خاص

براڊ شيٽ معاملو: جسٽس(ر) عظمت سعيد تي ٻڌل جاچ ڪميشن جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد براڊ شيٽ معاملي جي جاچ لاءِ جسٽس(ر) عظمت سعيد تي ٻڌل هڪ رڪني ڪميشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي ڪابينه ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن سان گڏ ٽي او آرز به جاري ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن موجب ڪميشن انڪوائري ايڪٽ 2017 جي تحت جوڙيو ويو جيڪو 6 هفتن ۾ انڪوائري مڪمل ڪندو. جڏهن ته ڪميشن کي جاچ جي لاءِ آفيسرن ۽ ماهرن تي ٻڌل ڪميٽيون ٺاهڻ جو اختيار هوندو.

نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪميشن براڊشيٽ ۽ آءِ اي آءِ جي چونڊ، مقرري ۽ معاهدن جي ڇان بين ڪندو. جڏهن ته ڪميشن براڊ شيٽ ۽ انٽرنيشنل ايسٽ ريڪوري فرمز سان معاهدن جي منسوخي جي سببن جي به جاچ ڪندو. ان کان علاوه ڪميشن 2000 ۾ براڊ شيٽ کي پاڪستان جي ادائگين جي سببن ۽ ان تي اثرن جي نشاندهي به ڪندو.

ڪميشن جي قيام جي نوٽيفڪيشن واري ڪاپي اٽارني جنرل، سيڪريٽري ٽو صدر، سيڪريٽري ٽو پرائم منسٽر ۽ سيڪريٽري قانون کي به ڪاپيون اماڻيون ويون آهن. واضح رهي ته اپوزيشن براڊ شيٽ ڪميشن جي معاملي تي جسٽس(ر) عظمت سعيد کي ڪميشن جو سربراهه بنائڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.