بحرانن جي ور چڙهيل سنڌ! مدثر کهاوڙ | # فيبروي 2022
ٻاهرين ملڪن ۾ حڪومتون عوام جي ڀلائي لاءِ سوچي سمجهي اعلان ڪري عملي ڪم ڪنديون آھن ته جيئن ملڪ ترقي به ڪري ۽ عوام جا مسئلا به حل ٿي سگهن ۽ دنياوي سطح تي نالو به روشن ٿي سگهي. پوءِ عوام خوشحال ته ملڪ خوشحال ٿيندو آھي، پر اسان وٽ هتي ڪم جي ابتڙ ڪم هلي ٿو. جڏھن ته هتي اسان جا حڪمران عوام جي سوچڻ بجاءِ ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آھن، جن عوام جو پئسو لٽي ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتون خريد ڪيون آھن ۽ پوءِ عوام سدائين دربدر آھي. ووٽ وٺڻ مهل چونڊيل نمائندن طرفان واعدا ڪيا ويندا آھن ۽ سبز خواب ڏيکاريندا آھن ته توهان جا جيڪي مسئلا آھن اهي حل ڪيا ويندا، جيئن روڊ رستا، تعليم، صحت، بيروزگاري ۽ کوڙ سارن مسئلن جي حل جا خواب ڏيکاري حڪمران چونڊجڻ کانپوءِ لڀن ئي نٿا. پوءِ عوام ويٺو ٿو پنج سال سڏڪا ڀري، پوءِ وري ٿئي ايئن ٿو جو پنجن سالن بعد حڪمران ڪوڙا قسم کڻي چوي ٿو ته يار مٿي حڪومت فلاڻن جي هئي، هيٺ حڪومت فلاڻن جي هئي. جڏھن ته چونڊيل نمائندا پاڻ بجيٽون ۽ مراعتون وٺي ويهي رهن ٿا، عوام ساڳيو سورن ۾ پر اهڙين ڳالهين سان عوام جو ڇا وڃي عوام کي ته چونڊيل نمائندن طرفان ڪوبه رليف نٿو ملي، جنهن ڪري سنڌ جي هر تڪ توڙي علائقن جا روڊ رستا، اسڪول، صحت، سرڪاري ادارا تباهه حال آھن ۽ چونڊيل نمائندن جا فنڊ ۽ ٽائونن جي ميونسپلن جون ڪروڙين رپين جون بجيٽون خبر ناهي ڪٿي خرچ ٿين ٿيون. هڪ طرف اها صورتحال آھي ته ٻئي پاسي ڪافي ڏينهن کان وٺي سنڌ توڙي ملڪ ۾ زرعي يوريا ڀاڻ جو بحران پيدا (ڪيو ويو) ٿي ويو آھي. جڏھن ته اڳ ۾ ئي زرعي ڀاڻ جي کوٽ سبب آبادگار طبقو سخت پريشان هو ۽ ڀاڻ جي کوٽ ڪري آبادگارن کي ويتر پريشان ڪيو ويو آھي. اسان جي سنڌ ۾ تقريبن 70 سيڪڙو ماڻهن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح دارو مدار زرعي آبادي تي آھي جيڪي آبادگار ڪڻڪ، ساريون، ڪمند، وونئڻ ۽ ٻيا ڪيترائي فصل ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا آھن، اهي فصل اسان جي سنڌ توڙي پاڪستان جي ڪرنگهيءَ جي ھڏي پڻ آھن ۽ آبادگار ماروئڙا آبادي ڪري سال جي خريداري پڻ ڪندا آھن، ڪيترن جو ته فصل تي گذارو هوندو آھي ۽ هُو شادين ڪاڄن جا پروگرام به فصل کڻي پوءِ ڪندا آھن، پر واپارين توڙي حڪمرانن هتان جي آبادگارن کان سارين ۽ ڪڻڪ جو فصل به کسي ورتو آھي. هن سال ته پاڻي جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو، جنهن سبب رائيس ڪئنال جي پٽي جو 45 سيڪڙو سارين جو فصل نه ٿي سگهيو، جيڪڏھن فصل ٿيو به آھي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. جڏھن ته زرعي پاڻي بحران جي ڪري ڪيتريون زمينون بنجر بڻجي ويون آھن، جنهن ڪري آبادگار ڪنگال ٿي ويا آھن ته ٻئي پاسي ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو ويو آھي. ڪارو ڀاڻ ڊي اي پي جيڪو في ٻوري 38 سئو کان 4 هزار تائين ملندي هئي اها هن وقت 9 کان 10 هزار تائين في ٻوري بليڪ تي آبادگارن کي ملي رهي آهي. جڏھن ته اڇو ڀاڻ جنهن جي سرڪاري في ٻوري جي رقم 1768 رپيا هئي جيڪا بليڪ تي 28 کان 3 هزار تائين آبادگارن کي في ٻوري ملي رهي آهي، جنهن ڪري واپارين ۽ ڊيلرن آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦريو آھي ۽ هن سال ته واپارين اهڙو ڪم ڪيو جو ڇاپن جي ڊپ کان ڀاڻ رائيس ملن ۽ گودامن تي نه پيا رکن، پر اهي واپاري ڀاڻ جا ٽرالر پنهنجي گهرن يا عزيزن، مٽن مائٽن ۽ دوستن جي گهرن ۾ اسٽاڪ ڪري رکن پيا ۽ اتان ئي لڪ ڇپ ۾ ڀاڻ وڪرو ٿئي پيو. جڏھن ته هڪڙا ڌاڙيل رات جو ڪلاشنڪوف کڻي ڦريندا آھن، پر هي ته سفيد پوش ڌاڙيل آھن جن آبادگارن کي بليڪ تي ڀاڻ ڏيئي پريشان ڪري انهن کي ٽيڻي اگهه تي ڦريو آھي. ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومت پاران ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي اختيار ڏنا ويا هئا ته اهي وڃي ڀاڻ جو بحران ختم ڪرائي ڇاپا هڻي آبادگارن کي ڀاڻ مهيا ڪن، پر اهي پاڻ واپارين ۽ ڊيلرن آڏو بيوس نظر آيا. جڏهن ته اهي ڪامورا هڪڙو ڇاپو ھڻي ميڊيا آڏو هڪڙو پريس بيان جاري ڪن پيا. باقي ڀاڻ جو ريٽ ساڳيو بليڪ تي هلي پيو، پر آبادگارن کي ڀاڻ ئي نه پيو ملي. بليڪ مارڪيٽنگ ختم ڪرائڻ لاءِ مختيارڪارن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي مقرر ڪيو ويو، جڏھن ته اهي خود آفيسن ۾ تپيدارن جي مدد سان پئسن کان بنا فوتي کاتا تبديل ناهن ڪندا، جيڪي زمين جي رجسٽري ڪرائڻ جا پئسا وٺن، جيڪي ڍل جي آڙ ۾ لکين رپين جي ڪرپشن ڪن ڇا اهي ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ختم ڪرائيندا؟ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ جا ڪافي سبب ميڊيا تي رپورٽ به ٿيا آھن. ڀاڻ جي شارٽيج ان ڪري به ٿي ته اينگرو ڀاڻ هتان کان افغانستان به سپلاءِ ٿيو، پر اوڏانهن ڪنهن به حڪمران ڌيان نه ڏنو. جڏھن ته اتي يوريا ڀاڻ جي في ٻوري 7 هزار کان 8 هزار رپين تائين وڪرو ٿئي پئي ۽ لکين ٻوريون ڀاڻ جون پنجاب به سپلاءِ ٿيون جنهن سان سنڌ جي آبادگارن کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. ڪجهه ڳالهيون اهي به هيون ته ڊيلرن ۽ واپارين ڄاڻي واڻي ڀاڻ اسٽاڪ ڪري ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو آهي. ڪجهه ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ گئس جي بحران جي ڪري اينگرو ڪمپني کي هر سال جيان هن سال گئس جي شارٽيج ٿي جنهن ڪري ڀاڻ جي کوٽ پيدا ٿي، پر اينگرو ڪمپني جو بار بار اهو بيان سامهون اچي پيو ته اسان جي ڪمنپي طرفان ڀاڻ جي ڪابه کوٽ ناهي. جڏھن ته روٽين مطابق روزاني 4 لک 70 هزار يوريا ڀاڻ جي ٻوري تيار ڪري سپلاءِ ڪئي وڃي ٿي، جيڪو ڊيلرن کي ڀاڻ ملي پيو. بهرحال هاڻي ته ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو ويو، پر اسان ڪيترن بحرانن سان منهن ڏينداسين. اسان وٽ زرعي پاڻي جو بحران، بجلي جو بحران، پئٽرول جو بحران، کنڊ جو بحران، ڪڻڪ جو بحران، گئس جو بحران، تعليم جو بحران، اٽي جو بحران ۽ ھاڻي وري ڀاڻ جو بحران پيدا ڪري ڪڻڪ جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسايو ويو آھي. هونئن هر سال سنڌ سرڪار ڪڻڪ جو سرڪاري هدف پوري ناهي ڪري سگهندي ۽ هن سال ته ڀاڻ جي بحران جي ڪري فصل هونئن ئي گهٽ ٿيو آھي ته خوراڪ کاتو ڪڻڪ جو هدف ڪيئن پورو ڪندو؟ جڏھن وري حڪومت جي ڳالهه ايندي ته حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ته پاڪستان پيپلز پارٽي وارا چوندا ته وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آھي ۽ وري پي ٽي آءِ وارا چوندا ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آھي، اهي چوڻ نٿا ڪن سو اهي حڪمران هڪٻئي تي ميڊيا تي الزام لڳائڻ ۾ پورا آھن ۽ عملي ڪم ڪوبه ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ انهن حڪمرانن جي گيم ۾ عوام جو نقصان ٿي رهيو آھي ۽ عوام ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندو پيو وڃي ۽ مهانگائي جي دور ۾ گهر هلائڻ به مشڪل بڻجي ويو آھي. سنڌ جو عوام فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ۽ اسان سدائين بحرانن جي ور چڙهيل آهيون ۽ اهڙا حڪمران 2023ع واري اليڪشن ۾ لڳا ته 2028ع تائين وري نون بحرانن جي ور چڙھي وينداسين.