باڪسر عامر خان هڪ دفعو ٻيهر رنگ ۾ لهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان هڪ دفعو ٻيهر رنگ ۾ لهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي يونيفائيڊ لائٽ ويلر ويٽ ورلڊ چيمپين عامر خان مارچ، اپريل ۾ فائٽ ڪندو. پاڪستاني ڄائو برطانوي باڪسر عامر خان جو مخالف آمريڪا يا يورپ جو هوندو. باڪسر عامر خان چيو آهي ته باڪسنگ جي پروموشن سان گڏ پنهنجي ٽريننگ تي به ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ مارچ يا اپريل ۾ فائٽ ڪرڻ جو ارادو آهي. هن چيو ته منهنجو مخالف ڪير هوندو اهو اڃان طئي ناهي ٿيو. ڪورونا وائرس سبب روزاني جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن باڪسر عامر خان وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ راندين کي هٿي ۽ سماجي فلاح ۽ بهبود جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.