني (accuracy) اچي وئي آهي. اڳڪٿي ۾ يقيني تمام اهم آهي. اڳڪٿي ۾ يقيني جيتري وڌيڪ هوندي ته اها اوترو ڪم جي هوندي. اڳڪٿي لاءِ جيڪا ڊيٽا جي ضرورت هوندي آهي اها اعتماد جوڳي ڊيٽا هجي. جيڪڏهن غلط ڊيٽا استعمال ڪئي وئي ته اڳڪٿي جا نتيجا بلڪل غلط هوندا ۽ انهن جي يقيني تي اعتماد نه هوندو. مثال طور: شهر ۾ سراسري طور گهر ۾ ڪيترا ڀاتي رهندا آهن. جيڪڏهن انهن گهرن لاءِ ڄاڻ غلط لکي ڪمپيوٽر ۾ وجهنداسين ته ان جا نتيجا غلط ايندا. ان ڪري اڳڪٿي ۾ جيڪي انگ استعمال ڪيا ويندا آهن ۽ ان جي ضرورت اها آهي ته ڊيٽا بلڪل صحيح هجي.
جيڪڏهن اها اڳڪٿي 100 سيڪڙو يقين جي بنياد تي نه ٿيل هوندي ته انهن ۾ حادثن جا امڪان وڌي ويندا. مثال طور: هوائي جهاز، ريلويز، ٽرئفڪ جو نظام، پاڻي جو ڊئم، ڪئنال، گئس ۽ ٽيليفون جون پائيپ لائنون اچي وڃن ٿيون. عالمي طور مشهور روس ۾ چرنويل ائٽمي بجلي گهر ۾ ڌماڪو ۽ هندستان ۾ ڀاڻ جي ڪارخاني ۾ باهه، اسان جي سامهون مثال آهن. جنهن ۾ سلامتي جي اڳڪٿي غلط ٿيل هئي.
دنيا ۾ هر شيءَ تبديل ٿئي ٿي، تبديلي جو عمل هڪ سائنسي حقيقت آهي. ان ڪري حال ۽ ماضي جي ڊيٽا ذريعي مستقبل جي تصوير ٺاهي سگهجي ٿي. مثال طور: دنيا جي آبادي اڄ کان 50 سال يا 100 سال کان پوءِ ڪيتري هوندي.
اڳڪٿي وقت سان ڳنڍيل هوندي آهي. مثال طور: 5 سال، 10 سال، 50 سال، 100 سال يا 200 سال لاءِ اڳڪٿي معلوم ڪئي ويندي آهي جيئن بجلي جي شعبي ۾ 30 سالن ۾ بجلي جي ڪيتري کپت ٿيندي ۽ ان لاءِ ڪيترا بجلي جا ڪارخانا لڳائڻ جي ضرورت ٿيندي. هن عمل کي ٿورو عرصو، وچون عرصو، وڏو عرصو ۽ وڌيڪ وڏي عرصي جي اڳڪٿي چئبو آهي.
انسان کي ماضي ۽ حال جي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي، پر مستقبل جي ڄاڻ به انتهائي ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اڄ جو ڄميل ٻار وقت سان گڏ ان جي ضرورت وڌندي ۽ ان کان پهريان سماج ان لاءِ بجلي، پاڻي، گئس، روڊ، اسڪول، گهر ۽ کاڌي لاءِ بندوبست ڪري ڇڏي. سنڌ ۾ بجلي، روزگار، خوشحالي، پاڻي، صحت ۽ تعليم جي سهولتون اٽڪل 30 سيڪڙو آبادي لاءِ مهيا ٿيل آهن ۽ باقي 70 سيڪڙو آبادي انهن سهولتن کان محروم آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ترقي ڪيل ملڪ ٻار ڄمڻ کان پهريان اڳڪٿي ڪري ان جي لاءِ روزگار، کاڌو، تفريح وغيره جون سهولتون ڏيڻ جو بندوبست ڪندو آهي. ترقي ڪيل ملڪ اڳڪٿي جي غير موجودگي ۾ ڪوبه نظام نه ٺاهيندا آهن.
هڪ مشاهدي تحت سنڌ ۾ اڳڪٿي جي سائنس کي نه سمجهيو ويو آهي ۽ نه وري ادارن ۾ ان جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو فرد پنهنجي ذات ۽ خاندان تي تحقيق ڪري بهتر زندگي جي اڳڪٿي به ڪري ٿو.
اڳڪٿي جي سائنس پنهنجي ذات، خاندان، ڳوٺ، شهر، خانگي ادارن، سرڪاري شعبن، عالمي ماحول، علم جي هر شعبي جي ضرورت آهي. جيئن اڳ ۾ بحث ڪيو ويو آهي ته دنيا ۾ هر شيءِ وقت سان گڏ تبديل ٿئي ٿي ۽ ان جو مستقبل ۾ ٿوري ئي عرصي يا گهڻي عرصي ۾ ان تبديلي جي تصوير سازي ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ايئن نه ڪنداسين ته مستقبل ۾ سماج، ملڪ يا فرد لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا. جيئن پاڪستان ۾ ترقي ڪيل ملڪن ۾ بجلي، پاڻي، گئس، ٽرانسپورٽ، پوليس، عدالت وغيره وقت سان گڏ سٺو ڪم ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته هنن جي رٿا ۽ هلائڻ ۾ اڳڪٿي جي سائنس بنيادي ڪردار ادا ڪندي آهي. مثال طور: اڳڪٿي جي سائنس ٻڌائيندي ته هر سال بجلي جي طلب ۾ 3 سيڪڙو واڌ اچي ٿي ۽ ان لاءِ بجلي پيدا ڪرڻ، بجلي جون تارون ۽ بجلي سان لاڳاپيل اوزارن ۾ بهتري آڻي ان کي واڌ جي سيڪڙي يا ضرورت مطابق هلايو وڃي ٿو. ان جي برعڪس پاڪستان ۾ اڳڪٿي جي سائنس جو صحيح استعمال نه ڪرڻ ڪري بجلي جي نظام ۾ نقص رهجي وڃن ٿا ۽ بجلي جو استعمال ڪندڙ اڪثر ڪري عذاب ڀوڳيندا رهن ٿا.
هر شعبي ۾ اڳڪٿي ڪئي ويندي آهي، پر اهم سوال اهو هوندو آهي ته ان جي نتيجن ۾ يقين هوندو آهي يا نه هوندو آهي. مثال طور: معاشي ترقي ۾ 5 سالن ۾ ڪيتري واڌ ٿي سگهي ٿي ان لاءِ رياضي جا طريقا استعمال ڪري نتيجن جي يقيني حاصل ڪئي ويندي آهي. اهو ٻڌائڻ تمام ضروري آهي ته هر شعبي ۾ اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ بنياد علم رياضي مهيا ڪندو آهي.
انساني تهذيب جي شروع ٿيڻ سان اڳڪٿي جي شروعات ٿئي ٿي. خوف جي ڪري مختلف ماڻهون جا گروهه جيڪي پوءِ سماجن ۾ تبديل ٿيا چنڊ، سج ۽ تارن جي مشاهدي، پوءِ جادو، مذهبي رسمن کان وٺي 17 صدي تائين اڳڪٿي جا طريقا استعمال ڪندا هئا. ان ۾ انساني جانين جي قرباني به ان رسم ۾ شامل هئي. اڳڪٿي جي باقائدي سائنسي طريقا 17 صدي ۾ شروع ٿيا.
هاڻي اها بلڪل سائنس جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. مختلف بيمارين جي علاج ۾ به اڳڪٿي جي سائنس استعمال ٿئي ٿي. هن وقت انساني سماج ۾ ڪوبه اهڙو شعبو نه آهي جتي اڳڪٿي جي سائنس جي ضرورت نٿي پئي.
انگي(Quantitative) ۽ وصفي(Qualitative) جي اڳڪٿي گڏوگڏ معلوم ڪيون وينديون آهن. مثال: اڄ کان 10 سال پوءِ سنڌ جي آبادي ڪيتري هوندي ان کي انگي اڳڪٿي چئبو آهي ان ۾ ڪيترو سائنسي شعور هوندو اها وصفي اڳڪٿي هوندي.
جيئن ته انسان جو ٺهيل نظام انسانن جي ڀلائي لاءِ ئي هوندو آهي ان ڪري ان کي انگن سان گڏ انهن جون وصفون به معلوم ڪري انسان جي معيار زندگي ۽ خوشحالي لاءِ ٺاهيا ويندا آهن. اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته وقت ۽ ٽيڪنالاجي سان گڏ انساني خواهشون به تبديل ٿين ٿيون. تنهن ڪري انگن سان گڏ انساني خواهشون معلوم ڪرڻ لازمي هونديون آهن. هن وقت ڪراچي کان لنڊن لاءِ هوائي جهاز جي 7 ڪلاڪ پرواز آهي، پر تحقيق مطابق اهو وقت 7 کان 2 ڪلاڪن تائين گهٽجي سگهجي ٿو. ممڪن آهي اڳڪٿي هلي ٽيڪنالاجي جي ترقي ۾ اهو تيز ترين جهاز ذريعي اڌ ڪلاڪ ٿي وڃي.
تعليمي نظام اڳڪٿي جي سائنس جي اهميت تسليم ڪري پنهنجي شاگردن جي ڄاڻ ۽ استعمال جي صلاحيت وڌائي سگهجي ٿي، سرڪاري ادارن پنهنجي تحقيق ۽ رٿا جي مرڪزن ۾ به اڳڪٿي جو استعمال عالمي معيار جهڙو ڪري ته جيئن سنڌ ۽ ملڪ جا نظام بهتر ڪم ڪري سگهجن.
سياسي حڪومتون مرڪز ۾ هجن يا صوبن ۾ هجن پنهنجي پاليسي ۽ فيصلي سازي ۾ اڳڪٿي جي ٽيڪنالاجي مڪمل طور استعمال ڪري حڪومتي ادارن جي ڪارڪردگي وڌائين. ٻي صورت ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته هن وقت جيڪي به سرڪاري ادارا آهن انهن جي ڪارڪردگي بلڪل تسلي بخش نه آهي.
mirani55@gmail.com