بابا سائين ڏانهن خط ٻيون خط شهناز راهو | # جنوري 2022

1049 Shares

پيارا پيارا بابا مون کي هن ڀيري خط لکڻ ۾ ڪجهه دير ٿي وئي توهان ضرور منهنجي خط جو انتظار ڪيو ھوندو، هن ڀيري به يادگيريون ئي اوهان سان ونڊينديس. ڪيڏي مھل سوچ ٿيندي آهي ته بابا کي ته سڀ خبر آهي پوءِ به دل جي دروازي تي دستڪ ڏيندڙ يادگيريون ۽ اھي انمول لمحن جا احوال اوهان سان ئي ڪري سگهان ٿي ٻئي ڪنهن سان نه. بابا اوهان پنهنجي ان سچائي ۽ انسانيت واري انقلابي ڪم ۾ پنهنجي سڄي گهر کي شامل ڪيو جو اوهان جو اصول هو ته جيڪو ڪم ڪجي ان جي شروعات ۽ عمل پهريائين پاڻ ۽ پنهنجي گهر کان ڪجي. مون کي ياد آهي ستهتر ۾ هيرآباد واري جاءِ تي عورتن جي پروگرام ۾ توھان مون کي پڦي مريم ۽ ماسي نظير کي شامل ڪيو ٻيا سڀ ٻار ننڍا هئا اتي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ اوھان ۽ ٻيا ساٿي جيڪي پنھنجي عورتن سان گڏ آيا ھئا ھيٺ رڌ پچاءُ ۽ ٻي ضرورت جو انتظام پيا ڪندا هئا، مٿي عورتن جا ليڪچر پروگرام هلندا هئا. انهن ڏينهن کان اسان توهان سان ساٿ ۾  انقلابي ڪم جي شروعات ڪئي. شهرن، ڳوٺن ۽ جهر جهنگ ۾ ڪولهي ڀيلن جي چونرن ۽ ٻھراڙي جي غريب ھاري عورتن جا يونٽ کوليا ۽ انهن کي اهو احساس ڏياريو ته عورتون صرف گهر سنڀالڻ، ٻار پيدا ڪرڻ ۽ مردن جي خدمت لاءِ پيدا ڪونه ٿيون آهن، پر عورتون هڪ جيئرو جاڳندو وجود رکندڙ انسان آهن، انهن کي به سماج ۽ معاشري ۾ مردن جهڙا ئي حق آهن، کين ليڪچرن ۽ ڪچهرين ۾ انھن ملڪن جا انقلابي ڪتاب پڙهي ٻڌائبا هئا ته ڪيئن اتي عورتن مردن سان گڏجي سماج ۾ ظلم ۽ ناانصافي واري نظام خلاف جدوجهد ڪري پنهنجا حق حاصل ڪيا هئا. انهن ۾ ويٽنام جي ٿنا، چين جي ليو خولان ٽمي، سنڌ جي مائي بختاور ۽ ٻين انقلابي عورتن جي جدوجھد ۽ قربانين جون ڪهاڻيون هونديون هيون. اتي عورتن کي پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيو ان تي عمل لاءِ هر يونٽ جي ميمبرن کي پابند ڪيو ويو. بابا مون کي ياد آهي ته جڏهن توهان اسان کي پروگرامن ۾ وٺي ويندا ھئا ته سڄي واٽ اسان کان پوري رپورٽ وٺندا هئا ۽ سمجھائيندا هئا ته عورتن سان اوهان جو رويو، لهجو، ٻولي، اٿڻ ويهڻ انهن وانگر ئي هجي اوهان ۾ ۽ هنن ۾ ڪو فرق نه هجي جو هو اوهان کي پنهنجو سمجهي ڏک سور ونڊين. پيارا بابا اهڙي تربيت هڪ عظيم انسان ئي پنهنجي اولاد جي ڪري سگهي ٿو. مون کي ياد آهي هڪ رات جو پنهنجي گهر ميٽنگ لاءِ ڀيڻون گڏ ٿيون هيون اڃان باقاعدي ميٽنگ شروع نه ٿي هئي توهان ٻاهران آيا ته ان وقت آئون کٽ تي ويٺل هئس توهان مون کي سڏي چيو، ”بابا هي ڇا آهي ڀيڻون ھيٺ ويٺيون آهن اوهان مٿي کٽ تي.“ ايئن اوهان هر وقت هڪ هڪ ڳالھ نوٽ ڪري اسان جي اصلاح ڪندا هئا. هڪ ڀيري جيل ۾ ڪنهن ملاقات ڪرڻ واري کان اوهان پڇيو ته اسماعيل اسلم اوطاق تي ماڻهن کي هٿ ويٺي ويٺي ٿا ڏين يا اٿي، ايئن اوهان جي نظر ۽ سوچ ۾ سڀ ڳالھ هوندي هئي. گهر جي هر ڀاتي جي تربيت انهن کي سنوارڻ جو اوهان کي خيال هوندو هو. اڄ اوهان کي خط لکندي مون کي امان جي تمام گهڻي ياد پئي اچي جيڪا سڄو ڏينهن اوهان ۽ اسان ٻارن کي دعائون پئي ڏيندي هئي. مون کي اهو به ياد آهي امان جي وفات تي توھان اسان سڀني ٻارن کي ڀاڪرن ۾ ڀري ڏاڍو رنو هو، جيجي کي توهان چيو هو ته اڄ منهنجي دعا جو در بند ٿي ويو. بس بابا ايئن ڳالهيون ياد اينديون رهنديون آهن جيڪي ڪرڻ ٿي چاهيان جو اوهان مون کي سدائين چوندا هئا ته ڪابه ڳالھ دل ۾ نه رک سڀ مون سان ڪندي ڪر، سڀ ڳالهيون اوهان سان ڪبيون. بابا جڏهن توهان جيل ۾ هوندا هئا ته پويان ٻنيءَ ۽ ٻين ڪمن سان گڏ ٻني پوکائي جو تمام گهڻو خيال هوندو هو جو ان مان گهر، جيل، پارٽي جا خرچ به ٿيندا هئا جو خط ذريعي ئي سڀ احوال ٿيندا هئا، توهان مون کي اهو لکندا هئا ٻنيءَ جو حساب ڪتاب صديق کان پڇي مون کي لکي موڪليندي ڪر. توھان ڌيئرن ۽ پٽن ۾ فرق ڪونه رکيو بلڪه ڌيئن ۽ عورتن جي اوهان وٽ اهميت ۽ عزت وڌيڪ هئي. خاندان ۾ پراڻين رسمن سوچن ڪري غلط فيصلا بي جوڙ شاديون جن عورتن جون شاديون نه ٿيون انهن جي زندگي جو توهان کي ڏاڍو ارمان هو. اوهان جي اها ئي ڪوشش هئي ته هاڻ غلط رواج سوچ جي ڪري وڌيڪ ڪنھن جون زندگيون تباھ نه ٿين. خاندان ۾ صدين کان پيل روايت کي ٽوڙي منهنجي شادي خاندان کان ٻاهر ڪري هڪ مثال قائم ڪيو، جنھن سان ڪيترين نياڻين جون زندگيون ٺهي ويون. اها ڳالهه عام ٿي ته ابا فاضل پنهنجي نياڻي ٻاهر ڌارين ۾ ڏني باقي ٻيا ڪي مٿان لهي آيا آهن ڇا. بابا اوھان منهنجا نه صرف پيار ڪرڻ وارا پيءُ هئا، پر اهڙا دوست ۽ همراز هئا جيڪي خوشنصيب ڌيئن کي نصيب ٿيندا آهن. جنھن سماج ۾ ڌيئرون هجڻ ئي بدنصيبي سمجهي وڃي، زوري شاديون ڪرايون وڃن، ڇوڪرين کي ستن پڙدن ۾ ويهاري عزت، غيرت ۽ ملڪيت سمجھيو وڃي، اتي هڪ پيءُ ڌيءَ کان پڇيو شهناز بابا توکي ڪو ڇوڪرو پسند هجي ته ٻڌائي تنهنجي شادي ڪرايان جي هو غريب آهي ته ڪا ڳالھ ناهي، گهر به پاڻ ٺهرائينداسين. اوهان جڏھن منهنجو سڱ راهو برادري کان ٻاهر ڪيو ته اهو اهڙو فيصلو هو جو ستن پيڙهين ۾ ڪونه ٿيو هو، جنھن تي ڳوٺ جي راهو خاندان ۽ ڪجھ ويجهن ماڻهن سخت اعتراض ڪيو ۽ ڪاوڙيا ته فاضل جي ڌيءَ شهناز جي ٻي ذات ۾ ڪيئن شادي ٿيندي. ايتري قدر جو پوري ڳوٺ جي راهو برادري ادا صديق جي شادي کائڻ کان انڪار ڪيو. اوھان سڀني مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش سان گڏ اهو چيو ته ڌيءَ مون پنهنجي ڏني آهي اوهان صديق جي شادي کائيندا ته مون کي خوشي ٿيندي جي نه ته مرضيءَ وارا آھيو. پيارا بابا مون وٽ اها لسٽ به رکي آهي جيڪا منهنجي شادي جي سامان جي ماسي ٺاهي اوھان کي ڏني هئي ته ڏسي اوهان چيو ته شهناز کي ڏاج ڏيئي گهر مان ڪڍو ٿا ڇا ته ماسي چيو ته ادا ناٿڙا جيستائين پاڻ وڏا آهيون ته ٻي ڳالھ آهي پوءِ خبر ته ننڍا ڇا ڪن. اوھان چيو هو ته شهناز ۽ شهر بانو جا اهڙا ڀائر ئي ڪونه آهن جو انهن سان حساب ڪندا. پيارا بابا توهان اسان جي سکن خوشين جو خيال رکڻ سان گڏ هر حال ۽ مشڪل ۾ رهڻ لاءِ ذهني طرح تيار ڪيو ۽ وڏا خواب ڪونه ڏيکاريا. مون کي ياد آھي جڏهن خليل سان شادي جي ڳالھ ٿي هئي ته اوھان مون کي چيو ته پرائيويٽ اسپتال ۾ جاب اٿس، ٻارنهن سئو پگهار اٿس، اوهان ٻنهي لاءِ ڪافي آهي. شادي ٿي ته توهان ادا اسماعيل کي چيو هر مهيني جي پهرين تاريخ تي شهناز کي هزار رپيا سندس خرچ لاءِ ڏيندو ڪر. اوهان 1983 ۾ ايم آر ڊي واري تحريڪ ۾ گرفتار ٿيا ته 20 جون 86 تي آزاد ٿيا. مون کي ياد آھي ان ڏينهن اسان ڪراچي ۾ لطيف ڊي ملهائڻ لاءِ سنڌياڻي تحريڪ واريون عورتون محمد علي سوسائٽي ۾ رهيل هئاسين. سنڌياڻي تحريڪ جي ڀيڻن اوهان کي چيو  ايڪيھ تاريخ واري لطيف ڊي شرڪت ڪريو. توهان چيو ته سڀاڻي بينظير صاحبه لاهور ۾ اجلاس رکيو آهي ان ۾ مون کي وڃڻو آهي، ايئن توھان آمريت جي جيل مان آزاد ٿيڻ سان ئي جمهوريت لاءِ هلندڙ ايم آر ڊي  جي ٻئي رائونڊ واري جدوجهد ۾ سرگرم ٿي ويا. بعد ۾ عوامي نيشنل پارٽي سينيئر نائب صدر جي حيثيت ۾ اوهان پنهنجي سرگرمي جو دائرو سڄي ملڪ تائين وڌائي ڇڏيو. ان دوران منهنجي شادي جي تاريخ طئي ٿي، اوهان مون کي ڏھ ھزار ڏنا ته سڀني گهر وارن جا ڪپڙا به وٺو ۽ پنهنجي شاپنگ به ڪر. سنڌياڻي تحريڪ طرفان اسان جا مظاهرا هليا پئي جنھن تي پوليس لاٺي چارج ڪئي ان ۾ مون سميت ڪافي ڀيڻون زخمي ٿيون. شادي وارن ڏينهن ۾ اوهان روپوش هئا ادا اسماعيل کي توهان چيو ته جي آئون نه اچي سگهان تڏھن به شادي پروگرام مطابق ئي ڪجو، پر شادي واري رات اوھان آيا ۽ صبح جو مون کي رخصت ڪري هليا ويا. روپوش هجڻ ڪري نصرپور وليمي ۾ شرڪت نه ڪري سگھيا هئا. منهنجي شادي جو اهڙو فيصلو هو جنھن پنھنجي خاندان ۾ صدين کان انساني زندگيون تباھ ڪندڙ سماجي مدي خارج رواج جي ڪوٽن جا زنگيل ڪڙا لاهي هڪ نئون مثال قائم ڪيو. پيارا بابا اوهان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ گهڻيون ئي آهن جيڪي اوهان سان ٿينديون رهنديون. هن وقت رات جا ٻه ٿي رهيا آهن هاڻي موڪلاڻي.

اوھان جي ڌيءَ شهناز

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments