خاصدنيانيو‍‍ز

برطانيا چيني ڪمپني هواوي جي فائيو-جي ٽيڪنالاجي تي پابندي عائد ڪري ڇڏي.

برطانيا چيني ڪمپني هواوي جي فائيو-جي ٽيڪنالاجي تي پابندي عائد ڪري ڇڏي آهي. برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي مطابق، برطانيه ۾ موبائل فون ڪاروبار ۾ شامل ماڻهن تي 31 ڊسمبر 2020 کان چيني ڪمپني هواوي جي فائيو-جي ٽيڪنالاجي خريد ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. جڏهن ته 2027 کان پهرين موبائل فون ڪمپنين کي پنهنجي نيٽ ورڪن سموري چيني ڪمپني کي فائيو-جي ڪٽ کي هٽائڻو پوندو. برطانيه جي ڊجيٽل سيڪريٽري اوليور ڊائوڊين پارليامان جي هن حڪومتي فيصلي کان آگاهه ڪندي چيو ته حڪومت جي ان قدم سان ملڪ ۾ هڪ سال کان پهرين فائيو-جي جو آغاز تاخير جو شڪار بڻبو. برطانوي ميڊيا موجب، برطانيه اها پابندي آمريڪا جي چين تي پابندين کانپوءِ لڳائي آهي. جنهن ۾ هواوي کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو آهي. برطانوي ڊجيٽل سيڪريٽري چيو آهي ته هواوي تي پهرين کان لڳل پابنديون ۽ هاڻي حڪومتي قدمن جي مجموعي لاڳت 2 ارب برطانوي پائونڊ تائين هوندي. هن چيو ته حڪومت لاءِ هي آسان فيصلو ناهي، پر برطانوي ٽيليڪام سيڪٽر اسان جي قومي سلامتي ۽ معيشيت لاءِ درست فيصلن مان هڪ آهي جنهن کي يقينن گڏوگڏ  اڳيان وڌڻو آهي. ٻئي طرف برطانوي حڪومتي فيصلي تي هواوي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته اها برطانيه ۾ موبائل فون رکندڙ هرهڪ شخص لاءِ خراب خبر آهي، جنهن سبب خطرو آهي ته برطانوي شهري ڊجيٽل جي سست رفتار دور ۾ شامل ٿي ويندا. ڪمپني جو چوڻ آهي ته حڪومتي فيصلو هواوي جي صارفين کي سمارٽ فونز وڪرو ڪرڻ جي صلاحيت کي متاثر نه ڪندو. برطانيا ۾ مقرر چيني سفير پڻ برطانوي حڪومت جي فيصلي کي مايوس ڪندڙ ۽ غلط قرار ڏنو، اهو سوال جو نشان هو ته ڇا برطانيا ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪمپنين لاءِ کليل ۽ غير امتيازي ڪاروباري ماحول فراهم ڪري سگهي ٿو؟ ان دوران آمريڪا جي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو برطانوي حڪومت جي فيصلي جو ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته ان قدم برطانيا کي انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي جيڪي پنهنجي قومي سلامتي لاءِ اهڙي غير معتبر ڪمپنين کي پابند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.