بلاگ

بابا سائين ڏانهن خط

بابا سائين مون توهان کي هڪ خط لکي حال احوال ڏنو ھو جيڪو اميد ته اوھان کي مليو هوندو اوهان سان اندر جو حال اورڻ کانپوءِ دل جو بار هلڪو محسوس ڪيم. بابا مون جيڪو خط اوهان کي لکيو هو اهو نئين زماني جي جديد ايجاد فيس بڪ تي رکيو ھو جنهن کي تمام گهڻن ماڻهن پڙهيو ۽ (اوھان جي ساٿين) اوھان لاءِ پنهنجي جذبن جو اظھار ڪيو. اوھان جي ساٿين تمام گهڻي سڪ اڪير مان گهڻا سلام چيا آهن يقينن انهن سچن ساٿين جا روح رشتا اوهان سان ڳنڍيل آهن. اوهان کي مون لکيو هو ته هتي اڳي جي ڀيٽ ۾ گهڻو ڪجھ بدلجي ويو آهي اڳي  سنڌ جي عوام جي ڳالھ ڪرڻ پارٽي جي لاءِ ڪيڏو نه مشڪل ڪم هو. پورهيت عوام ۽ سنڌ جي ڳالھ ڪرڻ معنيٰ ڪاريهر تي پير رکڻ هو مون کي ياد آهي ته ڪيئن اسان جا ڪامريڊ کٻڙن ڄارين ۽ جهوپڙين ۾ لالٽين يا ڏيو ٻاري ميٽنگون ڪندا هئا پنن تي لکيل ڪارروائي به لڪائي رکندا هئا بس هر ڪو ڪم ۾ هوندو، ڏينهن جا ڏينهن راتيون گهر کان ٻاهر، ٻار ٻچا پٺيان پيا جيئن تيئن گذارو ڪندا هئا، پر پنهنجي پارٽي جي ڪم ۽ ذميواري ۾ ڪڏھن ڪوتاهي ڪونه ڪندا هئا نه جان جي پرواهه. لاهوتي فقير جتي ڪم اتي رات رهي صبح وري ٻئي پاسي ڏانهن نڪري ويندا هئا، بس لطيف جي هن سٽ وانگر “نڪي کڻن پاڻ نڪي ساڻن پاڻ”

ان وقت شهرت ۽ واھ واھ جو مرض ڪونه هو ڪنھن کي ٻي ڪا طلب ڪونه هوندي هئي بس انهن سڀني کي اها لگن هوندي هئي ته اھو ڪم ڪرڻو آهي اهو حاصل ڪرڻو آهي جنهن سان طاقت بڻجي هن ظلم ۽ ناانصافي لاءِ گڏجي جنگ ڪريون ۽ پنهنجا حق حاصل ڪريون. ان خفيه ڪم ۾ ايڏي ڪا طاقت هئي جو دشمن قوتن کي سدائين خوف هوندو هو هي اسان جي نظام کي ڊاهي پٽ ڪري سگهن ٿا ان خوف ۾ هنن سدائين سچن ۽ ڪم ڪرڻ وارن ڪارڪنن ۽ ليڊرن کي جيلن ۾ واڙي رکيو. ان وقت ميڊيا جو ايترو دور به ڪونه هو گرفتارين جي خبر ڪڏھن امن ۽ هلال پاڪستان اخبار ۾ لڳندي هئي ته وڏي ڳالھ هئي مٿان اخبارن رسالن تي پابندي اديب لکڻ وارا جيل ۾ قيد ڪيا ويا هئا. مون کي ياد آهي جڏهن طارق اشرف جيل ۾ هوندو هو اوھان ان جي ماءُ سان فون تي ڳالهائيندا هئا ته چوندا هئا، “امان امان اسان تنهنجا پٽ ويٺا آهيون پرواهه نه ڪر“ ان وقت اوهان جي پنهنجائي ۽ پيار وارو مهڪندڙ چھرو اڄ به منهنجي دل تي نقش آهي بابا ڳالھ نڪتي آهي ميڊيا جي ان ڪاري دور جي ته اوھان سان اهو سور به سليان. جڏهن 1978ع ۾ جنرل ضياءُ جي مارشلائي دور ۾ پريس تي سينسرشپ جي خاتمي ۽ اظهار آزادي جي لاءِ صحافين جي تحريڪ هلي هئي ته ان ۾ پارٽي گرفتارين ڏيڻ لاءِ ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو جنھن ۾ تمام گهڻن ڪارڪنن گرفتاريون ڏنيون ادا صديق به گرفتاري ڏني مٿس گهڻو تشدد ڪيو ويو جنهن جي ڪري سندس جگر سخت متاثر ٿيو ۽ ٻاهر اچڻ کانپوءِ ٻه ڀيرا جگر جو علاج ڪرايائين. 1984ع ۾ ايم آر ڊي جي جدوجھد دوران روپوشي ۾ ايڪسيڊنٽ جو ڌڪ سندس جگر جالي نه سگھيو جيڪو سندس وفات جو سبب بڻيو. 1980ع جي صحافين واري تحريڪ دوران لاڪ اپ ۾ ٻن ڏينهن جو احوال سندس ھٿ اکر مون وٽ ھڪڙي ڪاپي ۾ لکيل آهي. سوچيم ته اوهان ڏانھن موڪليان ادا صديق ۽ ھن جي سچائي ۽ بھادري کي ياد ڪري ان مان ھمت ۽ حوصلو حاصل ڪريان..

صديق راهو (ڊائري جا ورڪ):

هاري ڪميٽي بدين پاران منهنجي گرفتاري 12.9.78 شام جو پنج وڳي لالو کيت ۾ ٿي مون سان گڏ مساوات لاهور جو محمود زمان ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاگردياڻي آصفه رضوي گڏ گرفتاري لاءِ پيش ٿيا جيئن اسان هار پائي بينر مٿي کڻي بندر روڊ تي ظاهر ٿياسين ۽ نعرا لڳائيندا ٿورو اڳتي وڌياسين ته سيٽيون لڳي ويون آئون ۽ محمود زمان اڳيان هئاسين ته ڊي. ايس. پي اچي مون کي ٻانهن ۾ جهليو ٻئي طرف کان خانگي ڪپڙن ۾ ٻه ٽي ماڻهو چنبڙي ويا ڊي. ايس. پي بينر کسي ورتو مون کي جهلڻ کانپوءِ ڊي. ايس. پي گاڏي گاڏي چوندي اڳتي نڪري ويو پوءِ وري پٺتي واپس ٿي اچي اسان کي گاڏي ۾ چاڙهيائون هڪ ليڊيز انسپيڪٽر آصفه رضوي کي جهليو ۽ اسان کي کڻي ڊي. ايس. پي آفيس آيا اتي ويهاريائون ٿوري دير کانپوءِ اسان ٽنهي کي ايس. پي وٽ وٺي ويا ايس. پي نالا ۽ ايڊريسون پڇيون ته ڪهڙي پارٽي سان تعلق آهي ڪڏهن آيا ۽ مظاهرو ڪيئن ڪيو وغيرہ پڇيو. محمود زمان ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ آيو آهيان پريس ڪلب ۾ رهيل هئس مون چيو آئون اڄ ڳوٺان نڪتو آهيان ۽ پريس ڪلب تي آيس اتان گڏجي گرفتاري لاءِ پيش ٿياسون ايتري ۾ چانھ کڻي آيا اسان انڪار ڪيو ليڪن اسان کي پياريائون اتي ايس. ڊي. ايم ناظم آباد به هو، هن مون سان انگريزي ۾ ڳالهايو مون چيومانس مون سان سنڌي ۾ ڳالهائي انگريزي وغيره آئون سمجهان ڪونه. ان تي آصفه رضوي هن کي چيو اوهان هرو ڀرو ڇو ٿا سوال ڪريو هنن ماڻهن کي به تڪليفون آهن تڏهن ته بدين کان هتي آيو آهي. ان تي ايس. ڊي. ايم جنھن جو نالو اسلم ۽ ذات جو سنجراڻي هو تنهن مون کي چيو ته توهان جو ڪهڙي پارٽي سان تعلق آهي مون چيو سنڌي هاري ڪميٽي سان ان کانپوءِ وري اسان کي ايس. ايس. پي وٽان اٿاري جتي پهريائين اسان ويٺا هئاسين اتي ويهاريو ويو. اتي ھڪ صوبيدار سنڌي هو ان کي بيج لڳل هو نالو سرور ميمڻ لکيل هئس ۽ ٻيو سنڌي همراهه نظر آيو جنھن کي سوٽ بشرٽ پيل هو ان کان مون پڇيو اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو چيائين آئون هتي سپاهي آھيان مون چيس اهو ته ٺيڪ آهي ته توهان سپاهي آهيو ليڪن جيڪڏھن صحيح نالو وغيره ٻڌائيندا ته اسين سي. آءِ. ڊي وارا يا ڪرمنل ڪونه آهيون جو اوهان کي نقصان پهچندو پوءِ ٻڌايائين ته منهنجو نالو غلام مصطفيٰ شاهه آهي هتي لياقت آباد ٿاڻي تي اي. ايس. آءِ آهيان اسان خود به اسٽرائيڪون وغيره ڪندا هئاسين. مون پڇيس اوهان ڪڏھن اسٽرائيڪون ڪيون ته چيائين ايوب جي وقت ۾. مون چيومانس اوهان کي نوڪري ته ڀٽي جي دور ۾ ملي هوندي. چيائين ها، مون چيومانس ته ڀٽي به ڪافي ماڻهن کي لالچون ڏئي چپ ڪرائي ويهاري ڇڏيو ته چئين ڇا ڪجي وقت ته گذارڻو آهي. اتي هڪ ويٺل ماڻهو مون کان پڇيو اوهان بدين جا آهيو؟ مون چيو ها ته چيائين ايس. پي صاحب گولاڙچي جي انسپيڪٽر سان ڳالهائي پيو ان کانپوءِ وري ڊي. ايس. پي وٽ وٺي ويا پهرئين محمود زمان کي پوءِ مون کي بعد ۾ آصفه رضوي کي اتي صرف هڪ منٽ ترسائي وري ٻاهر ڪڍي ساڳي جڳھ تي ويهاريائون. ٿوري دير ۾ ڊي. ايس. پي آيو مون کي چيائين ته هيڏانهن اچ بدين وارو تون آهين آئون اٿيس ته منهنجي ٽوپي ميز تي رکيل هئي، چيائين ته اها به کڻيو اچ مون کي ٻاهر وٺي آيو تيستائين گاڏي اچي بيٺي ڊي. ايس. پي چيو گاڏي ۾ ويھ. مون سان گڏ ٻه اڳيان ماڻهو ويٺا ٻه پويان سڀني کي خانگي ڪپڙا پاتل هئا اسان کي گاڏي ۾ ويهاري ڊي. ايس. پي جنھن کي بدين جو سپاهي ٿي سڏيو ان کي ڪن ۾ ڪجھ چيو ان کانپوءِ ڪار هلڻ لڳي رستي ۾ هڪ پيٽرول پمپ تي بيٺي اتان هڪ گيلن پيٽرول وجهرايائون ان بعد ايئرپورٽ روڊ تي هلڻ لڳا. مون ان وقت دل ۾ سوچيو هو جڏهن گاڏي ۾ ويهاريائون ته پڇا ڳاڇا لاءِ وٺيو پيا وڃن، ليڪن سڌو ڪلفٽن ٿاڻي تي کڻي آيا ۽ اتي مون کي لاهي هڪ بند ڪوٺي ۾ وڃي بينچ تي ويهاريائون اتي هڪ ننڍي کٽ ۽ سامھون وڏيون ٽيبلون پيل هيون ۽ منهنجي خيال ۾ اتي ماڻهن کي سمهاري ماريو ويندو آهي مون وٽ اندر دروازي تي ھڪ سپاهي ويٺو هو مون ان کي پاڻي لاءِ چيو ليڪن بار بار چوڻ کانپوءِ صرف ٻه ٽي سرڪيون پاڻي جون ڏنائين. جڏهن پيشاب ڪرڻ لاءِ چيم ته هٿ ڪڙيون کڻي آيا ٻنهي هٿن ۾ لڳائي ٻاهر پيشاب ڪرائڻ لاءِ وٺي ويا واپس اندر اچي هٿ ڪڙيون کوليائون تقريبن 10 وڳي منهنجي تلاشي ورتي وئي. ان کانپوءِ مون کي ٻئي پاسي واري ڪوٺي ۾ وٺي آيا اتي ٽي ڪرسيون پيل هيون هڪ تي صاحب ويٺو هو ان جي اڳيان ٽيبل هئي سامھون خالي ڪرسي پيل هئي هن مون کي ان تي ويهڻ لاءِ چيو منهنجي کاٻي هٿ تي پٺيان هڪ ٻيو ماڻهو ويٺل هو جنھن جي عمر تقريبن پنجاهه سالن کان مٿي هئي، ليڪن ٿلهو متارو هو جيڪو صاحب هو ان جي عمر ٽيھ پنجٽيهه سال ھئي. همراهه کي سوٽ بشرٽ پيل ۽ ڪلين شيو تنجيل مکيل ھو ۽ سندس اڳيان گولڊ ليف سگريٽ جو پاڪيٽ پيل هو. هن مون کي سگريٽ پيئڻ جي آفر ڪئي مون چيومانس آئون سگريٽ ڪونه پيئندو آھيان ان کانپوءِ صاحب موصوف مون کان پڇا ڪرڻ لڳو، مون کي چيائين شراب، چرس، آفيم وغيره پيو ته توھان کي ڏيون. مون چيس ته آئون سگريٽ به نه پيئندو آھيان. پوءِ نالو ڇا آهي؟ محمد صديق ڳوٺ ڪهڙو آهي؟ چڪ نمبر 11 آهي، ڳوٺ جو نالو ڇا آهي؟ ڳوٺ جو نالو ڪوبه ڪونهي چڪ آهي، چڪ ڪڏھن ٺهيا؟ مون چيو ايوب خان جي دور ۾ ٺهيا. توهان ڇا ڪندا آهيو؟ منهنجي ٿوري زمين آهي جيڪا آباد ڪرائيندو آھيان، زمين گهڻي آهي چوويهه ايڪڙ. تنهنجو پيءُ آهي؟ ها، اهو ڇا ڪندو آهي؟ اهو پيرسن ماڻهو آهي 55/60 سال کن عمر اٿس، ڪجھ ڪونه ڪندو آهي، صرف گهر ۾ ويٺو هوندو آهي. هتي تون ڪيئن آئين ڪهڙو جذبو هو جنھن توکي آندو، هاري ڪميٽي سان تنهنجو تعلق ڪهڙو آهي؟ ڪميٽي جو بدين ضلعي جو نائب صدر آهيان، هتي پنهنجي ڳوٺان نڪتس گولاڙچي آيس اتان بس ۾ چڙهيس ۽ ڪراچي ۾ تين هٽي تي لٿس ۽ اتان پريس ڪلب پهتس اسان گرفتاري لاءِ پيش ٿياسين، توکي ڪنهن ماڻهو چيو ۽ تو ڪنھن سان ان باري ۾ صلاح مشورو ڪيو هوندو. مون ڪنھن سان به مشورو ڪونه ڪيو اسان جي ڪنوينر شير خان لنڊ جو اخبار ۾ بيان پڙهيو جنھن ۾ هن جدوجهد جي حمايت ڪئي آهي ۽ اخبار ۾ به پڙهندو هئس ته هاري به گرفتاريون پيا ڏين تنهن کانسواءِ هارين سان به ظلم آهن جو انھن کي بيدخل ڪيو ٿو وڃي، هنن کي ٿاڻن ۾ بي گناھ بند ڪيو ٿو وڃي، تنهنڪري مون سوچيو ته آئون به گرفتاري لاءِ وڃان. تو پئسا ڪٿان آندا؟ مون پنهنجون ٻه مڻ ساريون وڪيون ان جا گهڻا پئسا مليا 55 رپيا ڪهڙي دڪاندار کي ساريون ڏنيون ان جو نالو ڇا آھي؟ ٻڍو لانگها ڪڏهن وڪئي 9 11 تي اسان ان کان پڇون غلط نڪري پوءِ اوهان ڀلي پڇو ساريون وڪڻڻ لاءِ تو گهر ۾ ڪنهن کان اجازت ورتي چيو هوندئي ته ڇا جي لاءِ ٿو وڪڻان. اسان جي ڏيڍ ٻه سئو مڻ جي اندر آبادي ٿيندي آهي جيڪا اسين رکي ڇڏيندا آهيون ۽ ضرورت وقت کپائيندا آھيون اھو ان گهر ۾ رکيل هوندو آهي ۽ منهنجي پيءُ جي حوالي هوندو آهي ضرورت وقت آئون ان کان پڇي پوءِ وڪڻندو آھيان. مون چيو آئون شهر ٿو وڃان ان ڪري وڪڻان ٿو اتان ٻارنهن تاريخ تي ڪهڙي ٽائيم تي اُٿين ۽ ان لاءِ تو ڪنهن کي چيو هو ڪهڙي ٽائيم تي اٿاريائون. ها مون گهر وارن کي چيو هو چار وڳي اٿاريائون. ان کانپوءِ تو ڇا ڪيو مون ڏندڻ ڏنو ۽ وهنجس ۽ ڪپڙا پاتم ۽ پنجين وڳي روانو ٿيس پنڌ. پوءِ ڪٿي آئين گولاڙچي اتي ڪهڙي ٽائيم تي پهتين، اٺين وڳي کن، ڳوٺ کان گهڻو مفاصلو آهي 10/12 ميل ايترو مفاصلو ته ماڻهو ٻن ڪلاڪن ۾ ڪندا آهن، ڪندا هوندا ليڪن مون کي ايترو ٽائيم لڳو. تو ڏاڙهي ڪڏهن لاٿي هئي. 9. 11 تي يعني ڪلھ شام جو گولاڙچي اچڻ کانپوءِ تو ڇا ڪيو. چانھ پي بس ۾ ويٺس تين هٽي تي لٿس. ان لاءِ توکي ڪنھن چيو ھو ته تين هٽي تي لهجانءِ. نه ڪنهن نه چيو ھو، لهڻ کانپوءِ رڪشا ۾ چڙهي پريس ڪلب ويس. رڪشا وارو صحافي هوندو مون کي خبر نه آهي ته ڪير هو رڪشا واري کي تو ڇا چيو، مون چيو پريس ڪلب تي هلي ڇڏ گهڻو ڀاڙو ورتائين پنج رپيا اڇا ميٽر سان. نه مون کي چيائين پنج رپيا وٺندس. اتي وڃڻ کانپوءِ تو ڇا ڪيو اندر ويس اتي ٻه ماڻهو ويٺا هئا جن ۾ هڪ ڇوڪري هئي مون انهن کي چيو ته آئون هن سلسلي ۾ آيو آهيان هنن مون کي ويهاريو پوءِ اتان آصفه رضوي ۽ محمود زمان گڏجي گرفتاري لاءِ نڪتاسين اتي توکي چانھ يا ماني کارايائون ۽ صلاح ڪئي هوندائون. ڪجھ به نه مون اتي پاڻي پيتو. اڇا ڀلا اتي ڪهڙي ڳالهه ٻول هلي رهي هئي، ڪابه نه هنن مون کي صرف اهو چيو اڄ توسان گڏ اسان گرفتاري ٿا پيش ڪريون. هار ۽ بينر توهان ڪٿان آندا، هار ۽ بينر هنن وٽ هئا مون هنن کي چيو مون کي هار وٺي ڏيو ۽ بينر ٺاهي ڏيو. اتي ٻيا ماڻهو هئا ۽ انهن جا نالا توکي اچن ٿا، ضرور نالو وٺي ڪا ڳالھ ٻولھ ٿي هوندي. مون  ڪنھن جو به نالو ڪونه ٻڌو، محمود زمان ۽ آصفه رضوي به ايس. پي وٽ نالا ٻڌايا هئا، تون پريس ڪلب تي پهتين ته هو تنهنجو انتظار ڪري رهيا هئا. مون کي خبر نه آهي ته هو انتظار ڪري رهيا هئا يا نه. پريس ڪلب مان نڪري بندر روڊ تي ڪيئن پهتا، ڪنهن بس ۾ چڙهيا، ٽيڪسي ۾ يا پنڌ. اسان بس ۾ چڙهياسين، بس ڀاڙو گهڻو ورتو، مون کي خبر نه آهي شايد محمود زمان ڏنو، محمود زمان ۽ تون گڏ ويٺل هئا، نه اسان جي وچ ۾ چار پنج ماڻهو هئا. بينر ۽ هار ڪنهن وٽ هئا، هر ڪنهن وٽ پنهنجو بينر ۽ هار هو. اهي اوھان ڪھڙي طريقي سان کنيا هئا، محمود زمان ۽ آصفه وٽ هٿن ۾ ويڙهيل هئا، مون وٽ اخبار جي پني ۾ ويڙهيل هئا. بس ۾ ڪٿي لٿا ۽ گرفتاري لاءِ ڪٿان نڪتا. بس مان لهڻ واري جاءِ جي ته خبر نه آهي ڪهڙي هئي، اسان اتان هڪڙي گهٽي مان نڪري اچي رستي تي گرفتاري لاءِ پيش ٿياسين. تو هي ڪپڙا ڪڏهن پاتا آهن پوءِ هنن تي ڪو داغ وغيره نه آهي، نه وري بس جي سيٽ جو نشان ۽ گرمي به اڄ ڪافي هئي، تنهنجي جتي تي به ڪو مٽيءَ جو نشان ناهي. اسان چئون ٿا تون اڄ ڪونه آيو آهين، مون چيو آئون اڄ آيو آهيان باقي توهان چئو ٿا ڀلي چئو، تون چئو ته اڄ ڪونه آيو آهيان، ٻه ٽي دفعا هنن مون کي ايئن چيو منهنجي انڪار تي منهنجي چپل لهرائي ان سان ڪٽڻ شروع ٿي ويو. پويان ويٺل همراهه مڪن ۽ ٿڦڙن سان شروع ٿي ويو، چون بولو بولو مون چين ڳالھ اها آهي ته آئون اڄ آيو آهيان، ٿڦڙن ۽ مڪن جو سلسلو هلندو رهيو، هڪڙو شروع ته ٻئي وري چيو ٿي اري نهين شريف آدمي هي بتائيگا، وري منهنجي قميص گنجي لهرائي منهنجي چپل سان پٺن ۽ ڪنڌ جي مرمت ڪئي وئي، مار ڪڍي ٿڪيو پون ته هٿ منهن ڌوئاريو گنجي ۽ قميص پارايو وريو پڇن ته توهان جو وڏيرو ڪير آهي. مون چيو اسان وٽ وڏيرو ڪير به نه آهي، ڳوٺ جو ڪو نه ڪو وڏيرو ته هوندو جيڪڏھن اسين چئون تنهنجو پيءُ وڏيرو آهي اوهان ڀلي چئو ته چيائين نه تون چئو منهنجو پيءُ وڏيرو آهي، آئون ڪونه چوندس اوهان جا ٻيا عهديدار ڪير آهن، مون کي خبر ناهي تون نائب صدر آهين صدر سيڪريٽري ٻيا به ته عهديدار هوندا انهن جي مون کي خبر نه آهي تون نائب صدر ڪيئن ٿئين ۽ ڪنھن ڪيو، ڪڏهن ڪيو تو ۾ ڪهڙيون صلاحيتون هيون جو توکي نائب صدر ڪيائون. مون کي سال ڏيڍ کن اڳ ۾ ڪنوينر شير خان لنڊ نائب صدر ڪيو هو، آئون هارين سان جيڪي ظلم ٿين ٿا انهن جي ڳالھ ڪندو آهيان، تنهنڪري مون کي نائب صدر ڪيو ويو هو، باقي ٻين عهديدارن جي مون کي خبر ناهي. تو هارين لاءِ ڪو ڪم ڪار ڪيو ۽ انهن جا ڪم ڪيا آئون هارين جو ڪھڙو ڪم ڪري ٿو سگهان هي جيڪي بدين مان هاري آيا آهن اهي تو موڪليا آهن ۽ اڄ تون پاڻ آيو آهين نه اهي هاري مون ڪونه موڪليا آهن، اهي از خود آيا هوندا باقي آئون آيو آهيان. توهان جي تنظيم هوندي ان جي پلاننگ هوندي تون ڪيئن ٿو چئين ته مون کي خبر ناهي. تنظيم وغيره سان منهنجو ڪو واسطو نه رهيو آهي جو مون هارين لاءِ ڪو ڪم ئي نه ڪيو آهي ان ڪري ڪنوينر جو مون سان وري ڪو رابطو ئي نه رهيو آهي جيڪي هاري وغيره اچن ٿا انهن جو خرچ ڪير ٿو ڏئي؟ پويان انهن جي گهروارن کي خرچ ڪير ڏيندو آهي؟ مون کي ان جي خبر ناهي وري به مون کي قميص گنجي لهرايائون ۽ ڪنڊ ۾ ٻانهون مٿي ڪري بيهاريو ويو پيٽ ۾ ٺونشا هنيا ويا ۽ پوءِ ڪڪڙ ڪري بيهاريو ويو. چيائون هن ڪمري ۾ ڊوڙ مون چيو مون کان ڊوڙيو نٿو ٿئي ان تي وري ٿڦڙ ۽ ٺونشا هنيائون ان کانپوءِ ٻاهر ڪڍي جنهن ڪمري ۾ پهرين ويهاريائون اتي وٺي آيا هٿ ڪڙيون هڻي ڪلفٽن ٿاڻي تي وٺي آيا، اتي ليڊيز لاڪ اپ خالي ڪرايو ويو، جنهن ۾ هڪ عورت پوريل هئي منهنجي جتي ٻاهر لهرايائون ۽ ان وقت مون سپاهي چوڪيدار لاڪ اپ کان ٽائيم پڇيو جنهن رات جا اڍائي ٻڌايا ۽ لاڪ اپ ۾ ڪابه شيءِ نه هئي مون هنن کان کٿو گهريو ته چيائون هينئر ڪونه آهي صبح جو ڏينداسين مون کي لاڪ اپ ڪرڻ وقت اي. ايس. آءِ اڪرم خان جهڙتي ورتي کيسي مان چاليھ رپيا ڪڍي ورتا، لاڪ اپ ۾ آئون فرش تي ليٽي پيس بدن ۾ سور ۽ تڪليف سبب جهٽڪن جهٽڪن سان ننڊ آئي ٿي صبح جو اٿي پوڙهي لاڪ اپ چوڪيدار کان پاڻي گهريم جنهن مون کي پاڻي جو گلاس ڏنو مون منهن ڌوتو ڏهين وڳي کن مون چوڪيدار کي چيو ته صوبيدار کي چئو ته مون کي پنهنجي پئسن مان چانھ گهرائي ڏئي ليڪن چانهه وغيره ڪجهه نه ملي. شام جو تقريبن پنجين وڳي ٻه سپاهي آيا لاڪ اپ کولي مون کي اٿاريائون ۽ هٿڪڙيون هڻي وري به پوليس لائين وٺي آيا جتي ساڳين صاحبن جي اڳيان حاضر ڪيو ويو جن پھرين ته مون کي دڙڪا ڏنا ته ابتو ڪري ٽنگيوس حرامي ڪٿي جو ليڪن وري ٻئي صاحب دلال سڏي ڪرسي تي ويهاريو ۽ چيو ته تون خوامخواهه ڇو پيو موچڙا کائين ۽ پريشان ٿئين سچي ڳالھ ٻڌائي ته توکي ڇڏي ڏيون، ليڪن سچ ٻڌائيندين ته. مون چيو ڳالھ اها آھي باقي توهان جي مرضي، چيائون ته ڏس ڀٽي جي وقت ۾ به ڇا مليو ماڻهن کي، وڏيرن غريبن جون عزتون لٽيون ۽ مائون ڀيڻون کنيون هيئنر ته انهن جو تحفظ آھي مون چيو ته هينئر به ماڻهن سان ساڳيو ۽ ان کان به وڌيڪ ظلم آهي چيائون ڀلا تون نماز پڙهندو آهين، مون چيو ڪڏهن ڪڏهن جمعي جي نماز پڙهندو آهيان، ان ۾ رڪعتون گهڻيون آهن مون چيو چار. چڱو پهرين ڇا پڙهبو آهي، مون چيو چار رڪعتون، هي ته مسلمان ئي ڪونهي، شروع ٿي ويا جوتن ۽ مڪن ۽ ٺونشن سان وري چيائون ته تنهنجو مرشد آهي مون چيو ها نالو ڇا آهيس مون جواب ڏنو ولي شاھ ان جو قسم کڻ ته تو جيڪو ڳالهايو آهي اهو سچ آهي، مون قسم کنيو ته جيڪي ڪجھ ٻڌايو  اٿم اهو سچ آهي، قسم سان ٿو چوان. چيائون ته نالو وٺي قسم کڻ مون نالو وٺي قسم کنيو تڏھن وري موچڙن سان شروع ٿي ويا قميص گنجي لهرائي ڪنڊ ۾ بيهاريو ويو ڌڪا ٺيلها ٿڦڙ هنئون ۽ چئون ته قسم واپس وٺ تو مرشد جو ڪوڙو قسم کنيو آهي. مون چيو ته قسم ڪوڙو نه آهي باقي توهان چئو ته ڀلي ڪوڙو آهي آئون ڪونه چوندس وري چيائون تون ڪلھ ڪونه آيو آهين مون چيو آئون ڪلھ آيو آهيان باقي توهان چئو ته جڏهن به چئو ته ٻڌايان ته ان ڏينهن تي آيو آهيان. نه تون چئو موچڙا ٺونشا به هڻندا رهيا وري چون هي ايئن سچي ڪونه ڪندو ابتو ڪري ٽنگيوس هن ۾ ته ڪجهه سهڻ ئي ناهي هڪڙو منٽ به سهي ڪونه سگهندو پاڻهي ٻڌائيندو تقريبن ساڍي اٺين وڳي تائين اهو ڪندا رهيا ان کانپوءِ سپاهين کي سڏ ڪري وري هٿ ڪڙيون هڻي واپس ڪلفٽن ٿاڻي تي وٺي آيا اتي مون سپاهي کان ٽائيم پڇيو ان نو ٻڌايا لاڪ اپ ۾ بند ڪري ڇڏيو. مون لاڪ اپ جو پوڙهو چوڪيدار پٺاڻ  هو ان کي ڪمبل لاءِ چيو تہ چيائين ڪمبل اسان وٽ ڪونهي ان لاءِ ڊي سي پرميشن ڏيندو پوءِ هن مون کي سندس چادر آڻي ڏني چيائين صبح جو سويل ڏجانءِ مون چيو ها، چادر تمام وڏي ھئي مون ان کي وڇائي اڌ پاسو مٿان ڪيو ۽ اڌ هيٺ ان تي رات گذاريم صبح ڇهين وڳي سويل چادر واپس ڪيم ۽ صبح جو ان مون کي چانھ آڻي ڏني جيڪا مون پيتي تقريبن يارهين وڳي لاڪ اپ جو دروازو کليو ڏٺم ته سامهون سانوڻ چانگ بيٺو هو ان کي پوليس واري اندر ڪيو ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيو، سانوڻ مون کي هٿ ڏنو پاسي ۾ ٽوال وڇائي ويهي رهيو، مون پڇيو مانس ڏي خبر چار ڪڏهن آيو آهين چيائين ته ٽيو ڏينهن ۽ ڪالھ گرفتاري پيش ڪئيسون رات لياقت آباد ٿاڻي تي هئاسين صبح جو ڪورٺ وٺي ويا اتان ٻي تاريخ ملي آهي ۽ هيڏانهن وٺي آيا آهن. مون چيو تو سان گڏ ٻيا همراهه آيا آهن چئين ته ها مون سان گڏ رب ڏنو بچايو ۽ قمر الدين آيا آهن. مون چيس اتان ڪنهن سان آيا، چيائين ٻه شاگرد هئا انهن سان گڏ آياسين، مون پڇيس تون انهن کي سڃاڻين؛ چئين نه مون چيو مون کي ٻه راتيون مار ڪڍي اٿن ۽ توکي به ڪجهه مار ضرور ڪڍندا ليڪن ڪجھ ٻڌائج نه چئج ته آئون پاڻ آيو آهيان منهنجو پڇن ته چئجائين آئون ڪونه سڃاڻان. چئين ته بلڪل ٺيڪ آهي آئون ڪونه ٻڌائيندس مون چيو پاڻ کان وڌ ۾ وڌ اڄوڪو ۽ سڀاڻڪو ڏينهن پڇا ڪندا پرينءَ يعني سورنهن تاريخ ڪورٽ ۾ پيش ڪري جيل موڪليندا چئين ته ٺيڪ آهي ڪا پرواهه ڪونهي ۽ ايتري ۾ ماني وارو آيو چئين ته ماني کائيندا مون سانوڻ کان پڇيو ماني کائيندي چيائين ها مون ماني ورتي ۽ پاڻي گهريوسين ته صرف ھڪ گلاس مليو اڌ مان اسان هٿ ڌوتا مون ماني جو صرف هڪ گراهه کنيو بچيل پاڻي مان ڪجهه پيتم ۽ ڪجهه سانوڻ لاءِ رکيم ان بعد سانوڻ هڪ ڪنڊ ۾ ٽوال وڇائي ڪنهن مھل ويٺو هو ۽ ڪيڏي مھل ليٽيو يا ستو پيو هو، آئون به ڀت کي ٽيڪ ڏيو ڪنهن وقت ويٺو هئس جڏهن ٿڪيس پئي ته فرش تي پاسي ڀر پيو هئس جو مون کي پٺن ۾ سخت سور هو ۽ ڪنڌ سڄي پيو هو ۽ شام جو ستين وڳي صوبيدار لاڪ اپ جو دروازو کوليو ۽ چيائين ته صديق کي ٻاهر ڪڍو ۽ مون کي ٻاهر ڪڍي پاسي واري لاڪ اپ ۾ بند ڪيائون.

بابا اھو ٻن راتين جو احوال سندس ڪاپيءَ تان لکي سگهي آهيان مهينو جيل ۾ رھي آزاد ٿيو ته منجهس ڪافي تبديلي آئي هئي پاڻ گهر ۽ پارٽي جون ذميواريون سنڀاليائين جنهن کان توهان ڪافي مطمئن ٿي ويا هئا. ان کانپوءِ اوڻاسي واري هاري ڪانفرنس ۾ جڏھن گرفتار ٿيو ته حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ توهان سان گڏ رهيو گهڻو خوش هو مون کي خط ۾ لکيائين ادي توهان کي خبر آهي ته آئون ۽ بابا هڪ کولي ۾ رهون ٿا جنهن ۾ هڪڙي ننڍي لوهه جي کٽ ۽ ٻي بئنچ آهي بابا پاڻ بئنچ تي سمهندو آهي مون کي کٽ تي سمهاريندو آهي، آئون چوندو آهيان ته کٽ تي سمهي، پر ڪونه سمهندو آهي. بابا اهي ڏينهن ڏاڍا سٺا ۽ پيارا هئا جيل، جدايون، جدوجهدون زندگيءَ جو مقصد اهڙو حصو ٿي ويون هيون جو ڪابه ڏکيائي نه ٿيندي هئي. بابا سائين سوچيان ٿي ته وڌيڪ ڪهڙيون ڪهڙيون يادگيريون لکان. اوهان جيل مان آزاد ٿيا ته ادا صديق جي ڌام ڌوم سان شادي ڪئي سين. جنھن ۾ پارٽي ۽ راڄ ۽ تمام گهڻا ماڻهو شريڪ ٿيا ۽ جلدي ذوالفقار پيدا ٿيو ته اوھان ڏاڍا خوش ٿيا هئا. مون کي ياد آهي ته ايندي ويندي کيس پيا ڏسندا هئا.

 ايم آر ڊي جي گرفتاري دوران اوهان جيل ۾ هئا ته ادا صديق جو ايڪسيڊنٽ ٿيو اوچتو ايئن وڇڙڻ اوهان جيل مان ڪجھ ڪلاڪن لاءِ پيرول تي آيا هئا اهو سڀ منظر بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ساٿ نٿا ڏين توهان ٻاهر روئيندڙ ماڻهن کي آٿت ڏيندي چيو ھو منھنجي لاءِ توهان سڀ صديق آهيو، گهر آيا ته هڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري آٿت ڏيڻ جي سگھ به ڪونه هئي. پيارا بابا سائين اوهان کي خط لکڻ مهل خبر ناهي ته ڪيئن سڀ ساروڻيون اندر مان اڇل کائي قلم جي نوڪ سان ڪاغذ تي اچي وينديون آهن، سو اوھان سان حال اوري سڪون اچي ويندو آهي، باقي اوهان ته سڀ ڄاڻو ٿا وڌيڪ احوال ايندڙ خط ۾ لکبو تيستائين موڪلاڻي.

اوھان جي ڌيءَ شهناز