بلدياتي چونڊون ڪرائڻيون آهن يا نه جواب جمع ڪرايو: وفاقي ۽ صوبائي اليڪشن ڪميشن جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ بلدياتي چونڊن متعلق اليڪشن ڪميشن کان جواب گهري ورتو. سنڌ ۾ جلدي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ متعلق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت وفاقي ۽ صوبائي اليڪشن ڪميشن کان لکت ۾ جواب گهري ورتو. اليڪشن ڪميشن جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته 30 آگسٽ تي چار سال مڪمل ٿي ويندا جنهن کانپوءِ 120 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرايون وينديون. اليڪشن ڪميشن جي نمائندي جي جواب تي عدالت حڪم ڏنو ته چونڊون ڪرائڻيون آهن يا نه، جواب جمع ڪرايو، هي جيڪو زباني بيان ڏيئي رهيا آهيو، اهو لکت ۾ ڏيو. جنهن کانپوءِ عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments