باب ٻارهون : آهستي اڳيان وڌو، پر پٺتي موٽ نه ڪيو : ليکڪ: جيمس ڪليئر : سنڌيڪار: فضا قريشي

ڪلاس جي پهرئين ئي ڏينهن تي فلوريڊا يونيورسٽي جي پروفيسر جيري يلسمين پنهنجي فلم فوٽوگرافي جي شاگردن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو.

هن چيو ته کاٻي پاسي وارا مڙئي شاگرد ”تعداد“ گروپ ۾ هوندا. ان گروپ کي انهن جي ڪم جي تعداد جي حساب سان گريڊ ڏنا ويندا. ڪلاس جي آخري ڏينهن تي هو هر شاگرد پاران جمع ڪرايل فوٽن جو تعداد ڏسندو. جنهن جا هڪ سئو فوٽو هوندا ان کي پهريون نمبر ملندو، جنهن جا نوي فوٽو هوندا سو ٻيون نمبر، اسي وارو ٽيون نمبر ۽ اهڙي ريت نمبرن جو سلسلو هلندو.

جڏهن ته ڪمري جي ساڄي پاسي وارا ”ڪوالٽي“ گروپ ۾ هوندا. انهن کي پنهنجي ڪم جي معيار ۽ ڪوالٽي موجب گريڊ ملندا. هو سڄي سيمسٽر ۾ فقط هڪڙو فوٽو به جمع ڪرائي سگھن ٿا، پر پهريون نمبر حاصل ڪرڻ لاءِ کين اهو هڪڙو فوٽو ذري گھٽ پرفيڪٽ فوٽو جمع ڪرائڻو پوندو.

امتحان جي آخر ۾ هو اهو ڏسي حيران رهجي ويو ته سڀ کان بهترين فوٽو ”تعداد“ گروپ ۾ هئا. سيمسٽر جي دوران، جيڪي شاگرد فوٽن وٺڻ ۾ مشغول هئا، انهن ڪمپوزيشن ۽ لائٽنگ جي مامرن تي مختلف تجربا ڪيا، ڊارڪ روم يا اونداهي ڪمري جا مختلف طريقا استعمال ڪيا ۽ پنهنجي غلطين مان سکيا. سوين فوٽن ڪڍڻ جي مرحلي دوران هنن پنهنجي مهارتن کي بهتر بڻايو. جڏهن ته ڪوالٽي گروپ پرفيڪشن جي پٺيان ڊوڙندو رهيو. آخر ۾ وٽن پنهنجي ڪوششن ڏيکارڻ لاءِ سواءِ چند مفروضن ۽ هڪڙي وچٿري ڪوالٽي جي فوٽو کانسواءِ ڪجھ به نه هو.

تبديل ٿيڻ جي لاءِ هڪڙي بهترين پلان جي ڳولها ۾ دٻجي وڃڻ سولو آهي، مثال طور: وزن گھٽائڻ لاءِ تيز ترين طريقو، ڏورا ٺاهڻ لاءِ بهترين پروگرام، گوڙ کان پري رهڻ لاءِ هڪڙو پرفيڪٽ پروگرام. اسين بهترين جي ڳولها ۾ ايترو ته گم ٿي ويندا آهيون جو ڪوبه ننڍڙو عملي ڪم سرانجام نه ڏيئي سگھندا آهيون. جيئن والٽيئر چيو آهي، ”بهترين (ڪم)، سٺي (ڪم) جو دشمن آهي.“

آئون اها ڳالھ ان ڪري پيو ڪريان ته جيئن اسين حرڪت ۾ اچڻ ۽ عمل ڪرڻ ۾ فرق ڪري سگھون. اهي ٻئي ڳالهيون ظاهر ۾ هڪ جهڙيون لڳن ٿيون، پر ايئن ناهي. جڏهن اوهان حرڪت ۾ آهيو ته اوهان رٿابندي ڪيو ٿا، حڪمت عملي جوڙيو ٿا ۽ سکو ٿا. اهي مڙئي سٺيون شيون آهن، پر اهي ڪي به نتيجا ڏيئي نه سگھنديون.

جڏهن ته عمل، روين جو اهڙو طريقو آهي جيڪو نتيجا خيز آهي. جيڪڏهن آئون جڏهن لکان ٿو ته آرٽيڪل لاءِ ويھ خيال جوڙيان ٿو ته اها حرڪت آهي، پر جڏهن آئون باقاعدي ويهي آرٽيڪل لکان ٿو ته اهو آهي عمل. جيڪڏهن آئون بهترين ڊائيٽ پلان جي ڳولها ڪريان ٿو ۽ ان بابت ڪو ڪتاب پڙهان ٿو ته اها آهي حرڪت، پر جڏهن آئون واقعي صحتمند غذا واپرايان ٿو ته اهو آهي عمل.

ڪڏهن ڪڏهن حرڪت ضروري هوندي آهي، پر اها ڪڏهن به ڪوبه نتيجو نه ڏيئي سگھندي آهي، جيستائين ان کي عمل ۾ تبديل نه ڪيو وڃي. ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي ته اوهان پنهنجي ذاتي تربيتڪار سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهايو هجي، پر اها حرڪت اوهان جي جسم کي ڪابه شڪل نه ڏيئي سگھندي. اهو نتيجو صرف تڏهن نڪرندو جڏهن اوهان ورزش ڪندو.

هاڻي هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن حرڪت ڪوبه نتيجو نٿي ڏئي ته پوءِ ان ڪرڻ جو فائدو ۽ مقصد ڪهڙو؟ ڪڏهن ڪڏهن اسان حرڪت ان ڪري ڪندا آهيون جو اسان کي واقعي ضرورت هوندي آهي ته اسان رٿابندي ڪريون يا وڌيڪ سکون، پر اڪثر ڪري اسين حرڪت ان ڪري ڪندا آهيون ته جيئن اسين ڪنهن به ڪم کي ڪاميابي سان بنا ڪنهن خوف خطري جي پورو ڪري سگھون. اسان مان گھڻا تنقيد کي نظر انداز ڪرڻ جا ماهر هوندا. ناڪام ٿيڻ سان يا پبلڪ ۾ اوهان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وڃي ان سان ڪي سٺا احساس نٿا اڀرن ان ڪري اسين ڪوشش ڪندا آهيون ته اهڙي صورتحال پيدا ئي نه ٿئي ۽ اهوئي سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي ته اسين بجاءِ عمل جي حرڪت ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ جو اسين ناڪامي کي اڳتي ڌڪڻ چاهيون ٿا.

حرڪت ۾ اچڻ سولو آهي ۽ ايئن ڪري پاڻ کي يقين ڏيارڻ ته ڪيئن به ڪيئن اوهان ان مامري تي اڳيان وڌو پيا. اوهان سوچيندا آهيو، ”هينئر مون چار ڪلائينٽن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي آهي. اهو ڪم ڀلو ٿيو. اسان صحيح سمت ۾ وڃون پيا.“ يا وري ”مون ان ڪتاب جيڪو مون کي لکڻو آهي ان لاءِ ڪجھ آئيڊيا گڏ ڪيا آهن ۽ ان تي غور ڪيو اٿم. مون کي لڳي ٿو ته هاڻي اهو سهيڙجي پيو.“

حرڪت ڪرڻ سان اوهان اهو محسوس ڪندا آهيو ڄڻ اوهان ڪم اڪلائيندا اچو، پر در حقيقت اها ڪنهن به ڪم ڪرڻ جي تياري هوندي آهي. جڏهن تياري سستي ۽ نٽائڻ جي شڪل اختيار ڪري وٺي ته پوءِ اوهان کي تبديلي جي ضرورت هوندي آهي. اوهان پوءِ فقط رٿابندي ڪرڻ تي نٿا ڀاڙي سگھو. اوهان کي عمل ڪرڻو پوندو.

جيڪڏهن اوهان ڪنهن به عادت تي ڪمال حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان جي ڪنجي اها آهي ته اوهان ان کي دهرايو، نه ڪي ان ۾ مهارت يا پرفيڪشن حاصل ڪريو. اهو ٽئين قانون جي اهم حاصلات آهي: اوهان فقط ان مخصوص ڪم کي جيترا ڀيرا ٿي سگھي دهرايو.

نئين عادت اپنائڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ٿو؟:

عادت ٺهڻ هڪڙي اهڙي عمل جو نالو آهي جنهن ۾ دهراءُ جي وسيلي رويو خودڪار بڻجي پوي ٿو. جيترو اوهان ان کي دهرائيندا اوترو اوهان جو ذهن تبديل ٿيندو ۽ اها عادت پختي ٿيندي. نيورو سائنسدان ان کي ڊگھي عرصي واري قوت ڪوٺين ٿا جيڪا موجوده عادت جي طريقيڪار تي ٻڌل ذهن جي خلين يا نيورونز جي باهمي ڳانڍاپي کي مضبوط ڪرڻ وسيلي حاصل ٿئي ٿي. هر دهراءُ کانپوءِ، هڪڙي سيل کان ٻئي سيل تائين انهن لاڳاپيل خلين جو ڳانڍاپو مضبوط ٿئي ٿو. اهو لقاءُ پهريون ڀيرو مشهور نيورو سائيڪولوجسٽ ڊونلڊ هيب 1949 ۾ پيش ڪيو جنهن کي هيب جو قانون ڪري سڏيو وڃي ٿو. اهو قانون چوي ٿو ”اهي خليا جيڪي گڏ اڀرن ٿا اهي ئي گڏ جڙن ٿا.“

عادت جو دهراءُ ذهن ۾ چٽي طبعي تبديلي آڻي ٿو. موسيقارن ۾، سيريبلم، عام ماڻهن جي نسبت وڏو ٿئي ٿو جنهن ذريعي هن کي ساز جي تارن ڇيڙڻ جهڙوڪ: گٽار وڄائڻ وقت مخصوص تار ڇيڙڻ يا وائلن وڄائڻ وقت سرندي کي ڇڪڻ ۾ مدد ملي ٿي. ساڳئي ريت، رياضي دانن ۾ هيٺئين پيريليل لوبيول ۾ سرمئي مادو وڌيل هوندو آهي، جيڪو انگن اکرن کي گڏ ڪرڻ ۽ حساب ڪتاب ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو آهي. ان جي ماپ جو دارو مدار ان ڳالھ تي هوندو آهي ته اوهان ان کيتر ۾ ڪيترو وقت لڳايو ٿا. رياضي دان جيترو پوڙهو ۽ تجربيڪار هوندو اوترو سندس پيريليل لوبيول ۾ سرمئي مادو وڌيڪ هوندو.

جڏهن سائنسدانن لنڊن ۾ هڪڙي ٽيڪسي ڊرائيور جي دماغ جو معائنو ڪيو ته مٿن انڪشاف ٿيو ته هپوڪيمپس (دماغ جو اهو حصو جيڪو مختلف روڊن رستن، ماڳن مڪانن کي ياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي) اهو غير رواجي طرح وڏو هو. مزي جي ڳالھ اها آهي ته هپوڪيمپس وري گھٽجي ويو جڏهن ڊرائيور رٽائر ٿيو. اهو بلڪل ايئن آهي ته هڪڙي باڊي بلڊر جا ڏورا هڪڙي عام رواجي ماڻهو جي مقابلي ۾ وڏا ۽ طاقتور هوندا آهن. اسان جو ذهن به بلڪل ايئن ئي آهي. جڏهن ان جي ڪنهن خاص حصي جو استعمال ڪجي ٿو ۽ لڳاتار ڪجي ٿو ته اهو حصو خود بخود وڌي وڏو ٿي وڃي ٿو ۽ وري جڏهن ان جو استعمال ڇڏي ڏجي ٿو ته اهو خود بخود سسي وڃي ٿو.

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته عادتن اپنائڻ ۾ دهرائڻ جي اهميت نيورو سائنسدانن جي تجربن کان اڳي ئي آشڪار ٿي چڪي هئي. 1860 ۾ انگريز فلاسافر جارج ايڇ ليوس اهو نوٽ ڪيو ته، ”ڪنهن به نئين ٻولي سکڻ لاءِ يا ڪو نئون موسيقي جو آلو وڄائڻ لاءِ يا اهڙي ڪا غير روايتي جسماني هلچل ۽ حرڪت ڪرڻ لاءِ شروع ۾ شديد ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ جو ذهن جا اهي سمورا چينل يا رستا ٺهيل ئي ناهن هوندا جيڪي ان ڪم ۾ ملوث سمورين حساسياتي حرڪتن کي جهٽي سگھن، پر جيئن جيئن ان ڪم جو دهراءُ ٿيندو تيئن تيئن ذهن ۾ اهي گھيڙ ۽ گھاٽ ٺهندا ايندا ۽ آهستي آهستي اها درپيش ڏکيائي ويندي گھٽجندي تان جو اهو ڪم خودڪار بڻجي ويندو ۽ پوءِ ڀلي ان ڪم جي دوران اوهان جو ذهن ڪنهن ٻئي شيءِ ۾ مصروف هجي.“ قصو مختصر اهو ته عام رواجي طرح توڙي سائنسدانن جا تجربا ٻئي ان ڳالھ تي متفق نظر اچن ٿا ته بار بار دهراءُ سان ئي تبديلي ممڪن آهي.

هر ڀيري جڏهن اوهان ان ڪم کي دهرايو ٿا ته اوهان ان لاڳاپيل دماغي سرڪٽ کي متحرڪ ڪيو ٿا. ان جو سولو مطلب اهو ٿيو ته ان عادت کي بار بار دهرائڻ ئي اهو اهم قدم آهي جنهن وسيلي اوهان پنهنجي عادت کي يقيني بڻائي سگھو ٿا. اهوئي سبب آهي جو اهي شاگرد جن مڻن جي حساب سان فوٽو ڪڍيا اهي انهن شاگردن جي مقابلي ۾ اهي مهارتون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جيڪي هڪڙي بهترين فوٽو ڪڍڻ لاءِ رڳو مفروضن، بحثن ۽ ڳالهين ۾ منڌل رهيا. هڪڙو گروپ سرگرمي سان ڪم کي لڳو رهيو جڏهن ته ٻئي گروپ غير فعال طريقي سان سکڻ کي ترجيح ڏني. هڪڙو عمل ۾ هو ۽ ٻيو حرڪت ۾.

مڙئي عادتون انهيءَ طريقيڪار تي هلن ٿيون يعني ڪوشش وٺي عمل ڪرڻ کان ويندي خودڪار رويي تائين. ان سموري طريقيڪار کي خودڪاري جو عمل سڏجي ٿو، جيڪو دراصل هڪڙي اهڙي عمل جو نالو آهي جنهن ۾ بنا شعوري طرح سوچڻ جي اهو ڪم سرانجام ڏجي. اهو سمورو عمل ڪجھ هن ريت نظر اچي ٿو:

(……………………………………………. تصوير نمبر 11)

تصوير 11: شروعات ۾ (پوائنٽ اي)، جنهن ۾ عادت کي جڙڻ ۾ چڱي ڀلي شعوري ڪوشش لڳي ٿي ۽ فوڪس ڪرڻو پوي ٿو. ڪجھ دفعي جي دهرائڻ کانپوءِ (پوائنٽ بي)، اهو ڪجھ سولو ٿي پوي ٿو، پر ان کي اڃان به وڌيڪ شعوري ڪوششن سان بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. بار بار جي دهراءُ کانپوءِ (پوائنٽ سي)، عادت ايتري ته خودڪار بڻجيو پوي جو ان کي شعوري ڪوشش جي ضرورت نٿي پوي. ان سرحد، جنهن کي عادت جي لڪير چئي سگھجي ٿو، اهو رويو سوچڻ کانسواءِ خودڪار بڻجيو پوي ۽ اهڙي ريت نئين عادت جڙيو پوي.

اڳين صفحن ۾ اوهان ڏسندو ته ان سموري عمل جا ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا جڏهن محقق اصل عادت جي خودڪار عمل جي سطحن جي جاچ ڪندا جهڙوڪ: روز ڏھ منٽ پنڌ ڪرڻ. انهن چارٽن جي شڪل، جنهن کي سائنسدان ”سکڻ جا ور وڪڙ“ سڏين ٿا، روين بابت هڪڙو اهم سچ آشڪار ڪن ٿا، اهو آهي ته، ”عادت جڙڻ جو انحصار وقت تي نه پر ان جي دهرائڻ تي آهي.“

(………………………………………… تصوير 12)

تصوير 12: اهو گراف ڪنهن ماڻهو جي روزانو ناشتي کانپوءِ ڏھ منٽ پنڌ ڪرڻ جي عادت کي ظاهر ڪري ٿو. اهو نوٽ ڪريو ته جيئن جيئن ان کي دهرايو وڃي ٿو تيئن تيئن ان جي خودڪاري جي صلاحيت وڌندي وڃي ٿي تان جو اهو عمل سولو ۽ خودڪار بڻجي پوي ٿو.

ان ڏس ۾ جيڪو سڀ کان عام سوال مون ٻڌو آهي اهو اِهو آهي ته ”هڪڙي نئين عادت جوڙڻ لاءِ ڪيترو وقت درڪار آهي،“ پر آئون سمجهان ٿو ته ماڻهن کي دراصل اهو پڇڻ گھرجي ته ”هڪڙي نئين عادت جوڙڻ لاءِ ان کي گھڻا ڀيرا دهرائڻ گھرجي.“ ڇاڪاڻ جو ڪنهن به عادت کي پختي ڪرڻ لاءِ ان جو دهراءُ ضروري آهي ته جيئن اها خودڪار بڻجي وڃي.

ڪنهن به عادت کي اپنائيندي ڪيترو وقت گذري چڪو آهي اهو بي معنيٰ آهي جيستائين اوهان ان کي دهرايو نٿا. ڪهڙو فرق ٿو پوي ته اوهان کي ان ڪم ڪندي 21 ڏينهن ٿيا يا 31 ڏينهن يا وري ٽي سئو ڏينهن. جنهن شيءِ جو فرق پوي ٿو سا اها آهي ته اوهان ان کي ڪيترا ڀيرا دهرايو. هڪڙو ڪم اوهان مهيني ۾ ٻه ڀيرا به ڪري سگھو ٿا يا ٻه سئو ڀيرا به. اهو دهراءُ ئي آهي جيڪو فرق پيدا ڪري ٿو. اوهان جي موجوده عادت تڏهن ئي پختي ٿي آهي جڏهن اوهان ان کي سئو ڀيرا نه پر هزار ڀيرا ڪيو هوندو. ساڳيو لقاءُ نئين عادت سان آهي. ان کي جوڙڻ لاءِ اوهان کي ان کي ايترا ڀيرا دهرائڻو پوندو جو اها عادت، عادت جي لڪير کي پار ڪري وڃي.

عملن، اها ڳالھ اهم ناهي ته ان رويي کي خودڪار بڻجڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ٿو. جيڪا شيءِ اهم آهي اُها اِها ته اوهان ان ۾ پيش رفت ڪرڻ لاءِ ڪيترا ڀيرا ان عمل کي دهرايو ٿا. ايتري قدر جو اهو به اهم ناهي ته اهو عمل خودڪار بڻجي وڃي.

عادت جوڙڻ لاءِ اوهان کي پريڪٽس جي ضرورت آهي ۽ ان جو اثرائتو طريقو اهو آهي ته روين جي ٽئين قانون سان چهٽا پيا هجو، جيڪو چوي ٿو، ”ان کي آسان بڻايو“. ايندڙ باب اوهان کي اهو ٻڌائيندا ته اهو ڪم آسان اوهان ڪيئن بڻايو.

باب جو خلاصو:

  • روين جو ٽيون قانون آهي ”ان کي آسان بڻايو.“
  • سکڻ جو اثرائتو طريقو آهي ته ان تي عمل ڪريو نه ڪي اهو ته ان جي رٿابندي ڪريو.
  • عمل ڪرڻ تي فوڪس ڪريو، نه ڪي حرڪت ڪرڻ تي.
  • عادت نالو آهي اهڙي رويي جو جيڪو بار بار دهرائڻ سان خودڪار بڻجي وڃي.
  • ڪنهن به عادت کي پختي ڪرڻ لاءِ اهو اهم ناهي ته اوهان ان کي ڪيترو پراڻو اختيار ڪيو آهي بلڪه اهو اهم آهي ته اوهان ان کي ڪيترا ڀيرا دهرايو آهي. …(هلندڙ)….
0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments